انسان، ڪيفيتن جو محتاج مسافر



انساني مزاج ۾ فطرتي طور هڪ اهڙو خودڪار نظام متعارف ٿيل آهي جيڪو وقت ۽ حالاتن جي مطابق انساني مزاج کي متوازن رکڻ جو ڪردار ادا ڪري ٿي. انهي خودڪار نظام جو هڪ اعليٰ پهلو اِهو پڻ آهي ته انسان، مزاج جي مٽا سٽا ٿيڻ واري عمل کان به وقت سر واقف ٿئي ٿو.

ڪيفيتن جي اِنهي گهيري ۾ اچي ڪڏهن انسان خوش ٿيندو آهي ته وري ڪڏهن کيس مايوس به ٿيڻو پوندو آهي. هڪڙا ماڻهو انهي عمل کان واقفيت حاصل ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي پاڻ کي اِهڙي نموني مضبوط ڪري وٺندا آهن جو موسمن جي تبديل ٿيڻ سان توڙي حالاتن ۽ واقعاتن جي تبديل ٿيڻ سان پاڻ تي ڪو فرق آڻڻ ڪونه ڏيندا آهن.

پر پوءِ به ڪجھ گهڙيون، ڪجھ پل اسان تي پنهنجو گهڻو اثر ڇڏينديون آهن. جنهن اثر سبب اسان جي روين ۾ تبديلي رونما ٿيندي آهي ۽ اسان جا مزاج مٽجڻ لڳندا آهن. اسان جو پاڻ تان ضابطو ٽٽي پوندو آهي ۽ سڀ ڪجھ هوندي به ڄڻ اسان خالي ٿي پوندا آهيون. محبتن جو ماريو ماڻهو اڪيلو ڪيڏانهن ٿو وڃي سگهي.

هڪڙا ماڻهو پيار جون پناهون تلاش ڪندي نه ڄاڻ ته الاءِ ته ڪهڙي پار وڃي پهچندا آهن ته وري ٻيا ماڻهو انهي تلاش جي آس ۾ اکيون نڇاور ڪندي سمنڊ جي ڇولين کي هر روز التجائي اکين سان تڪيندا رهندا آهن. سمنڊ ته کين ڪا به آٿٿ يا دلاسو ڏيڻ جي لاءِ تيار نه هوندي آهي.

اِنهي جي باوجود به اُنهي انسان جي اکين ۾ اميد جو ڪرڻو ڪنهن پاريهر پکي وانگر پنهنجا اڏڙا اڏي ويهي رهي ٿو. سندس سار ڪنهن سهاڳڻ جي سيج ٿيڻ جي بجاءِ ڪنهن بي واھ عورت جي زندگي مثل ٿي پوي ٿي. سندس سپنا سندرتا جي سينگار کان محروم ٿي ڪري ڪنهن رولاڪ جو روح ٿي پوي ٿو.

اِھڙي ئي نموني چنڊ جي چلولائي ۽ ستارن جي سجاوٽ به من جي وسامي ويل برھ واري بتي کي ٻاري ڪونه سگهندي آهي. ڪنهن پل خوشي ته ڪنهن پل مايوسي برپا ٿي ڪري سموري تازگي کي ختم ڪري ڇڏيندي آهي. پرھ ڦٽي مهل برھ جون باهيون ٿڌيون ٿيڻ لڳنديون آهن. ان ريت ڪيفيتون شخصيت تي پنهنجو اثر ڇڏينديون آهن.

ڪجھ ماڻهو پنهنجي شخصيت کي انهن ڪيفيتن جي سهاري گذارڻ جو ڏاءُ سکي وٺندا آهن جهڙوڪ شاعر، ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار. هن قلمڪارن وٽ ڪيفيتن کي بيان ڪرڻ جو انداز نرالي نموني سان اچي ويندو آهي. ٻين جي دماغ کي فرحت بخشڻ لاءِ قلم جو سهارو وٺي پنهنجي اندر جو احوال لکي وٺندا آهن.

جن ماڻهن وٽ لکڻ جو فن نه هوندو آهي يا وري انهي ڪاريگري کان واقف ڪونه هوندا آهن سي وري ٻين جي بيان ڪيل ڪيفيتن مان لطف اندوز ٿيندا آهن. ٻين طرفان ڪارا ڪيل ڪاغذ پڙهي مڙئي پاڻ کي تسڪين پيا ڏيندا آهن. ڪيفيتون ڪڏهن ڪهاڻين جي روپ ۾، ڪڏهن ناولن جي روپ ۾، ڪڏهن شاعري جي روپ ۾ ته وري ڪڏهن فلم ۽ ڊرامن جي روپ ۾ به اسان کي پڙهڻ ۽ ڏسڻ لاءِ ملن ٿيون.

جيڪي ماڻهون حساس طبعيت جا مالڪ هوندا آهن انهن تي انهن ڪيفيتن جو وڏو ۽ گهرو اثر پوندو آهي. انهن جي زندگي ۾ ڪڏهن ڪڏهن انهن ڪيفيتن جي برپا ٿيڻ مهل وڏي تبديلي ايندي آهي. انهن جا مزاج مٽجڻ لڳندا آهن. روين ۾ تبديلي اچڻ شروع ٿيندي آهي. انهن ڪيفيتن جي ڇهاءُ کي محسوس ڪندي ڪڏهن اُهي پنهنجي نيڻن مان ڪجھ لڙڪ لاڙي وجهندا آهن. ڪڏهن سندن من ڏکارو ٿي پوندو آهي.

انساني زندگي جي اِها مسافري کيس ڪيفيتن آڏو محتاج ڪري وٺندي آهي. تڏهن ئي ته چيو وڃي ٿو ته انسان، ڪيفيتن جو محتاج مسافر آهي. سندس اِها مسافري کيس ڪيفيتون ڳولڻ ۽ ڪيفيتن کي سمجهڻ جي لاءِ مختلف موسمن جا مزا ماڻائي ٿي ۽ سندس شخصيت جي نئي سر جوڙجڪ ڪري ٿي.


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو