فليش فڪشن / سبب جي ڳولا



هُو رات دير تائين هُن سان ڪچهريون ڪندو هو ۽ ڪالھ رات جو هُو اڀاڳي سندس خيالي پلائن ۽ خالي دلاسن تي لڳي ڪري سندس خواهش کي پوري ڪري ويو هو. 

اڄ هَن اِهو سوچيو ته ڪئين به ڪري هاڻ ڪو سبب ڳولي هن نڀاڳي مان پنهنجي جان ڇڏيان. وري ڪو ٻيو ڳوليان، مڙئي ڀاڄي مٽ ڪجي ساڳي ڀاڄي مان وري وري لزت ٿورئي ايندي.

اهو سوچي ڪري کيس فون ڪيائين، هُو سندس فون جي انتظار ڪري رهئي هئي ۽ هن جئين ئي ڪال کنئي ته هَن هڪ ئي ساهي ۾ کيس چيو: 

” تون ڏاڍي بد چلن آهين. پنهنجي پيءَ ماءُ جي عزت جو نه سوچيندي جهڙي ريت مون سان ملڻ آئي هئين ائين تون ٻين ڏانهن به جلد مائل ٿيندي هوندئين. سو براءِ ڪرم اڄ کان پوءِ وٺي مون ڏانهن ڪال نه ڪجان“.

کيس اِهي لفظ چئي پنهنجو منهن وراڻيو ” کيس ڇڏڻ جو واھ جو سبب هٿ آيو. اصلي جان آجي ٿي پئي“.


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو