سنڌ هاڃا ۽ هيڻا ماڻهو

ڪتاب تي تبصرو

                    سنڌ هاڃا ۽ هيڻا ماڻهو
                                                      ليکڪ نواز خان زئور

سنڌ ڌرتي جي مجموعي صورتحال توهان اسان سڀني جي سامهون آهي. هر روز نت نوا ڪالم، مضمون توڙي ڪهاڻيون سنڌ جي دردن جون عڪاسي ڪن ٿيون. لکڻ کان هٽي ڪري وري ڳالھ ٻولھ، ميل ملاقات توڙي ڪچهرين ۾ پڻ سنڌ ڌرتي جي سورن توڙي تڪليفن جو تذڪرو وڏي جهجي تعداد ۾ ڪيو ويندو آهي اُن جي باوجود ڪجھ ليکڪ اهڙا هوندا آهن جيڪي سنڌ ڌرتي سان ٿيندڙ هر هڪ ناحق، بي واجبي توڙي نا جائزي تي پنهنجي علمي، ادبي توڙي عملي ڪم سان آواز بلند ڪندا آهن.

سنڌ هاڃا ۽ هيڻا ماڻهو ڪتاب جو ليکڪ نواز خان زئور پڻ انهن ماڻهن مان هڪ آهي جنهن کي پنهنجي ڌرتي جو اونو ۽ فڪر گهڻو تڻو آهي. مفڪر اعظم سائين جي ايم سيد ۽ سنڌ جي سرموڻ ليکڪ عبدالواحد آريسر کان پوءِ نواز خان زئور اهو ماڻهو آهي جنهن جا ڪالم، مضمون توڙي لکڻيون سنڌ ڌرتي کي پنهنجو محور ۽ مرڪز سمجهندي سندس ئي ڳالهين سان ٽمٽار هجن ٿيون، سندس هر هڪ ليک ۾ سنڌ جي مسئلن، انهن جي تباهڪارين توڙي انهن جي حل لاءِ انتهائي مفيد ۽ ڪارائتا تجويز ڏنل هوندا آهن.

سندس هي ڪتاب سنڌ هاڃا ۽ هيڻا ماڻهو پڻ سنڌ جي اهم ٽن مسئلن تي لکيل ڪالمن ۽ مضمونن تي مشتمل آهي، ڊيم جو معاملو هجي، سنڌ اندر قومي ڪارڪنن جي گمشدگي جو معاملو هجي توڙي ڌارين جي آبادڪاري جو معاملو هجي، سندس قلم هر هڪ اهم ۽ سنجيده مسئلن تي پنهنجو فرض نڀايو آهي ۽ سنڌ جي انهن اهم معالمن جي حقيقتن توڙي سنڌ جي عام ماڻهو جي ذميوارين جو ذڪر پڻ ڪيو ويو آهي.

قدرتي آفتن ۽ مصيبتن بابت ليکڪ لکي ٿو:

” سبب ڪهڙا بہ هجن، ڪئين بہ ٿيو هجي، پر مصيبتون ۽ آفتون اينديون آهن. اهي زندگي جو هڪ حصو آهن. بهادر، دلير ۽ سجاڳ قومون انهن آفتن کي ٻڌي، حوصلي، همٿ ۽ تڪڙن قدمن وسيلي منهن ڏينديون آهن.“

واقعي اشرف المخلوقات هوندي انسان کي مصيبتن کان گهٻرائڻ نہ گهرجي مصيبتون وقتي طور آزمائش هونديون آهن انسان کي پنهنجي اندر ۾ ڪائنات جيتري وسعيت رکڻ گهرجي جنهن جي اندر ڪا بہ ڀڃ ڊاھ انسان کي ڪمزور نہ ڪري سگهي.

ان کان علاوه اسان جي معاشري جا عام ماڻهو جهڙي سماجي بهتري جي توقع صدين کان وٺي ڪري پنهنجي اکين ۾ سمايو ويٺا آهن انهي بهتري کي ڪيتري توڙي ڀلائي جي اميد بابت ليکڪ لکي ٿو:

” سنڌ جا ماڻهو تمام گهڻي وقت کان وٺي ڪنهن تبديلي، ترقي ۽ بهتري جي آس لڳايو ويٺا آهن. هر نئين حڪومت سان هو اِها اميد واڳيو ٿا ڇڏين تہ اِن جي اچڻ سان اسان جا صدين پراڻا سور ختم ٿي ويندا ۽ ڪو سڻائو واءَ ورندو، جنهن ۾ هو ڪو سک جو ساھ کڻي جِيئِي سگهندا. انهيءَ اميد ۽ آس تي هو يارنهن سال لڳاتار ضيائي آمريت سان وڙهندا رهيا. انهن تمنائن جي بهڪاوَن ۽ دوکن ۾ هو گذريل اڌ صديءَ کان پيپلز پارٽي کي وؤنٽ ڪندا ٿا اچن. انهيءَ آسري جي ڇايا ۾ هو زندگي جي تلخ ترين گهڙين ۾ جيئندا ۽ اداس صبحن کي نراس شامن ۾ بدلائيندا رهن ٿا. ماڻهو بہ بنهہ عجب چيز آهي، هُن جي آس ٽُٽي نہ ٿي ٽُٽي ! آس بہ ڪنهن وڻ وانگر آهي. پوري وچ تان وڍي ڇو نہ ڇڏجي، مُند اچڻ تي وري موريو اچي. “

اسان وٽ سماج جو لقاءُ، مظهر توڙي منظر جيتوڻيڪ اهڙو نہ آهي جهڙوڪ سڌريل ملڪن جو هوندو آهي هتي هر ڏينهن اسان نون مونجهارن ۾ مبتلا ٿيندا رهو ٿا، انهي معاشرتي پهلو جي بابت ليکڪ لکي ٿو:

” هتي ڪو هڪ مسئلو تہ آهي ڪونہ. هر نئين ڏينهن نت نوان مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن. محڪومي روز نئون مسئلو ڄڻي ٿي. چومکي ويڙھ آهي، جنهن ۾ ماڻهن کي ڦاسايو ويو آهي. هر ماڻهو پريشان آهي، ڳڻتي ۽ ڳاراڻي ۾ ورتل آهي. مسئلي جو صحيح ادراڪ مسئلي جي حل ڏانهن اڳڀرائي هوندو آهي. ان ڪري هر مسئلو اپٽارڻ گهرجي. اها اپٽار محض ڍنڍورو ناهي، پر حل ڏانهن پيشقدمي ۽ جاکوڙ جو سڏ پڻ آهي. “

هر روز نت نوان مسئلا پيدا ٿين ٿا وري اهي ساڳيا مسئلا ختم ٿيڻ بجاءِ وڌڻ لڳن ٿا. ايتري قدر وڌي وڃن ٿا جو آخرڪار انهن کي ختم ڪرڻ جو خيال ئي خود ختم ٿيو وڃي. حڪمرانن جي نا اهلي جي بابت ليکڪ لکي ٿو:

” اها جدا ڳالھ آهي تہ هتي ڏاڍي جي لٺ کي اڳي ٻہ مٿا هوندا هئا، هاڻي اهي وڌي چار ٿي ويا آهن. مصيبت اِها بہ آهي تہ اُها لٺ انڌن جي هٿن ۾ آهي. “

حڪمرانن جي غلط پاليسين توڙي ناقص حڪمت عملين جي سبب سڄو سارو سماج تباهي ڪناري تي بيٺو آهي انهي جو هڪ سبب محڪومي پڻ آهي ڇو تہ آزاد قومن جا آزاد معاشرا بنھ سهڻا سيبتا ۽ اصولن تي قائم ٿيل هوندا آهن، انهي بابت ليکڪ لکي ٿو:

” محڪوميءَ سڀ کان وڏو هاڃو آهي. جنهن منجهان ئي ٻيا سمورا نقصان جنم وٺندا آهن. آزاد قومون پنهنجي ملڪ ۽ ماڻهن کي ٺاهينديون آهن ۽ ڌاريون قبص قوتون استحصال ڪنديون آهن، ڦرلٽ ڪنديون آهن ۽ پنهنجي منافعي لاءِ محڪومن جي ملڪ کي ترقي جي نالي ۾ تاراج ڪنديون آهن. “

محڪومي جي حالت ۾ غلام قومن جا فرد پنهنجي فڪر، فلسفي توڙي آدرشي معاملن کي وساري ڪري مادي معاملاتن کي گهڻو سوچڻ لڳندا آهن ڇو تہ غلامي جي سبب انهن جا مڙني سڀئي وسيلا قابص ڌرين وٽ يرغمال بڻيل هونديون آهن انهي بابت ليکڪ لکي ٿو:

”اڳي ڌاريا فاتح ماڻهن کي مقدس ڪتاب آڇي آسمانن ڏانهن نهارڻ جون تلقينون ڪندا هئا ۽ پوءِ انهن جي پيرن هيٺان سندن زمين ڪڍي وٺندا هئا.

هاڻي هو ترقي جون آڇون ڏيئي رهيا آهن ۽ ماڻهن جون اڃايل اکيون لالچ، لوڀ ۽ آسرن جي بي فيض آسمان ۾ اڙائي سندن سڀاڳي، سائي ستابي ۽ شاهوڪار ڌرتي سندن پيرن هيٺان کسڪائڻ گهرن ٿا. “

ان کان علاوه محبت جهڙي مقدس ۽ پاڪيزه عمل بابت ليکڪ لکي ٿو:

”محبت ڪڏهن بہ غافل ڪانہ ٿيندي آهي. رڳو ڪُٽيءَ کايا مجنان ئي غفلت ڪندا آهن. محبت ٻيو ڪجھ ڪانہ ڪري سگهندي آهي، تہ بہ آزمائش ۽ مصيبت ۾ اڪيلو ڪانہ ڇڏيندي آهي، اها هر حال ۾ گڏ بيٺي هوندي آهي. “

هن ڪتاب ۾ قوم توڙي قومن جون حالتون، آزاد توڙي غلامن قومن جون حالتون ۽ سندس معاشرتي مسئلن کان وٺي ڪري سنڌو ڌريا جي مسئلي ۽ سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري کان وٺي جبري طور گمشدگين جو تذڪرو پڻ ملي ٿو. ان کان علاوه 2010 ۾ آيل مها ٻوڏ اچڻ جي اصل ڪارڻن ۽ انهي ٻوڏ کي برپا ڪندڙ حڪمرانن جون چالاڪيون پڻ عقلي دليلن سان ثابت ڪيل آهن

يوسف جميل لغاري


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو