دري مان جهاتي…!

بند ڪمري ۾ ڪيترو نہ سڪون ۽ شانتي ڀريو ماحول هوندو آهي. دنيا جا سڀئي گوڙ ۽ گمسان وائڙا ٿي ڪري دري جي ٻاهر پيا گهمندا وتندا آهن. ڪمري جو اندريون منظر اِنهن گوڙ ۽ گمسانن جي وائڙائپ ڏسي ڪري خوش ٿيندو آهي ۽ پنهنجي پاڻ کي انهن کان بهتر سمجهڻ لڳندو آهي. ڪمرو، جيڪو ايترو تہ بيوس ۽ لاچار ٿي پوندو آهي جڏهن سندس اندر پلجندڙ خاموشيون ٻاهر جي پڙاڏن سان هم ڪلام ٿيڻ جي جستجو ۽ ربط کي قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن…!

ڪمرو ڪوشش ڪندو آهي تہ کيس شهر خاموشان جو هڪ ننڍڙو حصو تصور ڪندي ساڻس وڌيڪ ڊيگھ نہ ڪيو وڃي تہ بهتر. ليڪن معاشرتي ڏاڪڙيل، وات ڦاڙو ۽ ڊاڙي ماڻهو ڪٿي ٿان انهن اصلوب تي عمل ڪن. هر ڪو چاهيندو آهي تہ ديوارن کي ڀلي ڪن هجن يا نہ هجن ليڪن انهن ۾ مون کي ٻڌڻ جي صلاحيت ضرور هجي، ديوارون پاڻ خاموش ٿين، ٺپ نہ ڳالهائن، ڪا ٻڙڪ ئي ٻاهر نہ ڪڍن. ها باقي اسان جي قصا گوين ۽ تويل داستانن کي ضرور ٻڌن. اها ريت ائين ئي قائم رهي اهو ضبط ڪنهن بہ صورت ۾ نہ ٽٽي…!

ٻئي پاسي دري جي ٻاهران گوڙ ۽ گمسان جو هڪ وڏو ٽولو يا کڻي ڪري ائين چئجي جٿو بيٺل نظر اچي ٿو جيڪو مسلسل وقت بہ وقت دري تي ڌڪ هڻي ٿو ۽ سندس کلڻ يا وري سندس انجيس جي ٽٽڻ جو انتظار ڪري ٿو. هي گوڙ ايڏا تہ بي رحم هوندا آهن جو هنن کي ڪن جي نفيس تھ تي زرو بہ ڪو ڪياس ڪو رحم نہ ايندو آهي. هي گوڙ اڪثر ڪري انهن نفيس پردن کي ڦاڙي وجهن ٿا. پنهنجي جبر کي قائم ڪندي هي وڏا ڪلور ڪن ٿا…!

هڪڙي هوا آهي جيڪو هنن جي گرما گرمي کي هٿي ڏيندي ڪمري جي بي وسي، دري جي دانھ کي دٻائي ڪري گوڙ کي وڏي پذرائي فراهم ڪري ٿي، سندس پڙلاءُ کي پوري ماحول ۾ پهچائي ڇڏي ٿو. ڪمرو نراس ٿئي ٿو، دري ڪمزور ٿئي ٿي ۽ گوڙ پنهنجي سڳي ڀاءُ گمسان سان گڏ وڏا وڏا ٽهڪ ڏي ٿو ۽ ڪمري جي وسيع هجڻ جي باوجود سندس جُز دري کي سندس جاءِ تان هٽائي ڪري ڪمري تي پنهنجي بادشاهي قائم ڪري وٺي ٿو.

دري جنهن جي سڏڪڻ جي آواز کي آءُ هن وقت پنهنجي ڪمزور ڪنن سان ٻڌي رهيو آهيان. مظلوم فردن جي آھ ۾ ڪيتري نہ هيڻائي شامل هوندي آهي اهو هڪ مظلوم ئي محسوس ڪري سگهي ٿو…!

اي ڪاش

جيڪر شهرن ۾ گوڙ نہ وڌي ها…!


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو