آخر اِهو ڪهڙو راز آهي ؟
جنهن راز جي رمز جي پروڻ سلڻ لاءِ هر ڏينهن لفظ پاڻهي ڄاڻ ڪنهن پرڏيهي پکي وانگر خيالن تي اچي پرواز ڪن ٿا. ڪڏهن ذهن منتشر ٿي ٿو ته وري ڪڏهن هڪ ئي وهڪري ۾ وهندي نه ڄاڻ ڪٿان کان ڪٿي پهچي ٿا وڃون.
هن هيڏي جهان ۾ نا اميدي سان گڏ اميد جو ڪرڻو جڏهن من ۾ ٻري ٿو ته چهري تي سُرهائي سان گڏ فتح جا چٽا امڪان نظر اچڻ لڳن ٿا.
سمورا سور ۽ مليل ستم کن پل ۾ ڪنهن رومال جي پاند ۾ ويڙهجي ڪري هُن پار ڏانهن هليا وڃن ٿين. ڪيفيتون ڪنهن به موسم جون محتاج ناهن هونديون. ڪائنات جي وسعيتن تي جڏهن هڪ نظر ڦيريو ٿا ته سمورا جاندار، سڀئي رنگ، سڀئي منظر ۽ مظهر يڪ جان ٿي ڪري التجائي انداز ۾ ڪائي دانھ، ڪائي سور سلڻ چاهينديون هجن.
ڌرتي جي ڪُک کي بارودن جي ڌپ سان ٻارڻ سمجهي جن سفاڪ پوش فردن هن جنت جهڙي ڌرتي کي ٽامو بڻايو آهي انهن جي شڪايتون ڏينديون آهن.
باک ڦٽڻ مهل جيڪي ڪرڻا ڌرتي جي سونهن ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ طويل سفر ڪري گُلن، ٻوٽن تائين پهچن ٿا سگهو ئي انهن کي معلوم پئي ٿو ته سندن اِهي اڻ ٿڪ مسافريون اجايون ويون. هتي سمورا راز بي نياز ٿي ڪري اٿلايا وڃن ٿا. هتان جون دليون رازن کي پنهنجي اندر سمائڻ جي سگھ نٿيون رکن.
سڀئي گُل ۽ ڪَليون ڪومائجي وڃن ٿيون جڏهن سندن سرهاڻ جي رازن جا پردا فاش ٿين ٿا ۽ گُلستان جي سونهن کي ڪو بد مست بگهڙ اچي ڪري پنهنجي ناپاڪ ارادن سان ميساري ٿو.
ماڻهو وٽ جيتوڻيڪ سُک سرس ناهن. ڏکن جو تعداد مڙئي سوايو آهي. ليڪن انهي کان باوجود به حالتن سان جهيڙڻ ۽ پاڻ کي انهي متوازن مطابق برقرار رکي ڪري اُنهي سان هلڻ سو به بنا ڪنهن سور سلڻ جي حقيقتن هڪ وڏي درياھ دلي جو مظاهرو آهي.
ڀٽائي سُر ڪيڏارو لکي ٿو. سچل مذهبن جي پاند ۾ ليڪن ناگن جا پيرا پڌرا ڪري ٿو. سامي سچ جو سڏ ورنائي ٿو ۽ صوفي شاھ عنايت شهيد ” جيڪو کيڙي سو کائي “ جهڙو فڪري فلسفو ڏئي وڃي ٿو. هنن سڀني فلسفي ذهن رکندڙ شاعرن وٽ انهي راز کي سلڻ جا گُر موجود هئا جيڪي انهن توهان اسان آڏو نروار پي ڪرڻ چاهيان.
ڇو ته پاڻ سڀئي به انهي راز جا ڳولهائو آهيون جيڪو راز الاءِ ته ڪهڙو راز آهي؟
هي راز ڪجھ اهڙو راز آهي جنهن ۾ بادل آڪاش تي ٺهي جڙي ڪري ڌرتي کي جلا بخشين ٿا. هوائون پنهنجي رمز ۾ اچي ڪري طوفان برپا ڪن ٿا.
ماڻهو ڄاتل سڃاتل نه هجڻ کان پوءِ به هڪ ٻي سان ملي ڪري اهو جتائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته ڄڻڪ صدين کان وٺي ڪري انهن جو پاڻ ۾ ربط ۽ ذبط هجي.
دريا جا وهڪرا انهي راز جي آغوش ۾ اچي ڪري پنهنجي وهڪري کي ڪڏهن ڪڙڪ ته وري ڪڏهن ڪپھ کان به وڌيڪ نرم مزاجي سان هلائي ٿو. رات جي اونداھ ۾ هاري پنهنجي ٻني کي پاڻي ڏيڻ لاءِ ڪوڏر ڪلهي تي کڻي ڪري سڀني آفتن ۽ بلائن کان بي نياز ٿي ڪلاڪن جا ڪلاڪ زمين جي گذاري ٿو
کيس انهي راز جي ڳولا هجي ٿي جيڪو راز صديون اڳ ڏينهن جي روشني رات جي حوالي ڪري وئي هئي.
شهر جي مين چوڪ تي ڊگهي عمارت جي ڪنڊ واري فليٽ ۾ هڪ نوجوان جنهن جي هٿ ۾ هڪ پين آهي ۽ سامهون خالي پنو آهي. هُو پني تي انهي راز کي بي راز ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي.
سندس اکين مان لڙڪ جاري ٿين ٿا. کيس هڪڙو خيال ذهن ۾ تري اچي ٿو ته جيڪڏهن مون اهو راز ڳولي لڌو جنهن راز کي صدين کان سڀئي ڳولين ٿا پيا ته يقينن انهي مهل منهنجي موت واقع ٿي پوندي ڇو ته راز کي حاصل ڪرڻ کان پوءِ منهنجي زندگي جو باقي ڪو ٻيو مقصد نه رهندو. انهي لاءِ هو سوچي ٿو ته راز کي ڳوليا يا نه ڳوليا. سندس ذهن انتشهارن جي ور چڙهي وڃي ٿو.
هُو مسلسل سوچي ٿو ڪنهن فيصلي ته نه ٿو پهچي. مايوسي سندس اندر ۾ گَهر ڪري ٿي. هيڏانهن هوڏانهن واجهائي ٿو شهر ۾ تيز بلبن جي روشني کانسواءِ کيس باقي ڪجھ به نظر نه ٿو اچي. پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي ٿو ته کيس سندس سڄو اندر اونداھ ئي اونداھ نظر اچي ٿو.
پنهنجي اندر جي ڪائنات کي تباھ ٿيل محسوس ڪري ٿو. کيس اهو يقين اندر ئي اندر ۾ کوکلو ڪري ٿي ته هاڻ هن زماني کي سندس ڪائي ضرورت ڪئين آهي. هو اهڙي نا مرادي کي ڏسي ڪري انهي ڪاغذ تي ليڪن کي اُڪرڻ شروع ڪري ٿو. جنهن ڪاغذ تي راز جي پڌري ٿيڻ مهل کيس سندس موت جي واقع ٿيڻ جي پڪ هجي ٿي.
هُو انهي ڪاغذ تي لکڻ شروع ڪري ٿو. پنهنجا سڀئي درد، سور ۽ مليل ستم يڪ ساهي ۾ لکي وڃي ٿو. سندس قلم جي نوڪ مان مس جي جاءِ هُو پنهنجي رت جي ڳاڙهاڻ کي نڪرندي محسوس ڪري ٿو.
ڪاغذ تي آخري جملو لکندي هُو اکيون ٻوٽڻ شروع ڪري ٿو کيس پنهنجا فنا ٿيڻ جو يقين ٿي پوي ٿو. جملو پورو ٿي ٿو. سندس اکيون کُلن ٿيون ۽ دروازي ڏانهن ڏسي ٿو ته باک جي ڦٽڻ وارو وقت کيس سلامي ڀري ٿو.
سامهون ٽيبل ڏانهن هڪ نظر ڪري ٿو ته سندس انهي راز جي بي نياز ٿيڻ جون سڀئي ڪٿائون کيس گم ٿيل محسوس ٿين ٿيون. هو انهي راز کي ڳولڻ جي با وجود به انهي ڪاغذ تي لکي ٿو:
آخر اِهو ڪهڙو راز آهي؟
Comments
Post a Comment