اکيون، جيڪي خوشحالي جا خواب ڏسن ٿيون

My Article Published in Daily AGWAN Hyderabad, Dated: 26 May 2019


عالمي منظر نامي تي نظر ڪجي ٿو ته سڀ ڪجھ ڪنهن قدر درست محسوس ٿي ٿو. ڪافي ملڪ ترقي جي حوالي سان اڳتي نظر اچن ٿا. اُهي ملڪ پڻ ترقي ڪري چڪا آهن جن جو ماضي انتهائي ڀيناڪ ۽ درد ڀريو هو. 

وقت سان گڏ سفر ڪندي، پنهنجون راهون هموار ڪندي هاڻ اِهي ملڪ دنيا آڏو پاڻ مڃائڻ ۾ ڪامياب ويا آهن. انهن جي برعڪس اسين ڪٿي بيٺل آهيون. اسان ڪهڙي معيار توڙي مقدار تي پورا لهون ٿا اچون ته انهي تي سوچيون ۽ اُنهن عنصرن کي تلاش ڪريون جيڪي اسان جي ترقي ۾ رنڊڪ بڻجي اسان جي فلاح ۽ بهبود کي روڪيون ويٺا آهن.

اُهي قومون ترقي ڪنديون آهن. جن وٽ تعليم، صحت، قانون ۽ زراعت جو نظام بهتر کان بهتر ۽ جديد ترز عمل تي هوندو آهي. هي چارئي بنيادي عنصر آهن جيڪي ڏُتڙيل قومن کي پنهنجي لاچاري واري حالتن کان ڪڍي ڪري اڳتي آڻڻ ٿيون. 

اسان جو سماج هن مڪمل طور تي هڪ اِهڙي جمود جو شڪار آهي جنهن جي اثر هيٺ نه اظهار جي آزادي آهي، نه معياري تعليم جو حصول آهي، نه ئي قانون لاڀائتا نتيجا ڏئي ٿي. نه ئي زراعت جي واڌ ويجھ لاءِ ڪي اُپاءُ ورتا وڃن ٿا. مطلب ته اسان جي ترقي ڪرڻ جون سڀئي راهون کنڊرات بڻيل آهن.

اسان وٽ مسئلن جي اپٽار ته ڪئي وڃي ٿي پر انهن جي حل لاءِ ڪا پيش قدمي نه ٿي ڪئي وڃي. حڪومت عوام ڏانهن سنجيدگي وارو رويو نه ٿو رکي ته وري عوام به حڪومت سان ڪنهن قدر سچائي وارو ناتو نه ٿو ڳنڍي. 

اسان جا ادارا ڪرپشن جون نرسريون بڻيل آهن ته وري انهن ۾ ويٺل مها ڪرپٽ ڪامورا سماج جا سُڌريل فرد سمجهيا وڃن ٿا. اهڙي ئي نموني هي ڌرتي المين جي ڌرتي ٿيندي پئي وڃي. هر روز نت نوان الميا جنم وٺن ٿا.

سُڌريل ملڪن ۾ فرد کي هر قسم جي آزادي حاصل آهي. اُتي ڪو به عام توڙي خاص ماڻهو هر جڳھ تي هڪ ئي صف ۾ بيهن ٿا. بلڪل اڃا نه ائين چئجي ته اتي ته عام ۽ خاص جو تصور ئي ڪونهي. اِهي هٿ گهڙيا تصور ۽ فرصوده طبقا اسان جهڙن ڏُتڙيل معاشرن ۾ قائم ٿيل آهن ۽ هتان جي ئي پيداوار آهن. 

سماج تڏهن ئي بهتر ٿي سگهي ٿو جڏهن اُن سماج ۾ ساھ رکندڙ هر هڪ جاندار کي آزادي حاصل هجي. منهنجي هن ڳالھ جو هي مقصد قطع به ڪونه آهي ته ڪو قانون نه هجي يا وري معاشرتي اصول ۽ ضابطا نه هجن. قانون توڙي اصول ۽ ضابطا ڀلي هجن پر انهن ۾ اهڙي ضبط رکيل هجي جنهن ۾ انسانيت جي فلاح ۽ بهبود جو تصور شامل هجي.

اسان جي هي پياري ڌرتي اهڙن ماڻهن سان سرشار آهي. جيڪي انفراديت جي خول ۾ جڪڙيا پيا آهن. اجتماعيت وارو تصور کين خبر ڪونه آهي. کين اِهاسُڌ ئي ناهي ته ڪو سنڌي ۾ ڪجھ هن ريت جي به هڪ چوڻي آهي ته ” ٻڌي ۾ طاقت آهي“. هن تصور کي ڇڏي ڪري اسان جو سماجي فرد گهڻو اڳتي نڪري چڪو آهي. 

ايتري قدر پري جو هاڻ انهي جي واپسي به ممڪن ڪونهي. اهڙن حالتن تي افسوس ڪجي يا انهن اڳيان روشن راهون متعارف ڪرائجن. يقينن اهو عمل اسان لاءِ تڏهن ئي فائدي مند ٿيندو جڏهن اجتماعيت جو تصور ترقي وٺندو.

هِڪڙيون اکيون آهن جن ۾ هن ديس جي خوشحالي جا خواب ڪَر کڻن ٿا. هڪڙيون اکيون اُهي آهن جيڪي انهن خوابن جي ساڀيان لاءِ ڀرجهلو ٿيڻ جي اميد ۾ آهن. هڪڙيون اکيون اُهي به آهن جيڪي هن ڌرتي طرف مير واري ڪرڙي اک ڪري نهار وجهن ٿا. پاڻ کي انهن اکين جي سڃاڻپ ڌارڻي آهي. 

انهن غدار اکين جي نشاندهي ڪري انهن جي اکين جي مير کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي ڇو ته اکيون حُسن جون پناھ گاهون هونديون آهن. هنن پناھ گاهن ۾ جيڪڏهن نفرت، ڪروڌ ۽ ڌڪارت جنم وڻندي ته هر ڌرتي جو نصيب سڻائو ٿي نه سگهندو.

انهي اجل کي تلاش ڪري پاڻ انهي جي اثر کي ختم ڪري سگهون ٿا. ڇو ته انهي اجل اسان کان ڪي ئي محبوب گهڙيون ۽ حسين يادون کسيون آهن. اسان کي پنهنجي انهن حسين يادن کي واپس ڪرڻ جو ڪردار ادا ڪرڻو آهي. وقت ڪڏهن به سڻائو ناهي هوندو. 

وقت کي سڻائو ڪرڻو پوندو آهي. المناڪ گهڙين ۾ اميد جو ڪرڻو هٿ سان پيدا ڪرڻو پوندو آهي. سانگين سان پريت جي ريت نڀائڻي پوندي آهي. سڪ ۽ سوز ۽ گم ٿي ڪري انهن جي سار ۽ سنڀال جو وچن ورجائڻو پوندو آهي. تاريخ کي ڪن ناهن ٿيندا. تاريخ کي اکيون به ڪونه آهن پر هو سڀ ڪجھ سُڻي سگهن ٿا. سڀ لقاءَ ڏسي سگهن ٿا.




Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو