لاهوت لامڪان جو سير، سفر ۽ مشاهدو

قسط چوٿون

رات جبلن جي پٿرين تي ننڍ ڪرڻ جو تجربو سٺو رهيو. پوري رات ۾ ڪُل ٽه يا چار ڪلاڪ ڪا ننڍ آئي هوندي ته ٺيڪ نه ته مڙئي ڪلھ خير. 

هتان پر سال جي ڀيٽ ۾ ڪافي تبديليون آيون آهن. 

ڪافي سارا سُٺا ۽ عمده هوٽل به ٺهڪي چڪا آهن. ليڪن عام توڙي غريب لاهوتي هوٽلن جو رخ ڪونه ٿا ڪن ها باقي ڪجھ ماڻهو مڙئي سڙئي هوٽلن جو رخ ڪندا آهن. 

هنن هوٽلن کي ڏسي ڪري مون کي من ئي من ۾ اهو خيال آيو ته جيڪڏهن منهنجو چاچو ۽ منهنجو ماروٽ منهنجو ساٿ ڏين ته هوند اسين انهن پٽ پٿرين کان جان ڇڏائي ڪري هنن هوٽلن ۾ رهائش پذير ٿيون. 

پر مسئلو اِهو ته هتي هر شئي معول جي قيمت کان مهانگي ملي ٿي. نوي روپين وارين بوتل هڪ سئو ويھ روپيا. سٺ روپين ۾ ملندڙ ڀاڄي واري پليٽ هتي هڪ سئو ويھ روپين ۾ ملي ٿي. 

اهڙي ريت وري سخت گرمي هجڻ جي باوجود هتي هوٽلن تي پئيڻ جو ٿڌو پاڻي نه ٿو رکيو وڃي. انهي جا ٻه مکيه سبب ٿي سگهن ٿا.

هڪ ته هتي ماڻهن جي پيھ هوندي آهي جنهن سبب هتي آيل مسافر ٿڌي پاڻي کي هوٽلن کان ڀرڻ شروع ڪندا. انهي ريت هوٽل تي آيل گهراڪن کي به پاڻي پئيڻ لاءِ ملي نه سگهندو. 

هوٽل وارا به ڪنهن کي پيمڻ جي پاڻي ڀرڻ کان روڪي نه ٿا سگهن. جنهن سبب هو پاڻي کي مڙئي جهڙي تهڙي حالت ۾ رکي ڪري پوراءُ ڪندا رهن ٿا. 

جنهن کي ٿڌو پاڻي ڪرڻو هجي ٿو اُهو پاڻ ڏھ روپين جي برف وٺي ڪري پنهنجي ڪولر يا جڳ کي ٿڌو ڪري وٺي ٿو. هتي سڀئي انتظام مقامي ماڻهن طرفان پنهنجي ڪوششن تحت ڪيا وڃن ٿا. 

هتان جو سڄو ويو منڊل ڏسي ڪري اهو يقين پختو ٿئي ٿو ته حڪومت هتان جي سڀني معاملن کان ڪوھ ڏور پري آهي.

هتي هڪڙو ماڻهو ٻي ماڻهو لاءِ سهارو آهي. باقي ڪنهن خاص ايمرجنسي يا حادثي جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪو به جوڳو بندوبست ڏسڻ لاءِ نه مليو.

هتي پهچڻ مهل عمومن سڀئي لاهوتي کائڻ پئيڻ توڙي رهائش جا سڀئي بندوبست پنهنجي وس آهر پاڻ ڪن ٿا.

هتان جي مهانگائي کي ڏسندي اهو احساس ٿيو ته شين جي نه هجڻ يا ڏکيو ملڻ جو احساس ڪيترو نه تڪليف ڏيندڙ هوندو آهي. هتي وينجهڻ لاءِ به پاڻي جو هڪڙو ڪين پورن چاليهن روپين ۾ خريد ڪرڻو پيو. 

انهي هڪڙي پاڻي جي ڪين سان ڪهڙو فريش ٿي سگهجي ٿو اهو توهان پاڻ اندازو هڻي سگهو ٿا.

هتي جا ڪجھ دڪاندار ۽ پيش ورانه ماڻهو سنڌي ٻولي ڪنهن قدر ڄاڻن ٿا باقي عمومن ٻيا ٻروچ اردو ڳالهائن ۽ هتي جي دڪانن مٿان به اردو سان لکت هر جڳھ تي نظر آئي.

بلوچي ٻولي کي پنهنجو رسم خط نه هجڻ سبب انهن کي پرائي ٻولي جو سهارو وٺڻو ٿي پيو. هتان جا ماڻهو جيتوڻيڪ جابلون آهن. سندن ظاهري ڏيک ويک به جابلو ۽ صاف سٿرو هجڻ کان مڙئي خالي هجي ٿو. عمومن سڀئي ٻروچ مٽي ۽ ڌوڙ سان ٽمٽار هجن ٿا.

هاڻي اهو پاڻي جي گهٽ هجڻ سبب آهي يا وري سندن رهڻ جو انداز اهو آهي اهو ته اِهي ئي بهتر سمجهن. مون هڪڙي سان سنڌي ۾ سٺي ڪچهري ڪئي ۽ کيس مامو چئي ڪري مخاطب ٿيس.

کيس به سنڌي زبان تي سٺي دسترد حاصل هئي مون سان خوش اخلاقي سان پيش آيو ۽ اسان جي وچم خيالن جي سٺي ڏي وٺ ٿي.

هتي اڪثر لاهوتي نشا وغيره وڏي بي باقي سان ڪندا آهن. ڀنگ هجي. چرس هجي يا وري ڪو به ٻيو نشو. هتي ڪنهن کي به ڪو جهل پل ڪونهي. 

ڇو ته حڪومت توڙي حڪومت جا ڪارنده هتان کان ڪوھ ڏور آهن. هتي اچن به ڳوٺاڻا. رهن توڙي گُهمن به اڪثر ڳوٺاڻا ۽ اِهي خفط ڪن به اڪثر ڳوٺاڻا.

عام طور تي هتي پهچڻ کان پوءِ ڀنگ ۽ چرس گهڻو پيتو وڃي ٿو. توهان کي آس پاس مطلب ته هر جڳھ تي اهڙا کفتي ملندا جن جي هٿ ۾ ڀنگ جو وٽو هوندو يا وري اهڙا ملندا جن جي هٿن ۾ چرس سان ڀريل سگريٽ توهان کي نظر ايندا. 

لاهوتين جي هڪڙي ڳالھ بنھ الڳ آهي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو سندن ٽولي کي جوائن ڪرڻ جو سوچي ۽ اچي ڪري ڀنگ يا چرس پيئڻ جي خواهش ڏيکاري ته اُن کي وڏي دل سان ڀليڪار ڪندا ۽ اُن کي وڏي پيار سان ڀنگ توڙي چرس پياريندا.

هتي هن ڳالھ جو ذڪر ڪرڻ به ضروري ٿو سمجهان ته جيڪڏهن هتي ڪنهن جنگ جو خيال اچي ته هو پاڻي جي هڪڙي ششي هٿ ۾ کڻي ڪري ماڻهن جي پيھ کان ڪجھ پرڀرو ٿي ڪري ڪنهن وڻ يا ننڍي ٻوڙي جي اوٽ وٺي ڪري مڙئي پيٽ خالي ڪري ايندا آهن. 

حالاڪ پاڻي جي اڻاٺ ته هتي به آهي ليڪن انهي جي باوجود به پاڻي جي ضرورت کي مد نظر رکندي ڪجھ نه ڪجھ پاڻي ته خرچ ڪرڻو ئي پوي ٿو.

هتي توهان کي ماڻهن جي پيھ مان هر قسم جا ماڻهو نظر ايندا. ڪي ٿلا، ڪي بندرا، ڪي سھڻا، ڪي سانورا تهڙي ئي ريت عورتون به مختلف قد و بت توڙي منهن مهانڊن سان ڏسڻ لاءِ ملن ٿيون. 

هتي اچڻ کان پوءِ مون اندر ئي اندر ۾ هڪڙو رايو جوڙيو ته جيڪڏهن هن نوراني جي ميلي تي عورتون اچڻ بند ٿي وڃن ته پوءِ شايد اسان جهڙا ڇڙا ۽ ڇڙواڳ مرد به نوراني جي ميلي تي اچڻ بند ٿي ويندا. بر حال هر ڪنهن جو پنهنجو منتق ۽ نقطئه نظر آهي.

ڪو ڪهڙي نيت سان اچي ٿو. ڪو ڪهڙي نيت سان. آءُ جنهن نيت سان آيو هيس. اِهو توهان کي ٻڌايان ٿو. منهنجو هن سفر ۾ شريڪ ٿيڻ جا مکيه ٻه سبب هئا.

هڪڙو: سفرنامو لکڻ
ٻيو: ڪنهن الهڙ سان پيچ پائڻ

آءُ عقيدت جي بنياد تي شين کي ڏسڻ نه پيو چاهيان. هر هڪ شئي کي مشاهدي توڙي ڳوڙهي اڀياس کان پوءِ ئي قبول پيو ڪريان. ڇو ته عقيدت جي اوٽ ۾ ڪافي اوڻايون لڪي وينديون آهن. 

آءُ پوري سفر ۾ رات جو پوري ڏينهن جو حال احوال لکندو هيس ۽ ڏينهن جو هُن جي نظرن سان ڪي گهڙيون نظرون ملائي ڪري مڙئي پاڻ کي چارج ڪندو هيس.

 اڄ هتي لاهوت جي نگري ۾ گهمڻ ڦرڻ کان پوءِ بلاول شاھ نوراني جي درگاھ تي وڃڻ جو موڊ ٿيو. سنگت کي ساڻ ڪري اسان بلاول شاھ نوراني جي درگاھ ڏانهن روانا ٿياسين. ڪافي ماڻهو پنڌ کان بچڻ خاطر ٽريڪڙن ۾ سوار ٿي رهيا هئا. 

ليڪن اسان پنڌ کي ترجيع ڏني. اِهو اِن لاءِ ته هڪ صبوح جو وقت هو ٻيو ته اسين اڃا جوان هئا سين جبلن کي جهاڳڻ جي همٿ اسان ۾ به ڪافي هئي سو سوچيوسين ته اڃايا پئسا حرام نه ڪجن.

رستن جي لاهين توڙي چاڙهين تي هلندي هڪڙي سٽ ذهن تي تري آهي. خيال آيو ته ” دربدر توڙي ذليل ٿيڻ جو به پنهنجو هڪ الڳ مزو آهي. محلاتن ۾ ويٺل ماڻهن کي ڪهڙي خبر ته جبل جي سيني کي ڪيئن چيربو آهي؟


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو