چاهت



هُو جيڪا اڃا زماني جي سرد توڙي گرم هوائن کان واقف ڪونه ٿي هئي. اچانڪ مون سان رابطي ۾ اچي وئي. مون کي اِهو اندازو هو ته هُو جواني جي چئواٺي تي هاڻ پهتي آهي سو ڪٿي ائين نه ٿي جو ڪنهن بگڙ جي ور چڙهي وڃي ۽ پوءِ سموري حياتي پيار محبت کي پاراتو ڏي. سو مون به سندس دل رکڻ لاءِ ساڻس رابطو جاري رکيو.

هڪ دفعي مون کان پڇيائين:
ڪنهن سان سچو پيار ڪيو اٿئي؟

هاڻ انهي سوال جو جواب ڏيڻ مون وٽ ڄڻڪ ڪي ڏيھ پراڻو ٿي چڪو هو ۽ انهي سوال جو جواب آءُ هِن کان پهريان به ڪافي الڙ نارين کي ڏئي چڪو هيس. هر نئي الڙ ڇوڪري پيار ۾ پهريان اهو ئي سوال ڪندي آهي. بس سندس دل رکڻ لاءِ چيم: 
نه، اڄ ڏينهن تائين ڪنهن سان سچو پيار ڪونه ٿيو اٿم. ڪو سچو ماڻهو مليو ئي ڪونه!

هُو منهنجو جواب ٻڌي ٽڙي پئي. کيس شايد اِهي خيال اچڻ لڳا ته هاڻ آءُ ھُن سان ئي سچو پيار ڪندس. پر اِن چري کي ڪير سمجهائي ته اڄڪلھ جي زماني ۾ سچو پيار ڳولهيو ڪونه ٿو ملي!

وري چوڻ لڳي:
مون سان ڪيترو پيار ڪندو آهين؟

ڪيڏا نه عجيب سوال پڇي پئي. پر سندس ڏوھ به نه آهي. پيار جي پهرين ڏينهن ۾ اسان به انهن سوالن جا جواب تلاش ڪندا هياسين. هاڻي اِها ڳالھ کڻي الڳ آهي ته هن وقت انهن سوالن پڇڻ توڙي انهن سوالن جا جواب اسان وٽ ڪا اهميت نه ٿا رکن!

سندس سوال کي اڳيان رکي کيس چيم:
آءُ توسان ايترو پيار ڪندو آهيان جيترو پيار مجنون پنهنجي ليلان سان ڪندو هو. ڄام تماچي نوري سان ڪندو هو. بلڪ اڃا به ائين کڻي چئجي ته جيترو پيار ميهار پنهنجي سهڻي سان ڪندو هو!

منهنجا جواب ٻڌي هُو صفا مطمئن ٿيڻ لڳي ۽ مون کي چيائين ته:
پاڻ عيد کان پهريان ڪٿي ملي وٺنداسين. ڪي پل سامهون ويهي قرب ڀريون ڪچهريون ڪنداسين. جي ممڪن ٿيو ته رات به گڏ رهنداسين!

آءُ انهي پريشاني ۾ اچي پيس ته هُو ته آهي الڙ، کيس نه ماڻهن جي پرک آهي ۽ نه ئي اڄڪلھ جي پيار ۾ ٿيندڙ اٽڪل بازين جي. هاڻ آءُ ڇا ڪريان. سندس رات گڏ گذارڻ واري ڳالھ مون کي پريشان ڪري رهي هئي ته ڪٿي مون کان ڪا گستاخي نه ٿي پوي ۽ آءُ عمر ڀر لاءِ پاڻ کي معاف نه ڪري سگهان!

انهي ئي ڪشمڪش ۾ مون هڪ هفتو گذاريو. مون کي اِهو اُلڪو شدت سان هو ته هُو عيد تي ملڻ جو پروگرام ضرور ٺاهيندي. کيس ڪئين انهي ڳالھ کان دستبردار ڪريان. عيد ۾ اڃا ڪجھ ڏينهن هئا ته هڪ رات اچانڪ سندس ڪال اچي وئي ۽ مون سان ڪجھ ريت مخاطب ٿي:

سميع صاحب! پاڻ هاڻي عيد تي ڪونه ملي سگهنداسين ڇو ته بابا سائين عيد تي منهنجي شادي جو پروگرام رٿيو آهي. امان جي خواهش آهي ته آءُ ماما نجيب جي وڏي پٽ سان شادي ڪريان. ماما نجيب وارا ڪالھ اسان جي گهر رشتو وٺڻ آيا هئا. بابا انهن کي منهنجو رشتو ڏنو آهي.

امان جي طبعيت به مسلسل خراب رهي ٿي. جنهن ڪري اهو امڪان آهي ته ڪٿي امڙ کي ڪجھ ٿي نه پوي. امان به چوي ٿي ته تون اسان جي اڪيلي اولاد آهين. تنهنجون اميدون آءُ پنهنجي جئيري ئي مڪمل ٿيندي ڏسان. سو انهي سبب هاڻ هُو منهنجي شادي ڪرائڻ چاهين ٿا.

پر هڪ ڳالھ ياد رکجان. آءُ به هي شادي پنهنجي والدين جي رضا مندي ۽ انهن جي خوشي جي تڪميل جي ڪري ئي ڪري رهي آهيان. جي تون ڏکارو ٿئي ٿو ته پوءِ حڪم ڪر اءُ تنهنجي خوشي خاطر هن شادي کان انڪار ڪريان ۽ پاڻ ڀڄي هلي ڪٿي لڪ ڇپ ۾ شادي ڪري وٺون! 

وڌيڪ حڪم ڪر. جئين تون چوي پيارا

آءُ سندس جواب کي ٻڌي ڪري ڪنهن قدر خوش ٿيس ته هُو هن معاشري ۾ بدڪار ماڻهن جي اک ۾ اچڻ کان پهريان ئي ڪٿي محفوظ ٿي رهي آهي. مون کيس جواب ۾ چيو:

چري! تون مون مان اِها توقع ڪهڙي نموني ڪري ٿي ته ڪو آءُ توکي ڀڄائي وٺڻ جو اردو رکان ٿو يا انهي عمل سان مون کي خوشي ٿيندي. ها باقي رهي ڳالھ تنهنجي شادي جي ته تون هڪ سهڻي ۽ سٺي باترتيب نموني سان پنهنجي ئي ماما جي گهر ۾ وڃي رهي آهين. جيڪو تنهنجي لاءِ خوش قسمتي جهڙي ڳالھ آهي!

باقي رهي ڳالھ اسان جي پيار ۽ محبت جي سو اِن لاءِ آءُ ايترو ئي چوندس ته پيار حاصل ڪرڻ جو نالو نه بلڪل ٻي جي خوشي ۾ خوش رهڻ جو نالو آهي. محبوب جي رضا ۾ راضي رهڻ ۾ ئي عاشق جي سرهائي هوندي آهي. تون پنهنجي راض خوشي سان ڪنوار ٿي ڪري وڏي ڌام ڌوم سان شادي ڪري آءُ به تنهنجي شادي ۾ شريڪ ٿي ڪري اهو ثبوت ڏيندس ته آءُ حوس پرست نه بلڪ حُسن پرست آهيان.




Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو