هُو وري ڪهاڻي نه لکي سگهندو.

انيڪ موضوع آهن. جن تي لکي سگهجي ٿو. ڳالهائي سگهجي ٿو. بحث ڪري سگهجي ٿو.

تقريبون منقعد ڪري سگهجن ٿيون. ليڪن اُن جي باوجود هُو ڪهاڻيون ڇو ٿو لکي ؟

شاعري 
ڇو نه ٿو لکي؟

افسانه 
ڇو نه ٿو لکي؟

ناول 
ڇو نه ٿو لکي؟

سفر ناما توڙي 
ڏند ڪٿائون !
ڇو نه ٿو لکي؟

ڳوٺ جي چوراھ تي ويٺي ماما جمن. استاد علڻ جي اکين ۾ نهاريندي کانس اهو سوال ڪيو. استاد علڻ جيڪو جواني واري دور ۾ ادب سان سُٺي نموني سلهاڙيل رهيو. 

وقت جي رفتار سان گڏ پنهنجي رفتار گهٽ ڪندي هاڻ اِنهي حال تي پهتو آهي جو چانھ جي هڪ ڪپ تي سڀني اديبن جون ڪچيون ڦڪيون ڳالهيون کولي ڪري سڀني جي سامهون رکندو آهي. 

سندس وٽ ڪو رک رکان آهي ئي ڪونه ؟

ماما جمن جي سوال تي غور ڪندي. چانھ جي ڪپ منجهان سُرڪ ڀريندي استاد علڻ وراڻيو: ” هُو ڪهاڻي انهي لاءِ لکي ٿو ڇو جو هُن جي پنهنجي ڪا به ڪهاڻي نه آهي. هُن جو وجود ڪائنات جي سڀني ستمن سان چڪنا چور ٿي چڪو آهي.

ماما جمن چانھ پئيندي سندس ڳالھ کي ڪٽيندي وراڻيو: ” جيڪڏهن سندس ڪابه ڪهاڻي نه آهي ته پوءِ هُو ڪهاڻي جي اهميت ۽ افاديت کان ڪيئن واقف ٿيو آهي ؟

اُستاد علڻ حيران ٿيندي کيس چيو: ” ڪهاڻي ٿيڻ ۽ ڪهاڻي لکڻ هڪ ٻي جون متضاد منظر ۽ مظهر آهن. ڪهاڻي لکڻ بنھ ايترو سولو آهي جو آءُ ڇا ٻڌايان. ميان جمان خان ڪهاڻيون تو به لکي سگهي ٿو.

ماما جمن خوش ٿيندي وراڻيو ” جي اِهڙي ڳالھ آهي ته پوءِ آءُ به ڪهاڻيون لکندس. آءُ هر هڪ معاشرتي پهلو تي ڪهاڻيون لکندس“.

نيٺ هڪ ڏينهن ماما جمن انتهائي دلچسپ ڪهاڻي لکي آيو. ڪهاڻي لکڻ کان پوءِ سڀ کان پهريان اُستاد علڻ کي پڙهائڻ آيو. کيس اميد هئي ته سندس ڪهاڻي اُستاد علڻ ئي سمجهي سگهندو ۽ کيس موٽ ۾ مثبت موٽ ڏيندو ۽ ضرورت پوڻ تي سندس اصلاح به ڪندو.

ماما جمن پنهنجي ڪهاڻي اُستاد علڻ کي پڙهڻ لاءِ ڏني ڪهاڻي جو عنوان هو ” صبح جو ستارو “ ڪهاڻي ڪجھ هن ريت هئي ” آءُ باک ڦٽڻ مهل ننڊ مان اٿيس. آسمان تي هڪ ستارو نظر آيو وري ڪجھ دير لاءِ منهنجي اک لڳي وئي ۽ مون کي وري ننڊ اچي وئي. آءُ سمهي رهيس. 

آءُ حيران رهجي ويس تڏهن جڏهن منهنجي ٻيهر اک کلي. آءُ پريشان ٿي ويس. صبح جو ستارو گم هو ۽ اُن جي جاءِ تي هڪ وڏو روشن سج اُڀري چڪو هو. جنهن جي تيز روشني منهنجي ننڊ ڦٽائي ڇڏي ۽ آءُ جاڳڻ تي مجبور ٿي ويس.“

اُستاد علڻ جا ته ٿڪ ئي لهي ويا. کيس پنهنجي جواني ياد اچڻ لڳي. هُو به جواني جي دور ۾ ڪجھ اِهڙيون ڪهاڻي لکي ڪري برک ڪهاڻيڪار ۽ نامور اديب ٿيو هو. کيس دعوتون ملنديون هيون. 

پروگرامن جون صدارتون ملنديون هيون. مڃتا سرٽفڪيٽ ملندا هئا. ايوراڊ ملندا هئا. هُو ڪهاڻيڪار جي لکيل ڪهاڻي کي هڪ نظر پڙهي ڪري اهو فيصلو ڏيڻ جي سگھ رکندو هو ته هي اڳتي هلي ڪامياب ٿيندو يا ناڪام.

اُستاد علڻ ماما جمن ڏي نهاريندي وراڻيو ” اصلي دم دار ڪهاڻي ته تو لکي آهي. هُو ته لٻاڙون هڻندو آهي. گهڻي عرصي کان پوءِ ڪا جٽادار ڪهاڻي پڙهڻ لاءِ ملي آهي. تو ائين ئي ڪهاڻيون لکندو رھ. “

ماما جمن پاڻ کي وڏو ڪهاڻيڪار سمجهي ڪري. دل ئي دل ۾ جهومڻ لڳو ۽ دل ۾ اِهو خيال آيس ته ” هُو وري ڪهاڻي نه لکي سگهندو.


Comments

Popular posts from this blog

عورتن جون درد ڪهاڻيون

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

نوڪري واري ٽيسٽ ڪئين ڏجي