ڏور جا ڏوراپا

سرڪار! هڪ رات اِهڙي به آئي. جيڪا ڪنهن به حساب سان رات نه هئي. جنهن کي آءُ رات چئي نه سگهيس. ائين محسوس ٿيو ته ڄڻڪ هي رات نه بلڪل سڪرات آهي. جنهن ۾ هڪ هڪ گهڙي، هڪ هڪ پل پنهنجي گذرڻ سان هڪ نئي عذاب، هڪ نئي پيڙاھ، هڪ نئي نراسائي، هڪ نئي مايوسي ۾ مبتلا ڪندي ٿي وئي…!

اکيون بند ٿيڻ بجاءِ کليون ئي رهيون. دل جي دڙڪن پنهنجي معمول کان تيز ٿيڻ لڳي…!

سرڪار ! ڪجھ ئي گهڙيون اڳ آءُ ڏاڍي هشاش بشاش ۽ انتهائي سڪون واري حالت ۾ هيس. پنهنجي پاڻ سان توڙي پنهنجي ارگرد جي ماحول سان ڪا به شڪوه شڪايت ڪانه هئي. هڪڙي ئي گهڙي ۾ سڄو منظر مٽجي ويو. سڪون واري سڄي ڪيفيت کن پل ۾ ئي بدلجي وئي…!

آخر ڇو ؟

ائين ڇو ٿو ٿئي؟

ڇا ماڻهو کي ايتري به آزادي ناهي جو هو پنهنجي مرضي سان ڪنهن فڪر، فلسفي، نظريي يا ڪنهن واٽ تي هلي سگهي؟

پنهنجي لاءِ ڪنهن رستي جي چونڊ ڪري، پنهنجي زندگي لاءِ ڪي اصول ۽ ضابطا قائم ڪري يا قائم ڪيل اصولن توڙي ضابتن خلاف اعلان بغاوت ڪري مضبوط نموني سان بيهي رهي؟

هي هيڏو نسورو ناحق. ارمانن جو قتل، اميدن کي ڦاهيون، جذبن جي جلاوطني، ارادن کي نظر بند ڪرڻ، سوچ تي هزارين بندشون. آخر هي زمانو چاهي ٿو؟

اسان مان ڪهڙي توقع رکي ٿو. فرشتي ٿيڻ جي توقع، ڪنهن الهامي نمائدي ٿيڻ جي توقع يا شيطان جي ڌيءَ ٿيڻ جي توقع. ڳالھ واضع ٿيڻ گهرجي. ڪنهن به لِڪ لڪان جي هر گز ضرورت ناهي. جيڪا ڳالھ آهي اُهو سڀني جي سامهون ٿيڻ گهرجي…!

آءُ هن دنيا جي جوڙيل سڀني دستورن، سڀني ريتن ۽ رسمن، سڀني اصول ۽ قانونن کي هڪ ئي تيلي ڏئي ساڙڻ ٿي چاهيان. جيڪي مون کي هڪ پل به سوچڻ نه ٿا ڏين. منهنجو مان ۽ اڀمان جو تميز نه ٿا ڪن. آءُ انسان آهيان ۽ مون کي انسان ئي رهڻ ڏنو وڃي…!

مون کي پنهنجي فيصلن تي سوچڻ لاءِ وقت ڏنو وڃي. مون کي پنهنجي مستقبل لاءِ فڪر ڪرڻ ڏنو وڃي. مون کي انسان جيتري اهميت ڏني وڃي. مون کي ڪپڙي ۾ بند ٿيل قران نه سمجهيو وڃي. مون کي ڪنهن ريهڙي تي پيل هنداڻو نه سمجهيو وڃي ۽ نه ئي مون کي ڪو غليط گار…!

آءُ هڪ گُل آهيان. جنهن جي خوشبو تنهنجي وجود کي عطر کان وڌيڪ سرهاڻ بخشيدي. آءُ ته رات جي راڻي آهيان. آءُ رابيل جي گُل جي ڀيڻ آهيان. آءُ ڪنول جي گُل جي پاڙيسري آهيان. منهنجي اهميت کان انڪار ڪرڻ وارن کي وقت ٻڌائيندو ته هنن احمقن جي غلط فيصلن جي سبب هنن کان ڪيترو نه ڪبيراه گناھ ٿيو آهي…!


جُدايون  جيءِ  جهورين ٿيون
هڏن تان ماس ڪُورين ٿيون !

فقط تنهنجي
سڳي ۽ سانوري
محبوبا
___________________________________________
نوٽ: هي هڪڙي خط جو ڪجھ حصو آهي. جيڪو مون کي ٻه سال اڳم پنهنجي سڳي محبوبا طرفان لکيو ويو هو. دل چيو ته هتي ونڊ ڪجي. 

هن خط کي وري پڙهڻ يا وري هتي مڪمل لکي ڪري ونڊ ڪرڻ جي طاقت مون منجھ هاڻ ناهي. وڏو المناڪ قصو آهي. هماليه جبل جيڏو. بس هن ٽڪري مان توهان گهڻو ڪجھ سمجهي سگهو ٿا ۽ هن داستان بابت ڪو راءِ جوڙي سگهو ٿا.

(يوسف جميل لغاري)
___________________________________________


Comments

Popular posts from this blog

عورتن جون درد ڪهاڻيون

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

نوڪري واري ٽيسٽ ڪئين ڏجي