معاشرتي بگاڙ جو توازن ڪئين برقرار ٿيندو

.

قديم دور جو مطالعو ڪجي ٿو ته خبر پوي ٿي ته انسان کي پنهنجي جياپي لاءِ معاشرتي ڍانچي ٺاهڻ جي ضرورت پئي. ڇو ته انسان ازل کان اڪيلائي کي پسند نه ٿو ڪري. 

انهي لاءِ انهي قديم انسان پنهنجي رهائش جي جوڳي بندوبست ڪرڻ لاءِ معاشري جو تصور آندو ۽ اُن کان گهڻو پوءِ ڪارل مارڪس جهڙن فڪري ماڻهن وري انهي معاشري ۾ پيدا ٿيل مليڪت واري تصور ۽ خيال کي پنهنجي نظريي ۾ بيان ڪيو.

انسان جو جي جياپو معاشري سان گڏ سلهاڙيل هو. انهي معاشري ۾ رهندڙ ماڻهن وري معاشري جي واڌ ويجھ توڙي سُٺي معاشري جي اڏاوت لاءِ ڪجھ اصول ۽ ضابطا به جوڙي ورتا. 

هاڻ اِهو هر هڪ معاشري فرد تي فرض هو ته هو معاشرتي اصولن جي پاسداري ڪري ۽ انهن جي بجا آڻڻ ۾ ٻين جي مدد پڻ ڪري ته جئين هڪ اصولي ۽ مثالي معاشرو قائم ٿي سگهي.

دنيا ترقي جا ڏاڪا چڙهندي وئي. مختلف ڪٽبن ۽ قبلين توڙي ذات پات جي ماڻهن جي سوچن ۽ روين جي اختلافن ۽ هڪ ٻي کان الڳ هجڻ واري ريت انهي مثالي معاشري کي قائم ڪرڻ کان ساڪن ڪري ڇڏيو. 

هڪ معاشري جا فرد هجڻ جي باوجود ماڻهن پنهنجا انداز ۽ رهڻي ڪهڻي جا ڍنگ تبديل ڪرڻ شروع ڪيا. معاشرتي اصولن جي پاسداري ڪرڻ جي بجاءِ انهن جي خلاف پنهنجا رويا ڏيکارڻ شروع ڪيا.

انهي عدم توازن معاشري جي توازن کي بگاڙي ڇڏيو ۽ سندس اصل روح کي مڪمل ٿيڻ کان پهريان ئي ميساري ڇڏيو. جنهن جي نتيجي ۾ هڪ معاشري اندر مختلف گروھ، ملڪ، صوبا ۽ قومون جنم وٺڻ لڳيون. 

هر هڪ پنهنجي مرضي توڙي منشا مطابق پنهنجو الڳ معاشرو جوڙڻ جي خواهش ڏيکاري. هر ڪنهن وٽ مثالي معاشري جو خاڪو هڪ ٻي کان الڳ هو. انهي تفاوت اصلي مثالي معاشري جي صورت ۾ بگاڙ آندي. جنهن سبب اهو قائم نه ٿي سگهيو.

جڏهن هر هڪ علائقي، خطي توڙي وستي واهڻ ۾ نيون ريتون ۽ رسمون جنم وٺڻ لڳيون. هر ڪنهن جو رهڻ، اٿڻ ويهڻ توڙي ڳالهائڻ واري ٻولي مختلف انداز ۽ الفاظ اپنائڻ لڳي ته انهي مهل انسان معاشري ڏانهن ڌيان ڌرڻ ڇڏي ڏنو ۽ اُن کي پنهنجي ارتقائي مرحلن مان پار ڪرائڻ واري جذبي کان دستبردار ٿي بيٺو. 

نتيجي ۾ اِهڙن منتشر ٿيندڙ معاشرن ۾ ڏوهن جنم وٺڻ شروع ڪيو. جيڪو اڳتي هلي ڪري هر هڪ فرد لاءِ هڪ ناسور عمل ٿي پيو. ڏوهن معاشري ۾ بگاڙ آڻڻ شروع ڪيو ۽ اُن کي تباھ ڪرڻ جي شروعات ڪئي.

اِن وچ ڪافي عرصو ائين ئي قصو هلندو رهيو. ماڻهون پنهنجو پاڻ ٺاهڻ، پنهنجي مال ملڪيت ٺاهڻ ۾ مصروف ٿي ويو. معاشرتي ترقي ۽ بقا واري ڳالھ سندس لاشعور مان به گم ٿي وئي. جنهن جي نتيجي ۾ خوشحال ۽ سر سبز ڌرتي جا ماڻهو به ڏُڪار، استحصال ۽ ڦرلٽ کي منهن ڏيڻ لڳا. 

وسيلن جي هوندي دربدري ۽ مفلسي جي منهن ۾ وڃڻ لڳا. انهن وبائن جي پکڙجڻ کان پوءِ ڌرتي جو فطري ڏيک به متاثر ٿيڻ لڳو. جنهن جو مکيه سبب شهرن جي اڏاوت ۽ مصنوعي شين جو اڳتي اچڻ هو.

فطرت جهڙوڪ پنهنجي جوهر ۾ آزاد ۽ ترقي ڪندڙ هوندو آهي ان ڪري فطري نقصان يا فطري بگاڙ پنهنجو بقا وارو رستو ڳولي وٺندا هئا ۽ پنهنجي ٿيل نقصان جو ازالو پاڻ ئي ڪري وٺندا هئا. ڇو ته فطرت وٽ هر هڪ شئي جي اهميت آهي. 

اُن جي بناوتي ساخت سان ان جي استعمال جو ڪارج به ان وٽ آهي. هاڻ جڏهن اسين انهي سڄي معاملي کي سمجهي ڪري پنهنجي سنڌ جي معاشرتي ڀيٽ سڌريل ملڪن جي سڌريل معاشرن سان ڪريون ٿا ته اسان کي خبر پوي ٿي ته اسين ڪٿي ۽ ڪهڙي حالت ۾ آهيون.

اسان جي معاشرن کي پڻ اِهڙيون ئي وبا وڪوڙي ويون آهن جن جي وڪوڙجڻ کان پوءِ معاشرتي ترقي پنهنجا ارتقائي مرحلي ۾ رڪجي ٿي وڃي. مجمند ٿي وڃي ٿي. اسان وٽ سماج سڌارڪ هجن يا سماجي ڪارڪن. 

اهي معاشري جي ڀلائي جي ڳالھ جهڙوڪ ڪن ٿا ليڪن معاشري جي بقا لاءِ ڪا به حڪمت عملي يا واضع پالسي نه ٿا ڏين. انهن وٽ معاشري جي بهترين اڏاوت لاءِ ڪو به خاڪو موجود ڪونه آهي.

جنهن معاشري جو هر هڪ فرد پاڻ کي معاشرتي وهنوار جو حصو سمجهدي ان جي ترقي ۽ بقا خاطر پنهنجو ڪردار ادا ڪري ته اهو معاشرو ترقي ماڻي ٿو. سڌريل ملڪن جا ماڻهو پنهنجي معاشرتي سونهن کي بچائڻ خاطر وڻ ڪاري ڪن ٿا. 

روڊ ۽ رستا صاف رکن ٿا. ٻين لاءِ آسانيون پيدا ڪن ٿا ۽ انهي جي عيوص ڪا به شئي طلب ڪونه ڪن ٿا سواءِ انهي جي ته جتي اسين رهو اها جاءِ صاف سٿرو ۽ سهڻو لڳي.

ان جي برعڪس اسان وٽ روڊ رستا ويران، ٽٽل ڦٽل آهن ۽ شهر به هاڻ ٻهراڙين جو ڏيک ڏيڻ لڳا آهن. شهرن جو ٿورو ٿڪو جيڪو هٿرادو سونهن آهي اهو به معاشرتي ويڳاڻپ جي ور چڙهي ڪري تباھ ٿي رهيو آهي. 

معاشرتي اصولن جي نه هجڻ سبب هر ڏيھ نوا ڪلور ۽ الميه پڻ جنم وٺن ٿا. اسين تڏهن ئي هڪ دفعو ٻيهر تهذيب آفته ٿي سگهون ٿا جڏهن موئن جي دڙي جي نقش کي ڏسي پنهنجي معاشري کي اهڙو بنائڻ جي ڪوشش ڪنداسين.



Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو