فــرق پــوي ٿــو

مون ڪجھ ماڻهو ڏٺا آهن. جن تي موسم جو بدلجڻ توڙي ماڻهن جو بدلجندڙ رويو ڪو به اثر نه ٿو ڏيکاري ۽ انهن جي مزاج تي ڪو به فرق نه ٿو پوي…!

ليڪن اِن جي برعڪس الاءِ ڇو منهنجي من تي ماڻهن جي روين جو فرق ڏاڍو ٿو پوي. مون سان جيڪڏهن ڪو ماڻهو کن پل لاءِ تيز لهجي ۾ ڳالهائڻ لڳندو آهي ته آءُ اداس ٿي پوندو آهيان.

آءُ سمجهان ٿو ته هن دنيا ۾ اڪيلو صرف آءُ اِهڙو ناهيان جنهن کي فرق پوندو هجي. مون کي يقين آهي توهان کي به فرق پوندو هوندو. 

هر حساس ماڻهو کي فرق پوندو آهي. جيڪڏهن توهان حساس طبعيت جا مالڪ آهيون ته پوءِ يقينن توهان تي ته به فرق ضرور پوندو هوندو.

جيڪڏهن توهان کي ڪنهن به ظلم، ۽ جبر جي مسلط ٿيڻ مهل ڪو به فرق نه ٿو پوي ته پوءِ پڪ سمجهو ته توهان جئيرا نه آهيون بلڪ خالي ساھ ئي کڻو پيا ۽ توهان جي اندر جو انسان مري چڪو آهي.

جيڪڏهن ڪنهن مسڪين جي مدد ڪرڻ يا نه ڪرڻ سان اوهان تي ڪو فرق نه ٿو پوي ته پوءِ پڪ سمجهو ته توهان جو ضمير موڪلائي چڪو آهي ۽ توهان بي ضمير ٿي چُڪا آهيو.

ڪاش ائين نه هجي.

توهان جي اندر جو انسان جئيرو هجي. اِن جي جئيري هجڻ جي هن سماج کي ضرورت آهي. هن ڏُتڙيل قوم کي ضرورت آهي. هن معاشري جي اٻوجهن کي ضرورت آهي.

هڪ دفعو اهو جائزو ضرور ڪري ڏسو ته توهان تي حالتون اثر انداز ٿين ٿيون يا نه. جيڪڏهن نه ته پوءِ سگهو ئي پنهنجي سمجھ کان ڪم وٺندي پنهنجي فڪري پهلوئن جو قبلو درست ڪري وٺو.

ڪٿي ائين نه ٿي جو توهان جي موڪلائڻ کان پوءِ تاريخ تي ڪو به فرق نه پوي ۽ توهان جو هتي هجڻ يا نه هجڻ ڪا به معنيٰ نه رکي. 

توهان ڪنهن گمنام ڪردار وانگر وساريا وڃو. اِن کان پهريان جو اِهڙي نوبت اچي. اِهو معلوم ڪري وٺو ته توهان تي فرق پوي ٿو يا نه ؟


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو