ڪهڙيون ڳالهيون ڪجن



ٻه هزار يارنهن ۾ مون انٽر پاس ڪيو هو. بابا جي خواهش هئي ته آءُ اعليٰ تعليم حاصل ڪيان. انهي خواهش جي پورائي خاطر مون به اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ تياري پڪڙي. 

پر تياري ته جهڙوڪ هئي ئي ڪونه. انٽر تائين سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پڙهڻ کان پوءِ هڪڙو ٻهراڙي جو ٻار ڇا سکي ٿو ۽ ڪيترو قابل ٿئي ٿو اِهو ته توهان سمجهي سگهو ٿا.

برحال مون کي به اڳتي پڙهڻ جو شوق ڏاڍو هو انهي شوق جي پورائي خاطر وڃي آزاد ڪشمير جي شهر ميرپور تائين پهتس. سول انجنئرنيگ ۾ داخلا ٿي. 

آءُ به خوش، گهر جا سڀ ڀاتي به خوش. مٽ مائٽ توڙي سئوٽ ماسات به خوش ته اسان جو همراھ سٺي جاءِ تي پهتو آهي. پڙهي پاس ٿي ڪري ڪنهن اعليٰ عهدي تي فائز ٿيندو.

سڀني جون اميدون مون سان لاڳاپيل، منهنجون اميدون وري منهنجي حال تي آڌار پيون ڪن. شهر ته سٺو هو. يونيورسٽي به سٺي هئي. استاد به ڪنهن قدر سٺا هئا. پر ڳالھ هئي پيڙھ جي. 

جيڪا منهنجي ڪچي هئي. آءُ هر ڏينهن نئي فڪر ۾ مبتلا هجان. پنهنجي قابليت ۽ اُتان جي دوستن جي قابليت کي ڏسي پيو ڳرا ۽ وسوسن ۾ مبتلا ٿيا ته 
منهنجو هت ڇا ٿيندو ؟

پڙهائي ڪئين مڪمل ٿيندي؟

ڊگري به الاءِ مڪمل ڪري سگهان الاءِ نه؟

پنهنجي وت آھر ڪوشش ڪري مڙئي پهريون سال ڪڍي ويس. پهرين سال ۾ ٽوٽل يارنھ سبجيڪيٽ هئا. جن ۾ پهرين سيمسٽر ۾ ڇھ سبجيڪٽ. 

جن مان مون ٽه سبجيڪٽ پاس ڪيا ته وري ٻي سيمسٽر ۾ ڪُل پنج سبجيڪٽ هئا. جن مان به مون ڌڪي سَڪي ٽه پاس ڪري ورتا.

پر ڳالھ اِتي دنگ ڪانه ڪئي. پويان منهنجا پنج سبجيڪٽ فيل ٿيل هيا. جنهن سبب مون کي اڳتي ٻي سال ۾ پڙهڻ جي اجازت نه ملي. اداري جو قانون اهو ته ڪُل پاس سبجيڪٽ ملائي ڪري جيڪڏهن 2.0 جي پي ئي ٺهي ته اڳي وڃبو. 

جيڪڏهن ان کان گهٽ ٺهيو ته وري نئي سر پهرين سال ۾ اچي وڃبو. آءُ به 1.9 جي پي ئي ٺاهڻ ۾ ته ڪامياب ويس پر سال اڳتي ٿيڻ لاءِ اهل نه ٿي سگهيس.

پنهنجي ناڪامي کي سامهون ڏسندي ڪڏهن ڪڏهن هڪ اڻ ڏٺو خوف ورائي ويندو هو. سوچيندو هيس ته منهنجو ڇا ٿيندو؟

آءُ هن چٽا ڀيٽي واري دور ۾ پاڻ ڪئين مڃائي سگهندس؟

وري ڪڏهن اڪيلائي ۾ ئي پاڻ کي آٿٿ ڏيندي اهو چوندو هيس ته دنيا جا سڀ ماڻهو انجنئير ٿورئي آهن. مولا هر ڪنهن کي هلائي ٿو. ڪٿي نه ڪٿي منهنجي به روزي لکيل هوندي. 

آءُ به ڪٿي نه ڪٿي محفوظ ٿي ويندس. حالتون ڀلي هن وقت منهنجي خلاف هجن ليڪن ڪڏهن نه ڪڏهن پنهنجو دور به ايندو. پاڻ به ڪنهن نئي ولھ وانگر اوسرنداسين.

ماڻهو جڏهن وقت ۽ حالاتن آڏو مجبور ٿيندو آهي تڏهن کيس پنهنجن جي پرک پوندي آهي. جڏهن نرم لهجا تلخ ٿيندا آهن تڏهن زندگي جي اصلي جوهر جي خبر پوندي آهي. 

۽ ان سان گڏوگڏ اهو پڻ سمجھ ۾ ايندو آهي ته هاڻ پنهنجي لاءِ ڪهڙو متبادل رستو اخيتار ڪجي. انهي متبادل راھ تي ماڻهو ويچارڻ لڳندو آهي.

آءُ به پنهنجي روشن مستقبل لاءِ سوچڻ لڳس. کوڙ ساريون ڳالهيون ذهن ۾ ڪنهن پارهير پکي وانگر اچن پيون وري کن پل ۾ اڏارون ڪري غائب ٿي پيون وڃن. 

ڪنهن خاص هڪ نقطه تي عقل مطمئن نه پئي ٿيو. سوچان پيو ته واقعيٰ آءُ هر پاسي کان اڌورو آهيان. منهنجي شخصيت جو هر هڪ پهلو اڌورو آهي. آءُ ڪهڙي پاسي وڃان؟

پنهنجي لاءِ ڪهڙي راھ جي چونڊ ڪيان؟

ذهن منتشر ٿيڻ لڳو. انتشارن پنهنجو غلبو اچي ڄمايو. فيصلي ڪرڻ جي سگھ پاڻ ۾ نه ڀائيندي آءُ ڪافي عرصو خاموش رهيس ۽ پنهنجا ڏينهن ۽ پنهنجون راتيون رب جي رضا ۾ راضي رهي گذارڻ لڳس. 

انهن ڏينهن ۾ مون مذهبي ڪتابن کي گهڻو پڙهڻ شروع ڪيو. دنيا جا معاملن کان تنگ ٿي ڪري آءُ مذهب ۾ پنهنجي سڪون کي تلاش ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويس. 

انهي دوران رمضان جا سڀئي روزا به رکيم، نماز باجماعت پڙهڻ شروع ڪيم. رات جون تراويون به پڙهڻ لڳس.

ان جي باوجود به ڪا قوت هئي جيڪا مون کي بي قرار ڪيون ويٺي هئي. ڪا ته اِهڙي جبش هئي جيڪا جنبي وڃڻ کانپوءِ منهنجي من جي مونجھ کي گهٽائڻ جي بدران هر روز وڌائي رهي هئي. آءُ سماج کان پاڻ کي الڳ ٿلڳ محسوس ڪرڻ لڳس. 

بلڪل ائين جئين ڪا ٽاري ڪنهن وڻ مان ٽٽي ڪري پر ڀرو ٿي ويندي آهي. آءُ اهو گُل هيس جنهن ۾ نه ئي ڪا خوشبو هئي ۽ نه ئي ڪا سڳند. ڇو ته آءُ سماج جي ٽاري مان ڇڻي چڪو هيس.

انهي نراسائي ۽ نا اميدي واري ڪيفيت ۾ ڪڏهن ڪڏهن اِهو خيال به ايندو هو ته جيڪر زندگي جي هن ٻرندڙ ڏيئي جي روشني کي ئي وسائي ڇڏجي جيڪو هر روز پنهنجي تاءُ سان مون کي تڪليف ڏئي رهيو آهي. 

پر وري پنهنجي والدين جو خيال، پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن جو خيال مون کي انهي عمل کان پري ڪري وجهندو هو. سوچيندو هيس ته جيڪڏهن مون ائين ڪيو ته پوءِ انهن جي اميدن ۽ خوابن جو ڇا ٿيندو جيڪي انهن مون سان وابسطه ڪري ڇڏيون آهن.

جن خوابن جي ساڀيا ماڻڻ لاءِ آءُ هتي پهتو آهيان. منهنجي زندگي جو اهو ڏيئو ڀل ٻري ته جئين گهٽ ۾ گهٽ انهي جي روشني مان ٻيا ته فائدو حاصل ڪري سگهن. پوءِ ترت ئي پنهنجي تڪليفن کي اميد جي ڪرڻي ۾ تبديل ڪري ساھ کڻڻ لڳس.

هلندڙ


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو