سرمد کي سنڌ ساري ٿي


سنڌ ڌرتي جي سرموڙ فنڪار سرمد جي اڄ ورسي آهي، سرمد جنهن جي معنيٰ آهي هميشه رهندڙ، دائم

مغل حڪمران اورنگزيب جي حڪومت ۾ هڪ صوفي رهندو هو جنهن جو نالو هو سرمد ۽ اُن کي قتل ڪرايو ويو هو، اِهڙي ئي ريت اسان جي سرمد کي بہ قومي توڙي انقلابي گيتن ڳائڻ جي عيوض هڪ وڏي رٿا تحت اسان کان الڳ ڪيو ويو

 ظاهري طور تہ اهو سڄو ڪجھ هڪ حادثي طور پيش ڪيو ويو ليڪن حادثا ايترا جلدي وقع پذير ناهن ٿيندا ڇو تہ سرمد جي ان حادثي کان پهريان بہ سرمد کي هڪ حادثو ڪجھ وقت اڳم پيش اچي چڪو هو. جنهن ۾ کيس تمام گهڻا ڌڪ لڳا هئا ليڪن ٻي حادثي کي ايتري تہ مهارت سان ترتيب ڏنو ويو هو اُن جو شڪار ٿيندي نيٺ سرمد کي اسان کان جسماني طور الڳ ٿيڻو پوندو

سرمد جي آواز سان ڪومائل دلين کي فرحت ملندي هئي. سرمد جي آواز سان ڪٺورتا جي لپيٽ ۾ آيل دلين منجھ ديس جي دردن لاءِ بيداري نمودار ٿيندي هئي، سرمد جنهن جي آواز جو جادو جهر جهنگ ۾ مزدورن، هارين نارين ۽ ٻارن کي پنهنجي ديس جي داخلي ۽ خارجي جهلڪ ڏيکاريندو هو. سرمد جيڪو سائين جي ايم سيد جو سچو پارکو ۽ عاشق هو

کيس سيد سان عشق ڪرڻ جي ڏوھ ۾ وقت جي فرعونن جام شهادت پياريو، آءُ اڄ ڏينهن تائين سرمد سان پيش آيل حادثي کي قدرتي حادثو نٿو سمجهان، اهو حادثو نہ پر هڪ مڪمل رٿيل ترڪيبي رٿا هئي  جنهن جو مقصد سنڌ جي درد، ڪوڪن ۽ دانهن جي ترجماني ڪندڙ آواز کي هميشه لاءِ دٻائڻ هو تہ جيئن هن مظلوم قوم کي ڪو سگهارو آواز بہ نصيب نہ ٿي سگهي، سندن دانهون ۽ ڪوڪون بي آواز بڻجي ڪري خاموشي سان دَٻجَي لٽَجيِ ختم ٿي وڃن

ليڪن ائين ٿيڻ ممڪن ڪٿي آهي، هيتري عرصي گذرڻ جي باوجود بہ جڏهن ماڻهو سرمد کي وساري نہ سگهيا آهن ۽ سندس انقلابي گونجار جهر جهنگ ۾ پنهنجو پاڻ وڏي پئماني تي ملهائي پئي ٿي تہ آءُ کيس هميشه اهو چوندو آهيان” سرمد سنڌ توکي ساري ٿي



Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو