ڳولها



آءُ ڪتاب گهر تي ڪتابن جو جائزو وٺي رهيو هيس ته اچانڪ ڪامني به اتي اچي پهتي. اسان ٻنهي جون اڄ ڏينهن تائين جيڪي به ملاقاتون ٿيون آهن سي سڀ اتفاقي ٿيون آهن. اسان جيتوڻيڪ هڪ ٻي کي ڊگهي عرصي کان سڃاڻو پر ڪڏهن به وقت ڪڍي هڪ ٻي سان ڪٿي ڪچهري ناهي ڪئي.

بس قسمت جون مهربانيون آهن. جئين چوندا آهن ته اتفاق ۾ برڪت هوندو آهي. اسان وٽ به اتفاق هميشه برڪت ئي کڻي ايندو آهي. برڪت ڪامني جي گاڏي جو ڊرائيور آهي.

مون کي سستي اگھ تي ڪتاب خريد ڪرڻ پسند آهي. ائين ڪتاب ملڻ به سستي اگھ ۾ ئي کپن. مهانگيون ته کائڻ پئيڻ واريون شيون اڳ ۾ ئي آهن. هاڻ جيڪڏهن ڪتاب به مهانگا ٿيندا ته پوءِ ڪير وٺندو ۽ ڪير پڙهندو!

ڪامني منهنجي ڀرسان اچي بيٺي ۽ هڪڙو دلچسپ سوال پڇيائين، مون کي چيائين:

وقار ڪڏهن اِن ڳالھ تي غور ڪيو اٿئي ته اسان عورتون فلسفي ڇو نه ٿيون ٿي سگهون؟

مون کيس چيو:

توهان کي فلسفي ٿيڻ کان ڪنهن روڪيو آهي. 
فلسفو پڙهو ۽ ڀلي فلسفي ٿيو اسان کي ڪهڙو اعتراض!

چوڻ لڳي:

مون فلسفي جا انيڪ ڪتاب پڙهيا آهن. سڀ فلسفي اڪثر مرد حضرات آهن. ڪنهن عورت فلسفي جو ڪردار ڪٿي نظر ئي نه ٿو اچي!

مون کيس چيو:

چري تون ڀُلي آهين. تو شايد دنيا جو عظيم فلسفي عورتون نالي ڪتاب ناهي پڙهيو. هڪ دفعو اهو ڪتاب پڙهي ڏس توکي خبر پئجي ويندي ته فلسفي ۾ ڪهڙن عورتن حصو ورتو هو. جن کي دنيا هن وقت فلسفي طور ياد ڪري ٿي!

حيران ٿيندي وراڻي:

وڏو ڪو لاھ آهين - چڱا خاصا ڪتاب پڙهيا اٿئي. مون سمجهو اِهو ڪتاب تنهنجي نظرن مان ڪونه گذريو هوندو ۽ اڄ ڳالهين ۾ آءُ توکي هارائي ويندس. 
پر تون اڄ به مات ڏئي وئين!


Comments

Popular posts from this blog

عورتن جون درد ڪهاڻيون

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

نوڪري واري ٽيسٽ ڪئين ڏجي