ڪتاب جڙيا رهو جڳ ۾ تي هڪ نظر



دنيا جي جديد ٿيڻ سان جيڪي سهولتون اسان کي ميسر ٿيون آهن انهن جي عيوض اسان پنهنجون روايتي قربان ڪيون آهن. پيار، محبت ۽ خلوص جنهن مقدار ۾ اڳي اسان جي وڏڙڻ ۾ موجود هوندو هو انهي جي برعڪس اڄ جي جديد دنيا ۾ صرف پنهنجي هڙ حاصل ڪرڻ ۽ انفرادي مفادن جي حاصلات لاءِ سڄي ڊوڙ ڊڪ شروع آهي.

ڪجھ ماڻهو سماجي نا انصافي، اڻ برابري ۽ فرصوده روايتن کان ڪناره ڪشي ڪري پنهنجي هڪ الڳ دنيا قائم ڪرڻ چاهيندا آهن. انهن منجهان هر ڪو پنهنجي عقل، فهم ۽ ڏاهپ جي وسيلي پنهنجو رستو اختيار ڪندو آهي. هڪ مخصوص طبقو ڪتابن جي پڙهڻ ۽ ڪتابن سان روح رهاڻ ڪرڻ کي پنهنجو پسنديده مشغلو بڻائيندا آهن.

انهي مشغلي ۾ پاڻ کي مصروف ڪرڻ کانپوءِ انسان چاهيندو آهي ته هو ڪجھ اهڙا ڪتاب پڙهي جيڪي سندس من جي مونجھ کي ختم ڪري سگهن يا وري جيڪڏهن من جي مونجھ کي ختم نه ٿا ڪري سگهن ته گهٽ ۾ گهٽ ان جي شدت ۾ گهٽتائي آڻي سگهن. انهي حساب سان اِهڙن ڪتابن جي تلاش وڌي ويندي آهي.

سائين پونجراج ڪيسراڻي جو ڪتاب جڙيا رهو جڳ ۾ پڻ اهڙن ئي ڪارڳر تجويزن جو مجموعو آهي جن تي عمل پيرا ٿي ڪري ڪو به ماڻهو پنهنجي بي ترتيب زندگي کي هڪ ترتيب ڏئي سگهي ٿو. هن ڪتاب جو محور جنهن خيال تي مشتمل آهي ان ۾ پاڻ سنوارڻ ۽ خوش گذارڻ جا ڏانءَ شامل آهن. هن ڪتاب جي مطالعي کان پوءِ زندگي جون نيون راهون هموار ٿين ٿيون.

ڪڏهن ڪڏهن اِئين ٿيندو آهي ته حالتن جي جبر اڳيان ماڻهو ايڏو مجبور ٿي پوندو آهي جو انهي مونجهاري ۾ مبتلا هئڻ سبب ماڻهو صرف پاڻ کي ئي درست سمجهندو آهي ۽ سامهون واري ماڻهو جي رايي کي ڪا به اهميت نه ڏيندو آهي. انساني رويي جي انهي منفي پهلو تي لکندي سائين پونجراج ڪيسراڻي لکي ٿو:

پاڻ کي ٻين جي نظر سان نهاريو. پنهنجن سوچن، جذبن تي انڌو اعتبار نه ڪريو. اسان جي گهڻن مسئلن جو ڪارڻ هي آهي ته اسان مان هر ڪو پاڻ کي صحيح ۽ حق بجانب ۽ سامهين ڌر کي غلط سمجهي ٿو. پر حقيقت ۾ ائين نه هوندو آهي. جيڪڏهن مسئلن جو سائنسي تجزيو ڪيو وڃي يا پاڻ کي سامهين ڌر جي جاءِ تي سمجهي سوچجي ته سڄي ڳالھ سمجھ ۾ اچي ويندي.
تنهنڪري پنهنجو تجزيو ڪري پاڻ کي ٻين جي نظر سان نهاريو. رڳو پاڻ کي صحيح نه سمجهو ۽ پنهنجن سوچن ۽ جذبن تي انڌو اعتبار نه ڪريو ته يقيناََ خوش گذاريندو ۽ گهڻن مسئلن کان بچيل رهندئو.
(ڏسو صفحو 77)

انسان منجھ جڏهن پنهنجي تنقيدي جائزي وٺڻ جو ڏاءُ اچي ويندو ته انهي وقت ان جا سڀ عمل، قول توڙي فعل درست رخ ۾ سفر ڪرڻ شروع ڪندا. مجموعي طور اسان مان گهڻائي جو اِهو الميو آهي ته اُهِي پنهنجي شخصيت جو جائزو ڪونه وٺندا آهن. پنهنجي عملن جو جائزو نه وٺڻ سبب سندن ڪافي سارا معاملا تباهي جي ور چڙهي ويندا آهن.

دنيا جا ڪامياب ماڻهو پنهنجي شخصيت جو پاڻ ئي تنقيدي جائزو وٺندا آهن. پنهنجي هر عمل توڙي قول ۽ فعل جو زميوار پاڻ ئي سمجهندا آهن. انهن جي انهي عمل سبب ڪاميابي سندن قدم چمندي آهي ۽ دنيا کين ڪامياب ماڻهن جي فهرست ۾ شمار ڪندي آهي. هي گُر پڻ هڪ ڪارگر نمونو آهي.

ڪجھ ماڻهو ماضي پرست هوندا آهن. پنهنجي ماضي سان پاڻ کي جوڙي رکندا آهن. هر پل هر سڪينڊ پاڻ کي ماضي جي گهاريل گهڙين ۾ گم رکندا آهن. وري ان جي برعڪس ڪجھ ماڻهو ماضي جي تلخ تجربن مان گهڻو ڪجھ پرائيندا آهن. ماضي کي آئينو بڻائي انهي منجهان پنهنجي مستقبل جا روشن خواب ڏسندا آهن. انهي ماضي واري حالت کي سائين پونجراج ڪيسراڻي لکي ٿو:

هڪ خوشگوار ۽ ڪامياب زندگي گذارڻ لاءِ نه ماضي کي سارڻ چڱو آهي ۽ نه ئي وسارڻ، پر ان مان سبق سکڻ چڱو ڪم آهي.
(ڏسو صفحو 40)

ماضي سان گهڻي چاھ رکڻ يا وري ماضي کي سفا وسارڻ، ٻئي صورتون انتهائي خطرناڪ آهن. انهي ٻنهي صورتن کان هٽي ڪري ماضي جي دور سان وچ وارو رويو رکڻ گهرجي ڇو ته ماضي جا تجربا ڪڏهن تلخ ته وري ڪڏهن فرحت ڏيندڙ هوندا آهن. ماضي جو متضاد مستقبل آهي.

مستقبل اُهو ايندڙ وقت هوندو آهي جنهن بابت ماڻهو پنهنجا ڪجھ ڪم ترتيب ڏئي رکندو آهي. انهن ڪمن جي پورائي لاءِ حڪمت عمليون جوڙيندو آهي ۽ پنهنجي ايندڙ وقت جي آجيان لاءِ پاڻ کي تيار ڪندو آهي. مستقبل جي بهتري لاءِ ليکڪ لکي ٿو:

اوهان جو مستقبل اوهان جي هٿن ۾ آهي. حقيقت ۾ ڏسجي ته ماڻهو جيڪو ڪجھ ڪري ٿو، سو پنهنجي مستقبل لاءِ ئي ڪري ٿو. اُن کي اهو ئي ملي ٿو، جنهن لاءِ هُو سچي دل سان جاکوڙ ٿو ڪري. جيڪڏهن هو چڱو ٿو ڪري، ته کيس چڱو ڦل ملندو ۽ جي خراب ڪندو ته يقينن ڦل به خراب ئي ملندو. مشهور چوڻي آهي ته ” جهڙي پوک پوکيندو، سائي اوهان لڻندئو.

جي اوهان ٻاجهر پوکيندا ته ٻاجهر ٿيندي، گوار پوکبو ته گوار ٿيندو پر ڪڻڪ ڪنهن به صورت ۾ نه  ٿيندي. باقي ڪنهن جي خواب ڏسڻ تي بندش وجهي نٿي سگهجي. خواب ڀلي ڏسو. پنهنجو پاڻ لاءِ، پنهنجي اولاد، پنهنجي خاندان، پنهنجي ڳوٺ، پنهنجي صوبي ۽ پنهنجي ملڪ جي ترقي لاءِ خواب ڏسو. ترقي، خوشحالي توڙي مالي، مادي ۽ روحاني خوشين جا خواب ڏسڻ گهرجن، پر پنهنجي خوابن کي ساڀيان ڪرڻ لاءِ وڏي مصوبہ بندي، جاکوڙ ۽ وڏي محنت جي ضرورت هوندي آهي. تنهنڪري هنئير ئي سندرو ٻڌي، پنهنجي خوابن کي حقيقت جو روپ ڏيارڻ لاءِ صحيح طريقي ۽ ايمانداري سان، الله تي ڀروسو رکي محنت ڪرڻ شروع ڪيو. اوهان جي محنت رائگان نه ويندي. همت مردان مدد خدا.

جيڪي ماڻهو پنهنجي مستقبل ڏانهن سنجيده رويو رکندا آهن ۽ پنهنجي مستقبل بابت فڪر مند هوندا آهن انهن جي زندگين ۾ بدلاءُ تمام جلدي ۽ تڪڙي نموني اچي ويندو آهي. ڪا هڪ ڳالھ يا ڪو ننڍڙو واقعو سندن زندگي جو رخ تبديل ڪري ڇڏيندو آهي. بهترين مستقبل ٽن قسمن جي مرڪبن جو گهرجائو هوندو آهي. مستقل مزاجي، سنجيدگي ۽ ارادي جي مضبوطي. جيڪڏهن هنن ٽنهن مرڪبن مان ڪو هڪ مرڪب ڇڏي ڪري اڳتي لاءِ جدوجهد ڪبي ته شايد انهي جدوجهد جا موثر نتيجا نه ملي سگهندا.

اسان وٽ کوڙ سارا اِهڙا ماڻهو هوندا آهن جيڪي ڪچهرين ۾، گڏجاڻين ۾ يا وري نويڪلائي ۾ پنهنجي مستقبل بابت پنهنهجي ڳڻتي ظاهر ڪندا آهن. هُو اسان کي اهو محسوس ڪرائيندا آهن ته اُهي پنهنجي مستقبل بابت فڪر مند آهن. جائزو وٺڻ تي معلوم ٿيندو آهي ته انهن وٽ دور انديشي واري نظر جي قطع سالي هوندي آهي. انهن وٽ ڪا به حڪمت عملي جڙيل نه هوندي آهي جنهن تي عمل ڪري هو پنهنجي مستقبل کي سنواري سگهن.

اهڙن غير سنجيده روين جي ڪري به اسان مان گهڻن ماڻهن جو مستقبل داءُ تي لڳي ويندو آهي. پنهنجي سنهري مستقبل کي اونداھ ۾ ڌڪي پوءِ وري ڏوھ حڪومتن ۽ حڪمرانن ڏي ڏيندا آهيون. ها مڃون ٿا حڪمرانن ۽ حڪومتن جون به ڪافي ڪوتاهيون آهن پر اسين ڪيتري قدر پنهنجي آئيندي سان سنجيده آهيون ان جو به احتساب ٿيڻ گهرجي.

هي ڪتاب روشني پبليڪشن ڪنڊيارو طرفان ڇاپيو ويو آهي ۽ سندس قيمت ڏيڍ سئو روپيه رکيو ويو آهي. هي ڪتاب هر هڪ ساڃاھ وند ۽ باشعور فرد کي پڙهڻ گهرجي. هن ڪتاب جي اهميت جو اندازو اِن ڳالھ مان ئي لڳائي سگهجي ٿو ته هن ڪتاب جي ڳالهين کي سھڻي صلاح جي نالي سان ڪافي عرصو ڪاوش ۾ پڻ ڇاپيو ويو آهي.


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو