ڌرتي جي شاعر جي شاعري جو جائزو



شاعري هر ڏينهن مون آڏو نئي نويلي ڪنوار وانگر تيار ٿي ڪري سامهون اچي ٿي ۽ آئون سندس حُسانڪي کي ڏسي ڪري حيران کان حيران ڪُن حد تائين پهچي ٿو وڃان.

اِيڏي ڇَڪ، ايڏي پنهنجائپ ته مون پنهنجي تخليقن ۾ به ڪونه ڏٺي هئي ۽ نه ئي مون ڪڏهن شاعري کي ايترو سمجهيو هو. شاعري ته پڙاڏو ٿي ڪري مون آڏو پنهنجا سُڏ ورنائڻ جي ڪوشش ڪري پئي ۽ آئون ڪنهن بي زبان جانور جيان کيس تعجب وارن نظرن سان ئي ڏسندو رهان ٿو.

منهنجو ذاتي مزاج ايڏو ته اڀاڳو رهيو آهي جو مون هميشه شاعري کي پاڻ کان ڌِڪي پري ڪيو آهي پر وري به شاعري مون وٽ وقت جي تقاضائن سان حاضريون ڀريندي رهي آهي. شاعري اِها ڪوشش ڪندي رهي آهي ته آئون سندس اهميت کي سمجهان، آئون سندس افاديت جو اندازو لڳائي سگهان. 

آئون سندس اکين ۾ اکيون نهار ڪري ڪي گهڙيون ساڻس ڪچهريون ڪريان. شاعري ائين ئي ٻين جي هٿن سان لکجي ڪري مون وٽ مهمان ٿي ڪري ايندي رهي آهي. آخرڪار مون کيس پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو. صدين جي وڇوٽن کي ختم ڪري مون کيس ڳل ڳراٺيون پاتيون ۽ سندس نراڻ تي هڪ چُمي ڏني.

ڪجھ ڏينهن پهريان آئون محراب پور شهر، نوجوان شاعر شڪيل احمد سان ملڻ ويس. ساڻس ملاقات ڪري ڏاڍي سُرهائي محسوس ٿي ۽ دلي سُڪون مليو. ادب، سياست، تعليم ۽ مڙني مختلف موضوعن تي سُهڻي نموني سان خيالن جي ڏي وٺ ٿي ۽ سندس ڪچهري مان کوڙ ساريون نيون شيون سکڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ مليو. 

نت نيون ڳالهيون، جيڪي مون نه پهريان ٻڌيون هيون ۽ نه ئي ڪڏهن انهن بابت ڪو غور ۽ فڪر ئي ڪيو هو. اُنهي موقعي ته ڀاءُ شڪيل مون کي پنهنجي نثري نظمن تي مشتمل ڪتاب” اداس راڳي، خاموش ساز، به تحفي طور ڏنو. جيڪو پاڻ 2017 ۾ ڇپرايو هو. 

مون گهر پهچڻ شرط ئي ڪتاب جو مطالعو ڪرڻ شروع ڪيو. آئون ڪتابن جي پڙهڻ واري معاملي ۾ قطعي به سستي ڪونه ڪندو آهيان. ڪوشش هوندي آهي ته جلد از جلد ڪتاب کي پڙهي وٺجي. ها باقي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪرڻ ۾ ڪڏهن ڪڏهن کڻي ٿوري دير سوير ڪري وٺندو آهيان.

سندس ڪتاب جي پهرين صفحي کان وٺي آخري صفحي تائين هر هڪ لفظ کي ائين ترتيب ڏنو ويو آهي جئين ڪو مالهي گُلن کي سنواري سجائي، سھڻي نموني سان ترتيب ڏئي ڪري رکندو آهي ته جئين اُهي ڏسڻ واري کي موهي وجهن ۽ پاڻ ڏانهن متوجع ڪن. 

شڪيل احمد جي شاعري ۾ تشبيھ ڪمال درجي سان ڏنا ويا آهن ۽ اُنهي سان گڏوگڏ هر هڪ نثري نظم ۾ خيال کي ايتري ته مضبوطي سان رکيو ويو آهي جو هڪ ئي نثري نظم کي پڙهڻ کي مهل ڪافي دفعا ساهي پٽڻي پي پئي ۽ ڪي ئي ساعتون اُنهي خيال جي گهرائي کي سمجهڻ ۾ لڳيون. آئون سندس نثري نظمن مان ڪجھ خيال هتي توهان آڏو پيش ڪريان ٿو توهان بذات خود ڀلي معتداڻو فيصلو ڪريو:

• هي تڏهن جو قصو آهي
جڏهن هن مون کي شاعري سان
اعتراض جوڳي حالت ۾ پڪڙيو وڌو.

ڪتاب جو هي پهريون نظم جيتوڻيڪ سڄو سارو هڪ مضبوط خيال تي جڙيل آهي پر اُنهي جي باوجود مون مٿيان جملا صرف انهي لاءِ نقل ڪيا ته جئين توهان کي شاعر جو شاعري سان لاڳاپو سمجھ ۾ اچي. انهي ساڳي نظم ۾ اڳتي ڪجھ هن طرح جو خيال پاڻ کي پڙهڻ لاءِ ملي تو:

• عشق جي غيرت ۾ اچي
هن مون کي شاعري سان
ڪارو ڪري ماري ڇڏيو!

شاعري سان سندس اهڙو لڳ لاڳاپو انهي ڳالھ جي شاهدي ڏي ٿو ته شاعر جي شاعري سان ويجهڙائپ وارو ناتو سندس گهڻ گهرن کي پسند ڪونه هو. ليڪن اِنهي جي باوجود شاعري سان پنهنجي نينهن ۽ ناتو قائم رکيو اچڻ به قابل داد ڳالھ آهي. هن شاعر وٽ حسرتن کي معيار ڏيڻ جو به هڪ نئون ۽ الڳ ڍنگ آهي:

• اي حسرتون! کڙڪا نه ڪيو
منهنجين اوجاڳيل اکين ۾
اجرڪي عورت جهڙي
حسين خواب کي
سمهڻ ڏيو.

شاعر ته فطرت ۽ عورتن جا ازلي متوالا رهيا آهن. ڇو ته عورت جي بخملي بدن مان جيڪا مهڪ هوا سان مٿي اڏامي ڪري شاعر جي ذهن ۾ گهر ڪندي آهي ته شاعر انهي خوشبو کي قابو ڪري اُنهي مان ڪجھ سٽون لکي وٺندو آهي. ڪجھ انهي ئي ريت جو احساس اسان کي هڪ نظم جي هنن سٽن ۾ ملي ٿو:

• اڄ به خوبصورت پريون
منهنجن خوابن ۾ رقص ڪنديون آهن
اڄ به تصور ۾ ستارا ٽپي ويندو آهيان

شاعري ۾ سندس اسلوب ۽ رواني انتهائي درجي تائين متاثر ڪندڙ آهي. هر هڪ نظم کي فن جو شاهڪار پارو چئي سگهون ٿا. آئون ته سندس ڪتاب ۾ موجود نظمن جي هر هڪ سٽ سٽ تي حيران ٿيندو رهيان ته آيا شاعر وٽ تصوراتي سگھ ڪيتري نه گهڻي مقدار ۾ آهي ۽ ھو اِنهي تصوراتي سگھ وسيلي پنهنجي هڪ الڳ دلڳ دل جي دنيا جوڙيو ويٺو آهي. 

جنهن ۾ دنيا ۾ هُو ٻاهريان ڪنهن به گستاخ خيال کي اچڻ نه ٿو ڏي. سندس شاعري معاشرتي معاملن کان وٺي ڪري زندگي جي هر عام و خاص وهنوار سان پنهنجي  وابسطتگي ظاهر ڪري ٿي. سندس هي نثري نظم مون کي ڏاڍو سُٺو لڳو جنهن ڪري آئون اُن کي مڪمل نقل ڪري توهان آڏو پيش ڪريان ٿو:

 • ڳالھ ٿا ڪن
ته هڪ شاعر
نظمن جي تلاش ۾ نڪتو
۽ وڃي جنگ جي ميدان ۾ پهتو
ماڻهو چون ٿا
ته اڄ به
اُن شاعر جي
نظمن مان
رت ٽمندو آهي!

هڪ شاعر لاءِ ڪُل ملڪيت، سڄي ميراث شاعري ئي هوندي آهي. جنهن ڪري اڪثر شاعر شاعري جي حاصلات لاءِ هجر جون راتيون ڪاٽيندا آهن. برھ جي پاھ ۾ پچي راس ٿيندا آهن. نراسائي جهڙن ڪيفيتن سان هم ڪلام ٿيندا آهن. پر پوءِ به ھُو شاعري سان پنهنجي نينهن ۽ ناتي کي تر و تازه رکندا ايندا آهن.

ڪا به سَٽ، ڪا به تخليق بي مقصدي ڪونه آهي. لفظ جڏهن تخليقڪار جي قلم مان ورقن تي جنم وٺڻ لڳندا آهن ته اُنهي مهل پوري ڪائنات جي وسيع نظر انهن لفظن تي هوندي آهي ڇو ته لفظ ئي ته آهن جيڪي هن وشال ڪائنات کي پنهنجي اندر سميٽيون ويٺا آهن نه ته ڪائنات جي تعريف ڪير ڪري ها. لفظ نه هجن ها ته ڪائنات کي ڪير واضع نموني بيان ڪري سگهي ها. ڪائنات ۽ شاعري جي ڳانڍاپي کي سندس هي نثري نظم ڪجھ هن طرح بيان ڪري ٿو:

• شاعري ۾ ڪائنات
پاڻ کي رضاڪاراڻا طور
پيش ڪندي آهي!

واقعي شاعر جڏهن پنهنجي فن، فڪر ۽ ڏات سان ڪائنات کي قابو ڪري لفظن جو روپ ڌارائي ٿي ته ڪائنات به خاموشي سان پنهنجي پاڻ کي رضاڪاراڻا طور پيش ڪري ٿي. هر تخليقڪار جي نظر ۾ ڪا به شئي نه ٿيڻ جهڙي شئي نه هوندي آهي ڇو ته اڪثر شاعر ۽ اديب پنهنجي تصور جي طاقت سان پنهنجي من پسنديده جهان جوڙي وٺندا آهن. شاعر جو هي خيال انهي ڳالھ کي توسيع ڏي ٿو:

• وقت جي دونهين ۾ هر شئي
ڪاراٽجي گم ٿيندي وڃي ٿي
پر خيالن جي زراف جي ڳچي ڊگهي آهي
تصور جي اکين سان
تون جتي به هجين
توکي ڏسي وٺان ٿو

اِهو ڪمال صرف خيالن کي ئي حاصل آهي ته ھو سڀني کان وڌيڪ تيز رفتار ۾ سفر ڪري سگهن ٿيون. جتي به جنهن به مهل چاهين کن پل ۾ پهچي سگهن ٿيون. ملاقات ڪري سگهن ٿيون. ڪچهريون ڪري سگهن ٿيون. حساب ۽ ڪتاب طلب ڪري سگهن ٿيون بلڪ خيالن ئي خيالن ۾ ڪنهن سان ميلاپ به ڪري سگهن ٿيون. جي رقيب ڪاوڙجي پون ته سامهون واري ماڻهو کي خيالن ئي خيالن ۾ قتل به ڪري سگهن ٿيون.

هن دنيا ۾ هر هڪ وجود جو پهريون ڏاڪو به ته خيال ئي هو. انساني دماغ ۾ پهريان دماغ پيدا ٿيو. انهي خيال هڪ حڪمت عملي جو روپ ڌاريو ۽ اڳتي هلي اهو خيال عملي طور پايا تڪميل تائين پهتو. هن ڪائنات کي جوڙڻ جو خيال به قدرت واري کي گهڻو وقت اڳي ئي آيو پر اُنهي جي باوجود قدرت واري فطرت کي وڻندڙ بڻائي پوءِ ئي انسان کي تخليق ڪيو ته جئين هو فطري نظارن مان راحت حاصل ڪري سگهي. انساني مزاج ۾ قدرت واري طرفان رومانوي اُڪير به پيدا ڪئي وئي آهي جنهن سان دليون سڪون طلب ڪنديون آهن ۽ پنهنجي پرين کي هن هيڏي سنسار ۾ ڳولڻ شروع ڪنديون آهن.

• چانھ وانگي چُلھ تي رکي مون کي
الائي ڪيڏانهن هلي وئي آهي
ڪيڏي لاپرواھ آهي هوءَ
مان کير وانگر اُٻرجي هارجان پيون…

اِنهي ساڳي رومانوي خيال جو تسلسل اسان کي سندس هڪ ٻي نظم ۾ به ملي ٿو. جنهن ۾ تشبيھ ڪمال سان ڏني وئي آهي:

• ڇوڪريون به
پاڙي وارن جي ٻڪرين جيان
روز منهنجي دل جي گهر ۾ گهري
ڪونه ڪو زيان ڪري ٿيون وڃن…

مٿي بيان ڪيل نظمن مان پهرين نظم ۾ محبوب کي جي بي رخي کي وڏي پيار سان بيان ڪيو ويو آهي ته ھو ڪيڏي نه لاپراوھ آهي جو منهنجي جذبن جو ڪاٿو لڳائڻ کان پهريان ئي مون کان پري هلي وڃي ٿي ۽ انهي نموني وري ٻي نظم ۾ اهو ٻڌايل آهي ته ڇوڪريون دل جي گهر ۾ گهري ڪري ڪئين نه جذبن سان کيڏن ٿيون ۽ احساسن، اميدن جو زيان ڪري هليون وڃن ٿيون.

هڪڙو ماڻهو جنهن جي ڪُل ڪائنات هجي ئي پيار ۽ محبت سان ٽمٽار، جنهن جي آدرش ۾ محبتون ونڊڻ جو ڪم هجي. جنهن جو نظريو انسانيت جي خدمت هجي. جنهن وٽ پنهنجن ۽ پراون لاءِ ساڳيا ئي جذبا، ساڳي نظر ۽ هڪجهڙائي هجي ته اُن جي طبعيت توڙي مزاج صوفين جو اصلوڪي رنگ ۽ ڍنگ نمايا نظر ايندو. اهڙي ئي خيال جو هڪ نظم جنهن ۾ پنهنجي مزاج جي وضاحت ڪئي وئي آهي:

• مهمان نواز مرڪ مان ناهي وڃائي
اڄ تائين منهنجو صوفي سڀاءُ آهي
اڄ به مان لوڪ گيتن جهڙو لڳان ٿو

هن ساڳي ئي نظم جا آخري بند ڪجھ هن ريت آهن:

• جي تون اُن اک سان ڏسندين
ته حال منهنجا
اڄ به اِهڙا آهن
جهڙا ڳوٺاڻا آهن.

شڪيل احمد جي نظمن ۾ ڪٿي سماج جا حقيقي اولڙا نظر اچن ٿا ته وري ڪٿي خوابن جا رستا نه هموار ٿيل نظر اچن ٿا. سندس هر هڪ نظم بار بار پڙهڻ جهڙا آهن. بلڪ ياد ڪرڻ جهڙا آهن. مان سمجهان ٿو ته هاڻ مون کي سندس نظمن بابت ڪوئي رايو جوڙڻ کان بهتر آهي ته سندس ڪتاب مان ڪجھ چونڊ نظم اوهان اڳيان رکان ته جئين توهان خود انهن کي پڙهي ڪري سندس فڪري اُڏام جو اندازو لڳائي سگهو.

۽ اُنهن بابت ڪو اعتدالي رايو قائم ڪري سگهو. هوند هتي سندس نظم مڪمل سارا نقل ڪري رکڻ جهڙا آهن پر ائين صرف ان لاءِ نه پيو ڪريان ته جئين اوهان نظمن جي ڪجھ ئي حصن مان اهو اندازو لڳائي سگهو ته جيڪڏهن ٿورن لفظن ۾ ايترو خيال سمايل آهي ته پوري نظم ۾ ڪيتري نه وڏي شاهڪار ڳالھ سمايل هوندي.

• مان جڏهن ٻاهران
ميرو ٿي موٽندو هيس
ته مونکي لٽن ڌوئڻ واري مشين وانگر
ھُو پنهنجي آغوش ۾ ڀري
اُجرو ڪري رکندي هئي
استري وانگر تپي
ڀاڪر ۾ ڀري
منهنجي روح جا گهنج لاهيندي هئي…

• سدائين مونکي ڏسي
ٽيوب لائيٽ وانگر
ٻهڪي پوندي هئي
۽ مان سڄو سارو روشن ٿي پوندو هيس…

• مان چاهيان ٿو
گهٽ ۾ گهٽ هر ستاري تي
منهنجي هڪڙي محبوبا هجي…

• مان عشق جو آدم
ھُو حُسن جون حوائون
آباد ٿين ائين اربين دنيائون…

• سچ ته اِھو آهي
دردن کي ڄڻيندي دل آهي
پر نپائيندون اکيون آهن
اکيون دردن جون رضائي مائرون آهن
اکيون اهي اُرھ آهن
جن کي درد
ڌائيندا آهن…

• دل جي داڙ گهوڙا
ڪائنات جو جئيڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.

• شهر ارڙي جو شڪار
۽ ٻهراڙيون ڪنگيءَ ۾ ورتل ٻارن وانگي بڻجي ويون آهن.

اداس زندگي، خاموش ساز ۾ ائين ئي کوڙ سارا ساز نظمن جي روپ ۾ آهن جن جي عمر شاعر جي اداس زندگي جي گهڙين جي نمائدگي ڪندي نظر اچن ٿا. البته ايترو آهي ته هي نظم پڙهندڙ کي اداسي جي گهيري ۾ لاهڻ جي بجاءِ اُنهي کي اداسي جي گهڙين مان ٻاهر ڪڍڻ جو ڪم ڪن ٿا. اهو ڪمال تمام گهٽ شاعرن کي جي تخليق ۾ هوندو آهي ته پڙهندڙ کي اُتان عقل، فهم ۽ دانش کي جهوڙڻ جون ڳالهيون فڪر سان ٽمٽا ٿيل ملن.

آئون ته چاهيان ٿو ته هي ڪتاب هر اُنهي ماڻهو کي پڙهڻ کپي جيڪو شاعري کي سمجهڻ جي ڪري ٿو يا سندس لاڳاپو شاعري سان نثر کان وڌيڪ آهي. هي نثري نظمن عنوانن کان بنا ترتيب ڏنل آهن ۽ اهو فيصلو به پڙهندڙن تي ڇڏيو ويو آهي ته هو خيال کي ڪهڙي طرف وٺي ٿا وڃن ۽ اُن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئين ٿا ڪن. هي ڪتاب ڪارونجهر اڪيڊمي محراب پور پاران ٻه هزار ستراھ ۾ ڇپايو ويو آهي. هڪ سئو سٺ صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت ٻه سئو اسي روپيا رکي وئي آهي.


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو