اڌُ ملاقات (ڪهاڻي)




ڪجھ گهڙيون اسين سمنڊ جي ڪناري جي 
ويٺا رهياسين. هُن مون کان پڇيو ته:
تون ڪڏهن کان سنگاپور آيل آهين؟

مون کيس چيو ته:
مون کي هتي تقريبن مهينو ٿيڻ وارو آهي!

حيران ٿيندي چيائين: 
ڪمال ٿو ڪرين راڻا. مهينو ٿيڻ وارو اٿئي ۽ مون کي 
ڪالھ ٻڌايو اٿئي ته آءُ هتي آيل آهيان. ڪجھ ڏينهن 
پهريان ٻڌائي وٺي هان. ڪهڙو تنهنجو خرچ اچي ها!

آءُ سندس اِهڙيون ڳالهيون ٻڌي ڪري ٿورو شرمسار 
ٿيس. واقعي اِها منهنجي غلطي هئي ته آءُ کيس ڪجھ ڏينهن پهريان ٻڌايان ها يا وري گهٽ ۾ گهٽ کيس هڪ 
هفتو اڳ ٻڌايان ها. 

سڀاڻي منهنجي واپسي آهي ۽ اڄ ھُو مون سان گڏ ويٺي آهي. آءُ ڪيترو نه اڀاڳو آهيان جو هُن سان بس هي ئي گهڙي گڏ گذاري سگهندس.

هُو وري هڪ نئو سوال پڇي ٿي:
شادي ڪئي اٿي؟

مون کلي کيس چيو:
ايڏا ڏکيا سوال ڪونه پڇبا آهن چري!
روئاريندي ڇا؟

وڏو ٽھڪ ڏئي چوڻ لڳي:
مطلب ته هن مهل تائين شادي ڪونه ڪئي اٿئي!
چريا شادي ڪري ڇڏي ها نه؟

آءُ به کيس اهو چوڻ ته هيس ته مون هن مهل تائين 
شادي ڇو ڪونه ڪئي آهي. کيس انهي سوال جي جواب 
۾ شادي نه ڪرڻ جا جواز پيش ڪرڻ وارو ئي هيس ته 
هُن جي موبائل جي گهنٽي وڳي ۽ ھُن جو سمورو خيال 
اُن طرف متوج ٿي ويو.

موبائل تي ڳالهائي ڪري بس ڪيائين ته سندس اکين 
مان ڳوڙها بي اختيار ٿي ڪرڻ لڳا. مون کي روئاڻڪي 
لهجي ۾ چيائين:

منهنجي امڙ گذاري وئي آهي!

مون دل ۾ ٻه دفعا، 
اِنَّالِلّٰہِ وَاِنَّا اِلَیٓہِ رَاجِعُوْنَ پڙهيو. 
هڪ ان جي امڙ جي مرڻ جي خبر ٻڌڻ تي
۽ ٻيو پنهنجي حسرتن جي مرڻ تي!


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو