سجاڳي جو سڏ



ٺري ميرواھ ۾ نوجوانن طرفان لائبريري قائم ڪئي وئي.

علم ادب سماج جي اصلي رنگ ۽ روپ کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيندا آهن. ادب کان سواءِ سماج پنهنجي اصلي جوهر توڙي منظر ۽ مظهر ۾ ٻسو نظر ايندو آهي. 

علم ئي حقيقي ميراث آهي جنهن سان ترقي جا ڏاڪا پار ڪري سگهجن ٿا.

ضلع خيرپور ميرس جي تعلقه ٺري ميرواھ اندر گهڻي عرصي کان وٺي علم ادب سان وابسطه ماڻهن لاءِ مطالعي ڪرڻ جو وڏو فقدان موجود هو. 

جنهن فقدان کي ختم ڪرڻ لاءِ هتان جي ڪجھ پڙهيل لکيل باشعور نوجوانن سرڪاري سطع تي لائبريري جي قيام عمل لاءِ جدوجهد شروع ڪئي. 

جيڪا جدوجهد اڄ کان ٻه سال پهريان شروع ٿي هئي ۽ هاڻ ان جو ثمر ملڻ شروع ٿيو آهي.

هن جدوجهد جي سجاڳ تحريڪ جي نالي سان شروعات ڪئي وئي. شهر جي واڳ ڌڻين توڙي اعليٰ سطع تي ڪامورن ۽ هتان جي چونڊيل نمائدن کي پڻ اپيلون ڪيون ويون. 

ليڪن کين ڪٿان به ڪو خاطر خواھ جواب نه ملي سگهيو. سندن جدوجهد موثر نتيجا ڏيڻ جي بجاءِ مختلف قسم جي تضاد جي ور چڙهي وئي. جيڪو تضاد هڪ سياسي گروھ طرفان شروع ڪيو ويو هو.

تضادن جي ور چڙهڻ جي باوجود به هتان جي نوجوانن ۾ اميد جو ڏيئو ٻرندو رهيو ۽ انهن پنهنجي مقصد جي حاصلات تائين پهچڻ لاءِ پنهنجي مدد پاڻ تحت هڪ لائبريري جي قيام عمل تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. 

سڀني دوستن پنهنجي وس آهر ڪتاب جمع ڪرڻ شروع ڪيا ۽ علم ادب سان سلهاڙيل فردن کان به جهجي تعداد ۾  کين ڪتاب سوکڙي طور ملڻ شروع ٿيا.

جنهن عمل سندن جذبن ۾ اڃا وڌيڪ جلا بخشي ۽ نوجوانن ٺري ميرواھ شهر ۾ هڪ لائبريري قائم ڪري ورتي. 

جنهن ۾ علم ادب توڙي سياست، تاريخ ۽ مختلف مڪتب فڪر سان واسطو رکندڙ ڪتاب جمع ڪيل آهن. هن وقت هي لائبريري ٺري ميرواھ واسين لاءِ هڪ ڏيئي جو ڪم ڏئي رهي آهي.

جنهن جي روشني سان اونداھ جا ڪافي پاڇا هن شهر تان هٽڻ لڳا آهن ۽ نوجوانن جو هڪ پڙهيل لکيل طبقو هن لائبريري مان پنهنجي علم جي اُڃ اجهائي رهيا آهن. 

سرڪار جي بي ڌياني ۽ سندن ڪن لاٽار جي عمل به نوجوانن کي پنهنجي اهم مقصد کان پري نه ڪري سگهي. جيڪڏهن جذبا جوان هجن ته منزل کي ماڻي سگهجي ٿو.

انسان جي اندر فطري طور هڪ اِهڙي قوت رکيل آهي جنهن جي مدد سان ڪائنات جي لڪل رازن کي پروڙي سگهجي ٿو ۽ انهن تائين پهچي سگهجي ٿو. 

انهي قوت کي جذبو سڏيو ويندو آهي. 
جذبو جو جوان رهڻ ئي انسان کي ڪامل بڻائي ٿو.

ارادن ۾ کوٽ ۽ سستي توڙي ڪاهلي انسان کي ڪمزور ڪري وجهندي آهي. جنهن جي ڪري اڳتي هلي ماڻهو شرمساري کي منهن ڏيندو آهي. 

اِن لاءِ جيڪڏهن سرڪار اسان کي ڪا به سهولت مهيا ڪرڻ ۾ ناڪام وڃي ٿي ته اسان پنهنجي اجتماعي سوچ ۽ قوت سان انهي ڪم کي پايا تڪميل تائين پهچائي سگهون ٿا.

هي جو سجاڳي جو سڏ
تو ڇــــو نه ٻـــڌو اي ڏڏ




Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو