عقل جي اونداهي جو الميو

My Article Published in Daily AGWAN
Hyderabad, Dated: 02-06-2019

عقل جي اونداهي جو الميو!

انسان کي قدرت واري اِها صلاحيت ڏني آهي ته هُو ڪائنات جي رازن ۽ رمزن کي سمجهڻ لاءِ انهن جو تمام ويجهي کان جائزو وٺي، پنهنجي مشاهدي ۾ اُهي شيون آڻي جيڪي سندس علم ۾ پهريان موجود نه هئا.

انهي سڄي ڪارگذاري کي پايا تڪميل تائين پهچائڻ جو جيڪو مکيه ڪردار ادا ڪري ٿو سو آهي انساني دماغ، انساني عقل، جنهن وسيلي انسان پنهنجي ڏاهپ، فهم ۽ سمجھ کي قطب آڻي شين جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ٿو. 

روشن خيال ماڻهو دنيا کي ترقي وٺرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا آهن. معاشري جي ترقي لاءِ پاڻ پتوڙيندا آهن. کين پنهنجي نه بلڪ ايندڙ نسلن جي مستقبل جي پرواھ هوندي آهي. 

کين اهو فڪر هوندو آهي ته انهن جو ايندڙ نسل هر قسم جهنجٽ توڙي آزار کان پري هجي. اِهي ماڻهو هوندا آهن عقل وارا، جن کي اڃا به ائين چئجي ته جن جو دماغ سالم هوندو آهي سندس عقل سلامت هوندو آهي.

انهن جي برعڪس ٻي طرف وري هڪ اِهڙو ٽولو آهي جن جي عقل اونداھ ۾ سفر ڪري ٿي پئي، جن وٽ عقل جي اونداهي جو الميو آهي. هڪ اهڙو الميو جيڪو انهن کي سوچڻ، لوچڻ توڙي پڇڻ واري صلاحيت کان محروم ڪيو ويٺو آهي. 

هاڻ جڏهن اِهي ماڻهو معاشري جي ڪنهن مخصوص پهلو يا وري خاص پهلو تي ڳالهائڻ، سوچڻ يا ڪو خيال ونڊڻ جو ارادو ڪندا آهن ته انهن جو عقل اونداهي جي الميي ۾ اچي ويندو آهي ۽ سندن شعور يرغمال ٿي ڪري منفي سوچن وٽ نظر بند بڻجي پوندو آهي. 

عقل جي اونداهي جو اهو الميو کين ايترو به سوچڻ نه ٿو ڏي ته توهان ڪهڙن بنيادن تي انهن شين کان محروم ڪيا ويا آهيو. هڪڙي نوجوان ڳوٺ جي سڀني وڏڙن جي فرصوده ويچارن کان بيزار ٿي اِهو اعلان ڪيو ته آئون ان ڳوٺ جي چڱ ڀلائي لاءِ ڳوٺ جي وڏيري سان مهاڏو اٽڪائيندس ۽ اُن کي اهو احساس ڏياريندس ته هو غلط آهي ۽ ماڻهن جو استحسال ڪري رهيو آهي. 

اونداهي ۾ شيون تيز رفتار سان سفر ڪنديون آهن. هن نوجوان جي اِها ڳالھ عقل جي اونداهي ۾ تڪڙو سفر ڪري اُن وڏيري جي ڪن تائين وڃي پهتي. وڏيرو جيڪو پڻ عقل جي اونداهي واري غار جو لٺ سردار هو سو تنهن حڪم ڏنو ته اُن بدتميز ڪلھ ڪلهوڪي ٻار کي اهڙي تي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي جو ٻيهر ايندڙ نسلن تائين ڪو به فرد عقل جي اونداهي واري نگري سان هٿ چراند ڪرڻ جي همٿ نه ڪري. 

ڪُل ڪي چار ڏينهن مس گذريا ته ڳوٺ جي ٻاهران پڪي واٽر وٽ انهي نوجوان جو ٿڌو بڻيل جسم اُتان جي ماڻهن کي لڀي پيو. هڪ اهڙو جسم جنهن جي لڀڻ کانپوءِ به عقل جي اونداهي وارن کي ڪائي ڳالھ سمجھ نه آئي. ڪو سوال نه اٿيو. ڪا بغاوت نه ٿي. سڀئي خاموش ٿي بس انهي نوجوان جي ڦٽيل قسمت تي ٽيڪا ٽپڙي ڪري رهيا هئا. 

ڪو چئي رهيو هو ته هن جو موت ڌاڙيلن سان مهاڏو اڏڪائڻ سبب ٿيو آهي ته وري ڪو ائين چئي رهيو هو ته هي خود ڪنهن جي گهر ڌاڙو هڻڻ ويو جنهن جي ڪري اتان جي ماڻهن جي مزاحمت جي نتيجي ۾ هن جو موت واقع ٿيو آهي.

عقل جي اونداھ ۾ اڇليل انهن ماڻهن جي دور انديشي جو اهو حال هو جو هُو انهي ڳڀرو نوجوان بابت اهڙا فضول ۽ بي معنيٰ ڳالهيون ته هٿ سان ٺاهي رهيا هيا ليڪن عجب انهي ڳالھ جو آهي جو انهن جي سوچ پنهنجي ڳوٺ جي انهي وڏيري طرف نه پئي وئي جنهن هنن کان سڀ ڪجھ ڦري کين ڪنگال ڪيو هو. 

سندن مستقبل کي اونداهو ڪيو هو. کين عقل جي اونداهي ۾ مبتلا ڪيو هو. اِهو ڪيڏو نه وڏو الميو آهي ته جيڪو ماڻهو کين همٿ، بهادري ۽ بي باڪي سيکارڻ جي ارادي سان پنهنجي جان جو جوکم کڻي شهيد ٿي ٿو، وري به ٽوڪو ان تي، ڳالهيون به اُن تي ٺاهڻ لڳا، ٺٺول به اُن تي ڪرڻ لڳا، ان جي بهادري کي سمجهڻ جي بجاءِ کيس چور ۽ ڌاڙيل هجڻ جا سند ڏيڻ لڳا. انهي کان وڌيڪ اڃا ڪهڙا الميا جنم وٺن. 

هي ڌرتي ته آهي المين جي ڌرتي، هن ڌرتي تي هر روز نوان الميا جنم وٺن ٿا. اسين هر روز احتجاجن، هڙتالن ۽ بک هڙتالن ڪرڻ جي باوجود به معاشري کي انهي دائري ۾ آڻي نه سگهيا آهيون جنهن دائري ۾ عقل جي اونداهي وارو الميو ختم ٿي ويندو آهي. جتان هڪ نئي سوچ جنم وٺندي آهي، جتي ڇو ۽ ڇا لاءِ وارا سوال ڪَر کڻندا آهن. جتي هر شئي بابت منتقي سوال اٿاريا وڃن ٿا. 

جتان جي ماڻهن جون سوچون ۽ تدبيرون عقل جي اونداهي کان ڪوھ پري آهي. اُهو دائرو ته وسيع آهي، انهي ۾ اچڻ وارن جا دل به وسيع ۽ وڏا هوندا آهن، انهن جو سوچون هماليه جيتريون وڏيون ۽ سمنڊ جيتريون وسيع هونديون آهن. انهن روشن خيال ماڻهن وٽ دنيا جي ترقي، فلاح ۽ بهبود لاءِ هزارين سوچون ۽ حڪمت عمليون هونديون آهن. 

انهن جي هر وک، هر هڪ عمل ٻين جي ڀلائي لاءِ هوندو آهي. اچو ته اسين به پنهنجي آس پاس عقل جي اونداهي ۾ غرق ٿيل انهن ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ جو سوچيو جن جي سوچن تي تالا لڳل آهن، جن جي خواهشن ۽ اميدن جو قتل ڪيو ويو آهي.

يقين مڃو جڏهن اِهي ماڻهو عقل جي اونداهي واري غار کان ٻاهر نڪتا ته هن ڌرتي جا سور ختم ٿيڻ شروع ٿيندا. ڀائيچاري جو درس عام ٿيندو، نفرتون، عداوتون ۽ ڪدورتون پاڻهي ڄاڻ ختم ٿي وينديون. هر طرف سک شانتي وارو ماحول جڙي پوندو ۽ اسان جي ايندڙ نسلن جو آئيندو سڌري پوندو. 

اچو ته پنهنجي ايندڙ مستقل کي محفوظ ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيون ۽ هن ڌرتي کي پنهنجي اصل حُسناڪي ۽ خوبصورتي موٽائي ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون.


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو