لاهوت لامڪان جو سير، سفر ۽ مشاهدو

قسط پهريون

توهان ننڍي هوندي کان نوراني نور هر بلا دور جو تذڪرو يا نعرو ته ضرور ٻڌو هوندو. جيڪڏهن نه ٻڌو آهي ته ڀلا پنهنجي زندگي ۾ ڪجھ ڪي لاهوتي ماڻهو ضرور ڏٺا هوندا يا انهن سان اوهان ضرور مليا هوندا.

هاڻ اِهو نوراني نور، لاهوت ۽ لاهوتي وارا اصلاح ڪٿان شروع ٿيا. ڪنهن لاءِ استعمال ٿين ٿا. اصل حقيقت ڇا آهي انهي بابت پاڻ هتي تفصيلي ۽ سلسلوار گفتگو ڪنداسين.

لاهوت جي لغوي معنيٰ آهي

” اُها جڳھ جتي فنافي الله وارن جو آستانو هجي“.

مطلب اهڙي جڳھ/اهڙو سفر جنهن ۾ اوليائن جي احترام سان گڏوگڏ مرشد جي رهبري سان خدا جي خشنودي حاصل ڪرڻ جو رمز شامل هجي.

هن سفر تي وڃڻ مهل سڀني لاهوتين کي تلقين ڪئي ويندي آهي ته هُو موسم جي حساب سان ضروري هنڌ بسترا توڙي ڪپڙا پاڻ سان گڏ کڻي هلن. ڇو ته هي ياترا مڪمل هڪ هفتي تي مشتمل آهي. 

ڪٿي ڪنهن دڳ پنڌ ۾ رات پوڻ تي اُتي ئي رهڻو پوي ٿو انهي لاءِ هر ڪنهن وٽ پنهنجو ضروري سامان هجي نه ته کيس تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوندو. 

ڪجھ لاهوتي ته پاڻ سان گڏ هڪ ننڍڙو پاڻي جو ڪولر، گلاس، آرسي، ڦڻي توڙي پنڊي ۽ پليٽ به کڻن ٿا. ته جئين کين سنورڻ ۽ سنبرڻ ۾ ڪائي ڌڪت محسوس نه ٿي.
        
لاهوت ڪراچي کان ڏاکڻي طرف تقريبن هڪ سئو پنجويھ ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي بلوچستان جي ضلعي خصدار جي ” سارونه“ علائقي ۾ هڪ ڊگهي ۽ اڙانگي جبل ۾ واقع هڪ غار آهي. لاهوت اچڻ واري مرد توڙي عورت کي لاهوتي چيو ويندو آهي.

لاهوت وڃڻ وارن جي مطابق هي هڪ بلند پائي جو مقام آهي. لاهوت جي سفر تي وڃڻ کان پهريان پنهنجي ڪامل مرشد جي رهبري گهربل هوندي آهي.

ڇو ته هن سفر ۾ انيڪ قسم جون عبادتون ۽ رياضتون ڪيون وينديون آهن. جن سان روحاني تسڪين حاصل ٿيندو آهي.

لاهوت وڃڻ مکيه ٻہ رستا آهن، 

هڪڙو ليمارڪيٽ کان شاھ نوراني تائين…!
 (ڪراچي کان لاهوت)

 ٻيو سيهوڻ شريف کان پيادل محبت فقير تائين…! (سيهوڻ کان لاهوت)

لاهوت دراصل هڪ گلاس جي شڪل جهڙو غار آهي. ان ۾ اندر گهرڻ هڪ وڏي جدوجهد تصور ڪيو ويندو آهي. لاهوت جي اِن غار ۾ جڏهن لاهوتي گهرڻ شروع ڪندو آهي تنهن مهل کيس پنهنجو جسم پاسيرو ڪرڻو پوندو آهي. 

پاسيرو ٿي ڪري وڏي چالاڪي سان ٻارن وانگر کيس آهستي آهستي کسڪڻو پوندو آهي. غار ۾ اندر مڪمل طرح سان اونداهي هوندي آهي. انهي اونداهي کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪجھ لاهوتي پهريان ئي هن وقت جا جديد ٽارچ هٿ ۾ کڻي ويندا آهن.

لاهوت جي هن غار ۾ داخل ٿيڻ جو منظر ڏسڻ وٽان هوندو آهي. لاهوتين جا بي باڪ نعرا ۽ هوڪرا ٻڌڻ وٽان هوندا آهن. 

هڪ عام رواجي فرد انهي غار ۾ داخل ٿيڻ واري مرحلي کي ڏسي ڪري ڪنهن قدر خوف توڙي حراس ۾ وٺجي ويندو ۽ ممڪن آهي ته غار ۾ گهرڻ کان ناڪام رهي. 

ليڪن لاهوتي فقيرن جي زبان تي
” جئي شاھ - جبل ۾ شاھ “
جهڙا نعرا معمول هوندا آهن.

لاهوت جي حساب سان ڪافي روايتون ۽ ڏند ڪٿائون ملن ٿيون. جن بابت اهو تاثر ڏنو وڃي ٿو ته هتي خدا جا نيڪ بندا ۽ اوليا ڳچ عرصو رهي ڪري چلا پچائي ويندا هئا. 

هاڻ اِن ڳالھ ۾ ڪيتري صداقت آهي اهو تحقيق کان پوءِ چئي سگهجي ٿو. بر حال هڪ ڳالھ مڃڻ لائق آهي ته هن پوري علائقي ۾ بزرگن ۽ درويشن لاءِ رهڻ جو ٺاهوڪو ماحول فطري طور ئي موجود آهي.

اسان به ڳچ عرصو لاهوت جا تذڪرا مٽن مائٽن وٽان ٻڌي ڪري لاهوت ياترا تي نڪري پياسين. مون سان گڏ منهنجو ماروٽ عبدالوحيد هو. اِن کان علاوه منهنجو هڪ عدد چاچو ۽ هڪ عدد سئوٽ به هن سفر ۾ شامل هو. 

اسان جي بس لاهوت جي هن روحاني سفر تي ڇھ رمضان تي لغاري چوڪ کان رواني ٿي. هي سڄو سفر ڇهن راتين ۽ ستن ڏينهن تي مشتل هوندو آهي. 

اسان جي گاڏي جو روٽ ڪجھ هن طرح هو ته سڀ کان پهريان اسان پنهنجي پاڙي جي پير مطلب ته سچل تي حاضري ڀريسين ۽ اُن کان پوءِ اڳتي روانا ٿياسين.

سچل تي پهچندي ئي من ۾ سچل جو هي خيال ياد اچي ويو ته ” مين تا ايک خيال ها. لڀسا نال خيال دي“. سچل جي حاضري ڀرڻ کان پوءِ اسان جو پورو قافلو لاڙڪاڻي روانو ٿيو. 

لاڙڪاڻي جي نئون آباد علائقي ۾ ڀُٽن جو هڪ گهراڻو آهي. جيڪو هر سال لاهوتين جي پوري بس کي ماني ٽڪي توڙي چانھ وغيره پيارين ٿا. بلڪ انهن وٽ شايد انهن ڏينهن ۾ لاهوتين جون چار يا پنج بسون اينديون آهن. جن جي پوري خاطرداري هنن جي ذمي هوندي آهي. 

ڀلي ماڻهو ڪيترا به هجن انهي ڳالھ جي کين ڪا به پرواھ ناهي هوندي. سٺي نموني سان سڀني کي ماني وغيره کارائي ڪري پوءِ انهن کي اڳتي روانو ڪندا آهن.

هتان هنن ميزبانن وٽان ماني وغيره کائي ڪري اسين سڌو ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پهتاسين. شهيدن جي مزار جو ديدار وٺي ڪري اسان جو قافلو سعيدي موساڻي جي درگاھ ڏانهن رواني ٿي. 

سعيدي موساڻي پهچڻ کان پوءِ اُتي به ماڻهن جي وڏي پيھ نظر آئي. درگاھ تي حاضري ڀرڻ کان پوءِ سڀني اهو اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو ته هاڻ سڌو سيهوڻ شريف لال شهباز قلندر جي درگاھ تي هلجي. اُتي حاضري ڀرڻ کان پوءِ وري رات به اتي ئي گذارجي.

 صبح ٿيندي ئي باقي سفر تي اُتان کان روانو ٿينداسين. پر ڳالھ نه مڃي ته اسان جي بس جي ڊرائيور نه مڃي. اسان جي پوري بس ۾ موجود سڀني متوقع لاهوتين جي سخت چوڻ باوجود به اسان کي قلندر لال شهباز وٽ وٺي نه هليو. 

سڌو ڄاموشوري جي پٿرالي علائقي ۾ وٺي هلي آهوت جي لاءِ رات قيام ڪرايائين ۽ اِهو دلاسو ڏنائين ته سيهوڻ شريف جو درشن واپسي تي ڪبو. پهرين ڏينهن ئي نراسائي سان هم ڪلام ٿيڻ سبب ڪافي لاهوتي مونجهارن ۾ ورتل هئا.

جيڪي لاهوتي هر سال لاهوت ياترا تي مسلسل ويندا هئا تن انهي نا انصافي تي وڏي واڪي پنهنجو آواز بلند ڪيو ها باقي جيڪي اسان وانگر نوان هئا. تن کي مڙئي صبر جو پئمانو مٺو پي لڳو ۽ اُهي خاموشي سان رب جي رضا ۾ راضي رهندي خاموش لڳا پيا هئا. 

اسان کي پوري واٽ کير کنڊ ڪندڙ هڪڙو يگانو ڪردار پڻ هن سفر ۾ گڏ هو. هي لاهوت جو سفر سندس چوڏهون لاهوت جو سفر هو. هن کان اڳم پورا تيهرا لاهوتي سفر ڪري چڪو هو. هر سال بس وارا کيس مفت ۾ انهي لاءِ کڻندا هئا ته هن جي هجڻ سان مڙئي محفل متل هوندي هئي.

ماحول مانڊاڻ لڳو پيو هوندو هو. سندس اسم گرامي هو بخش علي فقير، هي فقير ڪچهري دوران اهڙا ته گفتا هڻندو هو جو سفر جو سمورو ٿڪ لهي ويندو هو ۽ ماڻهو کلي ڪري کيرو ٿيندو.

اڄ جيتوڻيڪ هن سفر جو پهريون ڏينهن هو ۽ انهي حوالي سان ٿوري ٿڪاوٽ وغيره به محسوس ٿي. هتي رات جو دير سان پهچڻ سبب اکڙين کي ننڊ جي طلب ٿي سو اسان به ڏاڍو پرسڪون ٿي هلڪن ڦلڪن پٿرين تي رلي وڇائي ڪري سمهي رهياسين. 

آءُ اِهو سوچيندي ننڍ پئجي ويس ته هي سڄو سير توڙي سفر منهنجي قسمت ۾ لکيل هو يا منهنجي پنهنجي چونڊ هئي؟

 هلندڙ


Comments

Popular posts from this blog

عورتن جون درد ڪهاڻيون

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

نوڪري واري ٽيسٽ ڪئين ڏجي