تخليق به تڙپي ٿي - تي هڪ نظر



شاعري اُداس روحن جي هڪڙي پُڪار آهي. هِي اُنهن المياتي گهڙين جي هڪ رڙ آهي. جيڪا رڙ هن سماج جي گرمن هوائن ۾ پنهنجو سفر مڪمل نه ڪري سگهندي آهي!

شاعري بنيادي طور احساسن جو هڪ حسين جوڙجڪ آهي. اِنهي جوڙجڪ مان ئي شاعر جي مزاج ۽ طبعيت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ڪجھ ماڻهو شاعري کي لفظن جو خوبصورت سنگم سمجهندا آهن!

کين اِهو گمان هوندو آهي ته اکرن کي اڳتي ۽ پوئتي ڪري لکڻ سان جيڪا شئي وجود ۾ ايندي آهي اُن کي شاعري چئبو آهي حالانڪ ائين قطعي ڪونه آهي!

شاعري لفظن جي روپ ۾ جڏهن سرجندي آهي ته اُها پنهنجي پاڻ سان گڏ احساسن، خوابن ۽ تمنائن کي گڏ بلڪل ائين ئي کڻي ايندي آهي!

جئين علي عاجز پنهنجي ڏيڍ سٽن واري ڪتاب
” تخليق به تڙپي ٿي“ ۾ احساس کڻي آيو آهي! 

سندس ڪتاب ۾ موجود ڏيڍ سٽا ۽ ڏيڍوڻيون مالهائون فن، فڪر توڙي سڀني تقاضائن کان پوريون محسوس ٿين ٿيون!

اچو ته سندس ڪجھ ڏيڍ سُٽن جو جائزو وٺون:

• ھُو ڏاند ويو جوٽي!
من لاڀُ لُڻان عاجز، ٿو ماءُ مِٽي کوٽي!

• بُڪ، پين، قلم ۽ مان!
اڄ يار پهاڙن تي، توکي ته پيو سڏيان.

• طوفان اچي ويندو!
منهنجو ته ڪکائون گهر، ها هيل وري ڊهندو.

• هِت باھِ ٻري آهي!
گوليون به ڇٽيون آهن، ير سنڌ سڙي آهي.

•  آزاد وطن ڇاهي؟
ڇا غير غلامي آ؟ توکي ته پتو ناهي.

• ويچار ڪرين ها تون!
ٿو پيار گهران توکان، مَنَ! پيار ڪرين ها تون.

شاعري ته حاصل ۽ لاحاصل جي وچ واري وقفي ۾ ساھي پٽڻ واري ڪيفيتن کي به لفظن جو روپ ڏيندي آهي. شاعري جون سڀئي صورتون خوبصورت ۽ دلڪش آهن!

پر جهڙي نموني علي عاجز پنهنجي ڏات سان ڏيڍ سٽن جي اندر تمام تر گهرو فڪر کڻي آيو آهي سا ڳالھ يقينن قابل تعريف آهي!

سندس هنن ڏيڍ سُٽن ۾ فڪر جا گس هموار ٿين ٿا:

• ڳوڙاڻ ٺهي ويندو!
گهر گهاٽ ڊهي ويندا، هت غير ڪهي ايندو!

•ارمان لڳو ڏاڍو!
ٿو ائين  وڍين مونکي، ڄڻ ڪاٺ وڍي واڍو.

• هڪ ڳالھ ٻڌي ڇڏ تون،
هي ديس اسان جو آ، ۽ ديس اسان ئي هون.

• هُل ڳوٺ سڄو آهي،
رت لاش پيا ڳاڙن، گهَر غيرُ ويو ڊاهي!

• زنجيرَ ٽُٽي پوندا!
حالات ڪيو قابو، هي درد کٽي پوندا.

• اڄ ياد ڪري مونکي!
سڏڪا ته ڀري ويٺي، برباد ڪري مونکي.

• ڏس ڪيئن پيو تڙپان!
پرواھَ نه آ توکي، ٿي ڌار وئين مونکان.


جيڪو ماڻهو شاعري کان پري آهي آئون ته ائين سمجهان ٿو ته اُهو فرد هن سماج جي شڪل ۽ شنبھ کي سمجهڻ کان به پري آهي!

اسان شاعري لکون ٿا…!
شاعري پڙهون ٿا…!
شاعري ٻڌون ٿا…!

آخر ايترو سڀ ڪجھ ڇو ٿا ڪريون؟ 
ڇو ته شاعري اسان جي اندر جي
احساسن جي ترجماني ڪري ٿي!

علي عاجز جي هن ڏيڍ سٽن ۾ اندر جي احساسن کي ڪيتري نه خوبصورت نموني سان سرجيو ويو آهي:

• ھُو ڀاڳ کسي ويندا،
تهذيب ڪُٺي ويندي، ۽ ماڳ کسي ويندا.

• سڀ خواب ٽُٽي ويندا!
مون ڪونَ هيو ڄاتو، پنهنجا به ڇڏي ويندا.

• ڪوئل ته پئي ڪُوڪي!
ڪنهن جي ته جُدائي ٿس، ٿي ياد ڪري ڪنهن کي!

• جنهن عشق ڪيو هوندو،
ها تنهن ته زماني ۾، بس درد سَٺو هوندو.

• اچ سُور پچاري وڃ،
ٿا نيڻ سڏن توکي، تن ۾ ته نهاري وڃ.

• کنڀجي ته ويا هون ير!
ھُو لاش ته منهنجو آ، ٿي روز ڪُهي رينجر.

• اچيار هلون ڪينجهر!
مَنَ! هاڻ لڳو مونکي، ويران پيو ٿو گهر.

شاعري اسان جي اڻ پورائي جو پورائو ڪري ٿي. اسان جي خوابن کي آٿٿ ڏئي ٿي. اسان جي اکين ۾ ايندڙ ڳوڙهن کي صاف ڪري ٿي. ماڻهو شاعري ۾ پناھ وٺندا آهن. شاعري ۾ پنهنجي خوابن جي ساڀياھ ڳوليندا آهن.

هڪ سئو سٺ صفحن تي مشتمل علي عاجز جي هن خوبصورت ڪتاب کي سنڌيا پبليڪيشن ڇاپيو آهي ۽ سندس قيمت 300 روپيه رکي وئي آهي. هن مجموعي جو مهاڳ نامور شاعر آسي زميني لکيو آهي ۽ اُن سان گڏوگڏ افضل شر، خالده منير، ارشاد سومرو، اظهر امر، اصغر شر ۽ خالده سحر جا تاثرات به شامل اٿس.

ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل شبانه عالماڻي لکيو آهي ۽ اُن سان گڏوگڏ ايڊوڪيٽ فالطمه هاليپوٽو جا تاثرات به ڪتاب ۾ شامل آهن.


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو