ڪهاڻي / هُو پڇي ٿي



هُو، جيڪا منهنجي محبت جو محور ۽ مرڪز آهي. جنهن کان سواءِ آءُ ڪا به گهڙي اڪيلو گهاري نه ٿو سگهان، هُن سان منهنجون 32 نه بلڪ 36 دليون آهن. 

ڇو ته 32 دليون ته عام طور تي ٿي سگهن ٿيون پر 36 دليون ڪنهن ڪنهن سان ٿي سگهن ٿيون.

هُو، اڪثر مون کان غير معمولي ۽ انتهائي دلچسپ سوال پڇندي آهي. هُو، منهنجي رايي کي تھ دل سان اهميت ڏيندي آهي. 

آءُ اِن لاءِ سندس لاءِ لکندو آهيان ۽ هُو منهنجي محبت جي مان رکڻ  لاءِ پڙهندي آهي. ادب جو مطالعو ڪندي آهي ۽ اديب ٿيڻ چاهيندي آهي.

اِهڙي ريت هُو، پاڻ کي فڪر جي ڦرهي ۾ جڪڙڻ جي ڪوشش ڪندي آهي.

۽ وري جڏهن سوچڻ واري نهج تي پهچندي آهي ته انهي ويل مون کان بي ترتيب سوال پڇڻ لڳندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن آءُ مُنجهي پوندو آهيان.

ليڪن پنهنجي منجهڻ توڙي وائڙي ٿيڻ جو کيس ڪو به احساس نه ڏياريندو آهيان.

هڪ دفعي هُن مون کان پڇيو ته:
تون مون سان ڪيتري محبت ڪندو آهين ؟

سندس هِن سوال کي ٻڌڻ کان پوءِ آءُ صرف انهي فڪر ۾ مبتلا ٿي ويس ته کيس ڪو ڪچو ڦڪو جواب نه ڏيان. ڪو ٺاهوڪو ۽ دٻدٻي وارو جواب ڏيان. 
جنهن ۾ وزن هجي.

جنهن کي ٻڌڻ کان پوءِ هُو وري ڪڏهن مون کان منهنجي محبت جي وضاحب طلب نه ڪري. 

هُو واقعي عجيب سوال ڪري ٿي. ڪيڏو نه ڏکيو سوال آهي ته تون مون سان ڪيتري محبت ڪندو آهين. هُو پڇي ٿي ته آءُ کيس ڪيترو پيار ڪرڻ گهرڻ گهرندو آهيان. 

هُو، پڇي ٿي ته آءُ کيس ڪيترو املھ سمجهندو آهيان. ڇا منهنجا هي لفظ منهنجي ڪيفيت کي بيان ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندا؟

آءُ سوچن جي ساگر ۾ لڙهڻ لڳا ٿو ۽ انهي لڙهڻ جي باوجود به پاڻ کي سنڀاليندي کيس وراڻيم:

دائمي توڙي ازلي محبتون ڪنهن به وضاحت، ڪنهن به دليل جو محتاج ناهن هونديون. جڏهن محبت ۾ وضاحتون پيش ڪرڻ جو وقت اچي وڃي ته اُن مهل پڪ سمجهو ته اُها محبت هيڻي ٿي رهي آهي. 

ڪمزور ٿي رهي آهي. محبت جي اُها تند اُکڙي رهي آهي جنهن تند سان ٻه دليون پاڻ ۾ ٽاڪيل هونديون آهن.

وضاحت طلب ڪرڻ واري جي دلچسپي سامهون واري شخص مان گهٽجي رهي آهي. انهي وقت محبت دم ٽوڙڻ لڳندي آهي. ائين کڻي سمجھ ته پنهنجي آخري پساهن ۾ پئي ساھ کڻندي آهي.

منهنجي هِن فلسفاڻي وضاحت کي ٻڌڻ کان پوءِ هُو بي ساخطا وراڻي:

سقراط جو ڀٽڪيل شاگرد محترم، مون ٻيھر لاءِ توبھ ڪئي، وري ڪڏهن به توهان کان محبتن جون وضاحتون طلب نه ڪنديس. 
هن قسم جا سوال قطعي ڪونه پڇندس.
بس هاڻي ته خوش.

سندس هنن جملن جي ٻڌڻ کانپوءِ مون کان هڪڙي هلڪي ٽهڪ نڪري وئي ۽ آءُ ڪي ئي ساعتون سندس معصوميت تي مرڪندو رهيس. 

منهنجي مرڪ کي ڏسندي، ٿورو شڪي نظرن سان، 
هُو به مرڪي پئي.


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو