فليش فڪشن / جياپي جي جنگ



سائين وڏو پنهنجي ڪمري ۾ پنهنجي نوڪراڻي مومل جو انتظار ڪري رهيو هو. گهڙي ئي نه گذري ته مومل اچي پهتي ۽ سائين وڏو سندس ڀر ۾ ويهي ڪري مومل جي ڪنواري جسم مان واس وٺڻ لڳو.

واندو ٿيندي ئي کانس پڇيائين ” مومل تنهنجي بدن ۾ جيڪا خوشبو آهي سا خوشبو منهنجي گهرواري راڻي جي بدن ۾ به ڪونه آهي. ڇوري هي مهڪار ڪٿان آندي اٿئي“.

مومل وراڻي:

سائين وڏا اِهو ساڳيو جملو توهان جي پيءَ رئيس وڏي به منهنجي امان کي چيو هو. تنهن وقت آءُ اڃا پيدا ڪونه ٿي هيس. هي خوشبو توهان جي خاندان جي ئي عنايت آهي.

مومل جي جواب ۾ تاريخ رئيس وڏي جي پٽ جي منهن تي هڪ زوردار چماٽ واهي ڪڍي هئي ۽ هُو ٿورو شرمسار ٿيڻ کان پوءِ اُتان اٿي هليو ويو.


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو