ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن


(يادگيريون)
قسط ٻيو

انسان مايوس به ٿي ٿو. نراس به ٿي ٿو ته وري ڪڏهن واري جيان ڀُري زرو زرو به ٿي ٿو. ان سان گڏوگڏ وري جڏهن مضبوط ارادو ڪري وقت اڳيان پٿر بڻجي مشڪل حالاتن جو مقابلو ڪري ٿو. 

ته انهي مهل سندس اندر مان فتح جا هوڪرا ۽ چئوٻول ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. سندس ضمير کيس سلامي پيش ڪري ٿو ۽ هو انسان هجڻ واري عظمت تي پهچي وڃي ٿو.

مون به پاڻ کي وقت سان مقابلي ڪرڻ لاءِ تيار ڪرڻ شروع ڪيو. گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سال منهنجي جهولي ۾ نا اميدي جي ڪومايل گلن جي ڀيٽ ۾ اميد جا تازا گل گهڻا هئا. 

مون سمجهي ورتو هو ته مشڪل گهڙيون پنهنجي پويان سڪون واريون ساعتون به گڏ کڻي آڻينديون آهن. انهي وچم ۾ منهنجي بابا سان ۽ امان سان فون تي طويل ڪچهري ٿيندي هئي. آءُ کين پنهنجي حال کان واقف ڪندو رهندو هيس.

انهي وچ ۾ آءُ اِن ڳالھ تي به زور ڏيندو هيس ته آءُ انجنرينگ ڇڏڻ ٿو چاهيان. مون کان هي ڊگري نه ٿي ٿئي. دماغ تي وزن هر ڏينهن وڌي پيو. آءُ بيزار ٿي پيو آهيان. 

منهنجون هي سڀ ڳالهيون ٻڌي بابا ۽ امان ڪنهن قدر دل شڪستو ٿي ويندا هئا. مون کي سمجهائڻ لڳندا هئا ته: ” پٽ، تنهنجي هن پڙهائي سان اسان جا کوڙ سارا خواب سلهاڙيل آهن وقت کان اڳي انهن خوابن جو ڳلو نه دٻائي.“

مون لاءِ اهو مشڪل ٿي پوندو هو ته آءُ ڪهڙو فيصلو ڪيان. پڙهائي جاري رکان يا هتي ئي فل اسٽاپ هڻان. انهي ڪشمڪش ۾ هڪ ٻيو سال به گذري ويو. آءُ پورا ٻه سال پڙهڻ جي باوجود به پنهنجي ڊگري جي ٻي سال ۾ داخل نه ٿي سگهيو هيس. 

اُهو ئي ساڳيو سال، ساڳيا سبجيڪٽ ۽ ساڳيا فڪر. نيٺ هڪ ڏينهن پڪو پھ ڪيم ته هاڻ وڌيڪ هي ذهني دٻاءُ برداشت ڪونه ڪبو. هن پڙهائي کي خيرباد چئي ڪري ڪا ٻي ڊگري ڪري وٺبي.

منهنجو اهو سوچڻ ۽ قدرت واري طرفان مون کي پنهنجي عمل ۾ ڪامياب ڪرڻ لاءِ هڪ موقعو فراهم ڪرڻ، ٿيو ڪجھ هن ريت ته آءُ پنهنجي ڪلاس فيلوزس دوستن سان ڪلاس ۾ ويٺو هيس. 

استاد ڪلاس جي حاضري هڪ پني تي ورتي. جنهن ۾ سڀني ڪلاس وارن جا نالا درج ٿيل هئا. بس هر ڪنهن کي پنهنجي نالي اڳيان صحي ڪرڻي هئي ۽ مون به پنهنجي نالي اڳيان صحي ڪئي. 

آءُ انهي پني کي ٿورو غور سان ڏسڻ لڳس ۽ اهو ڏسي رهيو هيس ته منهنجي هڪڙي پراڻي هم ڪلاسي جي ڪنهن صحي ڪري ڇڏي هئي.

آءُ انهي دوست جي چالاڪي تي حيران ٿي رهيو هيس. پويان ماستر کي اهو شڪ ٿيو ته مون پنو ٿورو عرصو پنهنجي هٿ ۾ جلهي رکيو هو سو شايد اهو ڪم مون ڪيو آهي. مون کان ڪا به پڇا نه ڪيائين. 

سڌو شاهي فرمان جاري ڪيائين ته ڪلاس مان ٻاهري نڪري وڃ. آءُ به خاموش ٿي ڪري ڪلاس کان ٻاهر نڪري ويس. ڪلاس کان ٻاهر نڪرڻ مهل منهنجي اکين ۾ ڳوڙا اچي ويا ۽ آءُ پنهنجي منهن هاسٽل تائين روئندو ويس.

ماستر جي انهي رويي مون کي پڙهائي تان هٿ کڻڻ تي مجبور ڪيو. مون اندر ئي اندر ۾ اِهي دانهون پي ڪيون ته جيڪو گناھ مون ڪيو ئي ناهي ان جي سزا مون کي ڇو ٿي ملي. 

انهي واقعي مون کي پنهنجي ڊگري تان هٿ کڻائي، ۽ آءُ ٿوري عرصي کان پوءِ سڌو اچي گهر پهتس ۽ گهر وارن کي به اهو چيم ته هاڻ آءُ قطعه به ڪنهن به قيمت تي اِها ڊگري ڪونه ڪندس. 

هاڻ اِها ڊگري ڄاڻي اِها يونيورسٽي ڄاڻي پنهنجي يارو ياري اٿس.

ڪجھ عرصو بابا زور ڀريندو رهيو ته پٽ وڃ پنهنجي پڙهائي مڪمل ڪري اچ، اجايو ماڻهو کلندا ته استاد جو پٽ پنهنجي پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي آيو آهي. صفا ڪو نڀاڳو آهي. ماڻهو نه کلاءَ اسان تي. 

ٿورو ڏاهو ٿي عقل کان ڪم وٺ. ڪاوڙ مان ڪم نه وٺ، درگزر ڪرڻ سک، بابا ته گهڻو ئي سمجهايو پر منهنجي مٿي ته به جواني جي ڪاوڙ بر لڳي بيٺي هئي سو واپس ورڻ جو ته ڪو سوال ئي پيدا نه پي ٿيو.

انهي عرصي دوران منهنجي ڏاڏي به وفات ڪري وئي. ڪجھ عرصو سوڳ ۾ هياسين. بابا سان ان معاملي تي ڪا ڪچهري نه ٿي. وري جڏهن حالتون سازگار ٿيون ته بابا مون کان واپس وڃڻ بابت پڇيو مون کيس اهو ٻڌايو ته هاڻ آءُ واپس نه ويندس بلڪ هتي ئي ڪا ڊگري ڪري وٺندس. 

بابا به چيو ٺيڪ آهي ڀلا هاڻ ائين ڪر سڀاڻي خيرپور وڃ اتان خاڪي شاھ جي پل جي اوريان ايليمنٽري ڪاليج آهي انهي ۾ داخلا جا فارم هلن ٿا پيا سو وڃ ۽ اتان فارم وٺي اچ.

مون به کانس ڪونه پڇيو ته فارم ڪهڙي ڊگري جو آهي ۽ اتي ڇا پڙهبو. بس ايتري سڌ پئي ته ماستري جا ڪا ڊگري آهي جيڪا اتي ٿيندي آهي ۽ اُن کي اي ڊي اِي چوندا آهن.
 ADE (Associate Degree in Education) 

اڳتي هلي انهي ڪاليج ۾ جيڪا معاملا ٿيا ۽ اسان پنهنجو وقت جهڙي ريت گذاريو اهو ڏاڍو دلچسپ قصو آهي.

هلندڙ


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو