صدين جون صدائون، ٻڌن ٿيون هوائون



کن پل لاءِ ڀلي توهان اکيون بند ڪري ڇڏيو، ڪنن ۾ ڪپھ وجهي ڪري انهن کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو پر توهان جي ذهن ۾ ڪجھ پڙاڏا رهجي ويندا. ڪجھ دانهون هونديون جيڪي توهان کي ٻڌڻ ۾ اينديون.

ڪجھ اِهڙا آواز هوندا جيڪي توهان ڪڏهن به پهريان نه ٻُڌا هوندا، اُهي آواز توهان کي بيدار ڪندا، ننڊ ڪرڻ نه ڏيندا، توهان کي هڪ جاءِ تي ويهڻ نه ڏيندا. اِهي دانهون، اِهي ڪُوڪون صدين جون صدائون آهن.

جيڪي توهان جو پيڇو نه ڇڏيندا. اِنهن صدائن کي کوڙ صديون ٿيون آهن پنهنجي پناھ گاھ ڳولڻ ۾ پر افسوس ته اڄ تائين ڪنهن به اِنهن صدائن کي نه ٻڌو آهي. ڪنهن به اِنهن صدائن جي سُڏ کي ڪونه ورنايو آهي. 

اِهڙي حالت هجڻ جي باوجود به هي صدائون صدين کان سفر ڪنديون اچن ٿيون. هر هڪ در تي ڪڙو کڙڪائين ٿيون پر ڪوبه کين موٽ نه ٿو ڏي. ڪو به هنن جي دانهن نه ٿو ٻڌي. سڀ ڪن لاٽار ڪيون ويٺا آهن.

هنن صدائن صدين کان پنهنجي سفر کي مختلف رنگن ۽ روپن ۾ طئي ڪيو آهي، ڪڏهن ڪنهن جي جذبن ۾ هنن پنهنجو سفر ڪيو آهي ته وري ڪڏهن هنن پنهنجو سفر نيڻن کان شروع ڪري ڪنهن الهڙ جواني جي اکين ۾ پناهون ورتيون آهن. 

هنن جو سفر ايترو ئي قديم آهي جيتري هن ڪائنات جي تاريخ پراڻي آهي. وقت ته بدليو آهي، معاشرا به بدليا آهن، شين جون شڪلون ۽ صورتون به بدليون آهن پر اِهو ساڳيو سوال، ساڳي شڪل ۽ شنبيھ ۾ اڄ به ساڳي صورت ۾ آهي. 

اِها صدا اڄ به اُتري ئي جوان ۽ تر و تازه آهي جيتري پهرين ڏينهن هئي. رات جا تارا هنن جي اوجاڳن جي شاهدي ڏيندا، چوڏيهن جو چنڊ هنن صدائن جو ساکي آهي. دنيا جا چارئي ڪُنڊ انهن صدائن جي پنڌ جا پيچرا آهن. 

صدائون ته ڪڏهن ڪڏهن سُڏڪنديون به آهن. اڪيلو ٿي ڪري رڙيون به ڪنديون آهن. اِهي صدائون اڄ به اچن ٿيون ته اچو ته پنهنجي حالت حاضره تي غور ڪريون، ڇا اسين اِن لاءِ پيدا ٿيا آهيون ته ڪنهن ڏينهن بي موت ماريا وڃون؟

نه نه ائين قطعي ڪونه آهي. اسين شاد و آباد ٿي سگهون ٿا، سڪون جو ساھ کڻي سگهون ٿا. اچون ته هن ڌرتي کي پنهنجي حُسانڪي موٽائي ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون. پنهنجي شهر، پنهنجي ڳوٺ توڙي پنهنجي اوس پاس جي خبر چار لهون.

جتي جيڪا ڪمي پيشي آهي انهي جي ياد دهاني اتان جي ذميوار فردن کي ڏيارون ته جئين اسان جو ايندڙ نسل ڪو سک جو ساھ کڻي سگهي، ڪا بهتر تعليم حاصل ڪري سگهي، کين ڪا سُٺي زندگي نصيب ٿي، باقي اسان جي ايندڙ نسل جو ٻيڙو ته هاڻ ٻڏل ٿو نظر اچي.

ڪٿي به ڪنهن حڪمت عملي يا بهتري جي اچڻ جا امڪان بنھ گهٽ نظر ٿا اچن. جنهن سبب اسان پنهنجي سُڃاڻپ وڃائي ويهي رهيا آهيون. ترقي ته اسان کان ڪوھ ڏور پري نظر ٿي اچي پر گهٽ ۾ گهٽ معاشري کي ته وڌيڪ بگاڙ کان بچائڻ لاءِ تحرڪ ۾ اچون، نه ته اسان جي ايندڙ نسلن جو هشر آفريڪا جي ٻارن جهڙو ٿيندو.

اسان وٽ سڀ ڪجھ هوندي به ڄڻڪ ڪجھ ڪونه آهي. غريب جي ٻار جي حالت اڄ به اُها ئي آهي جيڪا حالت سندس ورهيه اڳ هئي. ڪا به تبديلي، ڪا به نواڻ سندس زندگي ۾ رونما نه ٿي سگهيو آهي. سڀني جا سور ساڳيا آهن، سڀني وٽ اڻ هوند جا خزانا ڀريا پيا آهن. 

ڪنهن وٽ به هوند جي ڳالھ ڪونه آهي. ڀائچاري ۽ ميٺ محبت ته ڪڏهوڪي موڪلائي وئي آهي پر اِن جي باوجود اجتماعي ڀلائي وارو جذبو اڃا ڪجھ ماڻهن ۾ پساھ کڻي پيو. اچو ته انهي جذبي جي پاسداري ڪندي پنهنجي آئيندي بابت سوچ ويچار ڪريون.

شين کي تبديل ٿيندي ڪو گهڻو وقت ڪونه لڳندو آهي. بس ضرورت هوندي آهي همت، خود اعتمادي ۽ پاڻ تي ڀاڙڻ جي، جي اسان اڄ سست روي جو شڪار ٿياسين ۽ پنهنجي مستقبل جي بهتري لاءِ ڪا ڪوشش نه ورتيسين ته پوءِ پڪ ڄاڻو ڪوبه مسيحا يا اڳواڻ اسان جي تقدير کي بدلائڻ لاءِ مٿان کان نازل ڪونه ٿيندو.

اجتماعي طور سڀني جي ڀلائي لاءِ انهن ئي ماڻهن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو جن وٽ شعور آهي، جن وٽ سمجھ آهي، جن وٽ عقل، ڏاهپ ۽ فهم آهي. جن وٽ دنيا کي کاٻي اک سان ڏسڻ جو ڏاءُ آهي. باقي گهڻائي کي شمار نه ڪجي ڇو ته اڪثر طور گهڻائي غلط به هوندي آهي. 

اهو قطعي ممڪن ڪونه آهي ته گهڻائي هميشه حق ۽ سچ تي هجي، ڇو ته دنيا جي تقدير کي انهن ئي ماڻهن اڄ تائين تبديل ڪيو آهي جن جو تعداد بنھ ٿورو آهي. ڀلي اسان ٿورا ئي هجو پر مجموعي طور بهتري آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهون ٿا. اسان جا اِرادا اسان جي مستقبل کي محفوظ ڪري سگهن ٿا.

زماني جو گرم هوائون گهڻن ئي جذبن جو قتل ڪن ٿيون. گهڻن جي خوابن کي چڪنا چور ڪن ٿيون. گهڻن کي نا اميدي جي گهيري ۾ آڻڻ ٿيون. گهڻيون ئي معصوم مکڙيون هنن هوائن جي ڪري ڪومائي وڃن ٿيون. انهن جي اِها حالت هڪ نئي صدا بڻجي ڪري هوائن ۾ سفر ڪري ٿي. اهو سفر ٿڪو نه آهي پر جهڪو ضرور ٿيو آهي.

اِهل دل ماڻهو انهي هوا جي تيز واءُ کي سمجهي وٺن ٿا. سندس رخ جو اندازو هڻي ڪري ٻين کي آگاهي ڏين ٿا ته ٻيلي هوشيار ٿيو. همٿ کان ڪم وٺو. خود اعتمادي جو هٿيار استعمال ڪريو. پر ماڻهو الائي ڇو ڪن لاٽار ڪيون ويٺا آهن. هنن صدائن کي ڪابه موٽ ڏيڻ لاءِ تيار ڪونه آهن.جنهن سبب هن صدائن جي سفر کي اڃا تويل ٿيڻو پوي ٿو.

هن ڌرتي جي هر گهٽي، هر رستو، هر واهڻ توڙي وستي انهي اميد سان پساھ کڻي رهي آهي ته هنن صدائن کي هڪ ڏينهن ضرور ڪا نه ڪا مثبت موٽ ملندي جنهن موٽ جي صورت ۾ گلن ٽڙڻ لڳندا. گلستان ۾ بهار جي موسم جي آمد ٿيندي. حسين جوانيون خودڪشين جو کاڄ ڪونه بڻبيون. مفلسي ۽ غربت مسڪينن کي ڪونه ڳڙڪائيندي. نوجوان روزگار جي تلاش ۾ دربدر ۽ خوار ڪونه ٿيندا. هنن صدائن جو سفر هاڻ مڪمل ٿيڻ تي آهي.



Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو