هُن جو شهر خيرپور

هُن جو شهر خيرپور …!

                                  هي هُن جو شهر خيرپور آهي، جنهن ۾ هُو پڻ رهي ٿي. جنهن جي اکين ۾ ڏسي ڪري آءُ جيڻ جا جتن ڪندو هيس، جنهن جون اکيون، مون کي پنهنجي هجڻ جو احساس ڏينديون هيون…!

هُن جو شهر خيرپور
                              جنهن جون کجيون پوري سنڌ ۾ مشهور آهن، جنهن ڏانهن ايندي يا وري سکر وغيره جي روٽ ڏانهن ويندي روڊ جا ٻئي ڪنارا کجين جي قطارن سان سنواريل نظر ايندا آهن…!

هُن جو شهر خيرپور 
                               جيڪو بالي جو شهر آهي، جنهن ۾ فيض مهل جون روب ۽ ڌٻڌٻو اڃا بہ برقرا آهي. جنهن جي ميرواھ جي ڪپ تي اڃان بہ ڪجھ نوجوان شام جي ٽائيم اداس پاڇن کان پاسو ڪري اچي ڪچهرو هڻندا آهن…!

هُن جو شهر خيرپور
                              جنهن منجھ قائم مقام ورسٽي ۾ جڏهن مون زندگي جا اهم ترين ورهيه گذاريا تہ مون کي وقت جي گذرڻ جو احساس قطعي بہ ڪونہ ٿيو. هن درسگاه ۾ منهنجي زندگي جو دائرو ايترو تہ وسيع ٿيو جو آءُ هن مهل زندگي سان جهيڙن جو فن سکي ويو آهيان…!

هُن جو شهر خيرپور
                              جنهن جون سڀئي گهٽيون، سڀئي رستا، سڀئي ماڻهو، سڀئي عمارتون، سڀئي جايون، سڀئي ماڳ توڙي مڪان، سڀئي تعليمي ادارا، سڀئي فلاحي ادارا مون کي جيتوڻيڪ پيارا آهن. ليڪن انهن سڀني کان وڌيڪ مون کي پيارو هڪ ادارو، ها اهو ادارو جنهن ۾ زندگي جي حقيقي معنيٰ ۽ مفهوم کي ڳولي لڌو ۽ آءُ انسان سڏائڻ جي قابل ٿيس…!


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو