آئـيـنـه جـمال اَستـم


ورهيه اڳ وجود کي هڪ واءُ لڳو هو. واءُ ڇا لڳو ڄڻڪ ڀٽ جي واري تي بارش ٿي هئي. بدن مان انڊلٺي رنگ نمايا ٿيڻ لڳا هئا. اُڃارين اکين پنهنجي منزل ڳولي لڌي هئي. 

دل جي ڌڙڪن معمول کان وڌڻ لڳي هئي. هڪڙو نينهن هو جنهن مون سان پاڻ کي لاتو هو. هڪڙو عڪس هو جيڪو منهنجي عڪس سان ملي ڪري پورو ٿيو هو.

حالتون برھ جي باھ ۾ مون کي پچائي ڪري ٿوھر مان لوھ بڻائي رهيون هيون. چنڊ سان فضول ڳالهيون ڪرڻ بجاءِ کانس پرين جا ڏس ۽ پتا پچي وٺڻ ۾ مصروف هوندو هيس.

سونهن جيڪو هُن کي سرس عطا ٿيل هو. تنهن سرس سونهن تي آءُ مُحط ٿي پيو هيس. هڪڙي ويچاري دل هئي ۽ ٻيو هيس آءُ ٻهراڙي جو ٻار

من مانڌو ٿيندو هو پر کن پل لاءِ.

آءُ هُن کي ڳوليندو هيس. رات جي پهر ۾ ستارن جي قطار ۾ ته وري ڪڏهن ڏينهن جي پهر ۾ پنهنجي خيالن ۾، راتيون گذري ڏينهن جون روپ ڌاري وٺنديون هيون.

ته وري ڏينهن رات جي ڪاري چادر اوڍي خاموشيون برپا ڪري وجهنديون هيون. پر من اندر جيڪا مانڌاڻ متل هوندي هئي سا هڪ پل به سانت ٿيڻ نه ڏيندي هئي.

پيار ۾ پيڙاھ جي پل ۾ ڪڏهن پچتاءُ ٿيندو هو ته وري ڪڏهن پاڻ تي قياس به ايندو هو. پنهنجي لاچاري ڏسي ڪنهن مهل ڪهل به ايندي هئي. 

پنهنجي چڱ مڙسي کي خاڪ ۾ ملندي ڏسي اندر  ئي اندر ۾ جُهري پوندو هيس. پر سگهوئي پاڻ تي ضابطو آڻيندي وقت ۽ حالاتن جي تبديل ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳندو هيس.

وقت پنهنجي ڪمال سان عشق جي انهي ڪُن مان ڪڍي اچي پار پهچايو ۽ ڪنارن تي پهچندي ئي هڪ ٿڌو ساھ ڀري ڪري پاڻ کي سنڀاليندي اهو عهد ڪيم

ته

 پيار ۾ لتاڙيل سڀني پنڌن کي تحريري حوالن ۾ قلم بند ڪري انهن سڄڻن آڏو پيش ڪندس جن اڃا تائين عشق جو تاءُ نه ڏٺو آهي.

آئينه  جمال  استم
عشق ڪمال استم


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو