اي منهنجي عظيم ٻولي

اي منهنجي عظيم ٻولي…!

ٻاروتڻ ۾ تنهنجي هڪ هڪ لفظ جي اُچار کي اُچارڻ لاءِ مون کي وڏا وس ڪرڻا پوندا هئا، اهو ان لاءِ تہ مون کي ننڍي هوندي کان ئي گهر ۾ بلوچي ٻولي ڳالهائڻ لاءِ ملي، مون جي ذهن جي خالي سليٽ تي جيڪي لفظ پهريان اچي تشريف فرما ٿيا، اُهي بلوچي زبان جا هئا، تنهنجي لفظن جي بيهڪ، سونهن، مهڪ ۽ اُچار کي سمجهڻ لاءِ مون ڪي ئي ساعتون گذاريون ۽ اُنهن تي غور ۽ فڪر ڪيو…!

شروع شروع ۾ مذڪر ۽ مونث جي ملاوٽ تمام گهڻي ٿيندي هئي پر وقت جي ويراڳين ۾ ورندي اڄ ان ڪناري تي اچي پهتو آهيان جو تنهنجي موتين جي مالها سان ڪڏهن پرين کي لفظن جا هار ارپيا ٿو تہ وري ڪڏهن تنهنجي جادو ڀري لفظن سان دل جي احوالن کي ڪاغذ تي اُتاريا ٿو، اِها تنهنجي لفظن جي حسناڪي آهي جيڪا پڙهندڙن جي ذهنن کي باغ و بهار ڪري ٿي ڇڏي…!

آءُ هر اُن فرد جي تھ دل سان عزت ڪندو آهيان جيڪو تنهنجي لفظن جا مٺڙا ٻول پنهنجي زبان تي آڻيندي مون سان مخاطب ٿيندو آهي، ان جي برعڪس مون کي ڏاڍي چڙ لڳندي آهي انهن فردن تي جيڪي تنهنجي مٺاس ڀري لفظن کي زبان تي آڻڻ کي عيب سمجهندا آهن، جيڪي مون سان ٻين ڌارين ٻولين جي ڪڙواهٽ ڀري لفظن سان ڳالهائيندا آهن، مون کي ان مهل سندس لفظن سان گڏ سندن چهرن طرف بہ ڌڪارت محسوس ٿيڻ لڳندي آهي، آءُ ان مهل سوچيندو آهيان تہ انهن جي اِها ٻيائي کين هڪ ڏينهن وڏو نقصان ڏيندي، ڇو تہ انسان ڪڏهن بہ پنهنجي اصليت کي لڪائي ڪو نہ ٿو سگهي، پوءِ ڀلي هزارين هيلا ڇو نہ ڪري…!

اي منهنجي عظيم ٻولي

تنهنجي لفظن جي ان جوڙجڪ واري جهان مون ناچيز کي الاءِ تہ ڪيترو مان بخشيو آهي، مون کي ماڻهو ڏاهو سمجهڻ لڳا آهن، پر هڪ ڳالھ تہ واضع آهي منهنجا اُها ڏاهپ تنهنجي انهن لفظن جي هر هڪ رڳ رڳ ۾ سمائل آهي، تنهنجي لفظن جي بيهڪ ۽ مهڪ مون سميت ٻين پڙهندڙن جي من کي مُوهي وجهي ٿي، دراصل اِها ڏاهپ ناهي بلڪل تنهنجي لفظن جي حُسناڪي آهي جيڪا مون کي ٻين آڏو سرخرو ڪري ٿي - اي منهنجي عظيم ٻولي شال صدين تائين قائم رهي…!

يوسف جميل لغاري


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو