پيار جي پيچرن ۾ لتاڙيل پند جا حوالا



انسان ڪيفيتن آڏو مجبور ٿيندي ڪڏهن انهن ڪيفيتن کي منفي روين جي شڪل ۾ اظهاريندو آهي ته وري ڪڏهن انهن ڪيفيتن کي سهڻو سيبتو ڪري مثبتي لباس پارائي ٻين اڳيان پيش ڪندو آهي ته جيئن ٻيا ماڻهو انهن ڪيفيتن جي شدت کي محسوس ڪندي اُنهن منجهان سبق حاصل ڪري سگهن. 

هاڻ انهن ڪيفيتن کي ڪجھ ماڻهو تقريري انداز ۾ بيان ڪرڻ جا ماهر هوندا آهن ته وري اُتي ئي ڪجھ ماڻهو وري انهن ڪيفيتن کي تحريري انداز ۾ لکڻ کي ترجيع ڏيندا آهن ۽ انهي تحريري انداز ۾ ماهر ٿي پوندا آهن جن کي ليکڪ چئجي ٿو. جيتوڻيڪ اظهار جا هي ٻئي نمونا پنهنجي جاءِ تي سٺو اثر رکندڙ آهن.

ادب ۾ جڏهن ڪنهن ڳالھ جو تذڪرو ڪيو ويندو آهي ته عين اُن وقت ناول جي صنف کي پڻ ياد ڪيو ويندو آهي ڇو ته ناول هڪ اِهڙي سگهاري صنف آهي جنهن مان ناولنگار جي مطالعي، مشاهدي توڙي سندس ادبي ذوق جي اسان کي پتو پوندو آهي. ناول مان ئي ناولنگار جي نفسيات جو اندازو ٿي ويندو آهي. 

سندس سوچڻ، سمجهڻ ۽ محسوس ڪرڻ جي حس جو علم سندس ناول کي پڙهي ڪري پڙهندڙن کي پتو پوندو آهي ته ناولنگار ڪئين سوچي ٿو. ڇا سوچي ٿو ۽ ڪهڙي مهل سوچي ٿو.

ڪجھ ناول اِهڙا هوندا آهن. جن کي پڙهي ڪري سندس لکندڙ لاءِ من اندر هڪڙي محبت جي لهر پيدا ٿي پوندي آهي. اِهڙن ئي ناولن منجهان هڪڙو ناول منور سراج جو لکيل ” پيراڊائيز پوائنٽ تي شام“ آهي. هن ناول اندر محبت جهڙي نفيس اَحساس کي جهڙي نموني پيش ڪيو ويو آهي سو بنھ ڪمال جي ڪاريگري آهي. هي ناول صدين کان اُڃايل دلين کي سيراب ڪندڙ هڪڙو اِهڙو ناول آهي جنهن ۾ پيار جي پنڌ ۾ لتاڙيل پيچرن جا حوالا قلم بند ٿيل آهن.

سرمد جيڪو دنيا کي پنهنجي دل جي نفيس احساسن سان ڏسي ٿو ۽ انهن احساسن جي وڌي وڃڻ جي صورت ۾ شاعري ڪري ٿو. شاعري ۾ پساھ کڻي ٿو. شاعري جو لباس پنهنجي دل جي دردن کي اوڍي ٿو. سندس من ۾ محبت جي هڪ چڻگ ٻري ٿي. جيڪا ڄڻگ کيس خواب ڏيکاري ٿي. خوابن سان هم ڪلام ڪري ٿي ۽ سندس اِهي خواب ساڀيان ماڻڻ لاءِ هڪڙي حسين سمبارا ۾ پنهنجو عڪس ڏسن ٿيون ۽ ائين ئي سرمد انهن خوابن جي ساڀيان ماڻڻ لاءِ حقيقت ۾ ساڀيان سان پيچ پائي ويهي ٿو.

اسان جي معاشري جي هي ڪيڏي نه بد بختي چئبي جو جڏهن به هتي ٻه دليون هڪ ٻه لاءِ ڌڙڪڻ شروع ڪنديون آهن ته انهي وقت هن معاشري جا سڀئي مهذب ڪردار سامهون اچڻ شروع ٿيندا آهن ۽ پنهنجي غير مهذباڻي رويي سبب انهن دلين جي دڙڪڻ کي دٻائڻ جي ڪوشش ۾ مصروف عمل ٿي ويندا آهن. 

پيار ته پنهنجا پيچرا پاڻ ٺاهيندي آهي. اُنهي کي ڪنهن به ڏس پتي جي ضرورت نه هوندي آهي. ڀلي اهو چئجي ته ” عشق انڌو هوندو آهي “ ليڪن پيار ته اکين جي رستي ئي دلين منجھ پنهنجي پناھ گاھ تلاش ڪندي آهي. اِن لاءِ پاڻ پيار کي انڌو هجڻ جو تمغو نه ٿا ڏئي سگهون. اسين پيار کي ڪائنات جو هڪ سگهارو سچ تسليم ڪندي سندس اهميت جو اقرار ڪريون ٿا ته پيار بنا هي ڌرتي پنهنجي جياپي جو تصور ڪڏهن به جوڙي نه ٿي سگهي.

پيراڊئيز پوائنٽ تي شام ۾ پيار جي سڀني پهلوئن کي اجاگر ڪندي اهو پڻ ڏيکاريو ويو آهي ته ” هڪڙي دل ۽ درد هزار “ وارو مفروضو ڪئين وجود ۾ آيو آهي. ڪئين دل لڳي کان پوءِ وھ جا وٽا پئڻا پوندا آهن. ستارن سان ڳالهيون ڪئين ڪبيون آهن. چنڊ کي ڪهڙي مهل چتائي ڏسبو آهي. خيالن کي لفظن جو روپ ڏئي ڪري ڪئين شاعر پنهنجي شاعري ۾ جئيندا آهن. 

هن سماج جي هزارين پابندين جي باوجود ڪئين ساھ کڻندا آهن. ڪئين لڇندا آهن ۽ ڪئين پڇندا آهن. هن ناول جي اڀياس ڪرڻ کان پوءِ ائين لڳڻ لڳندو آهي. ڄڻڪ هي ناول اداس روحن جي ڪٿا هجي. اِهڙي ڪٿا جيڪا هر پيار ڪرڻ واري جي ڪٿا هوندي آهي. هڪ اهڙو دستاويز جيڪو دستاويز دل لڳي کان پوءِ عاشق پنهنجي محبوب کي اکين جي اشارن سان لکي ڏيندو آهي. جنهن ۾ هو سڀ ڪجھ لکڻ سان گڏ پنهنجي پاڻ کي به لکي ڏيندو آهي ته آءُ به سڄو سارو تنهنجو آهيان.

هن ناول جي هڪڙي خوبي هي پڻ آهي ته هي ناول اسان جي معاشري جو حقيقي ثبوت آهي. جنهن جي بنياد تي اسين اهو چئي سگهون ٿا ته هت پيار ڪرڻ وارن لاءِ ڪو موزن ۽ مناسب ماحول قطع موجود ڪونه آهي. هت صرف شام اداس ناهن ٿيندا بلڪ اڪثر ڪري صبح به اداسي جا پيغام کڻي اينديون آهن. هتي سانجهي ويل خوابن سان گڏ، اميدون، آرزون ۽ تمناعون به سُڏڪنديون آهن. هتي ته مور سان گڏ هاڻ ڊيل به روئندي آهي ڇو ته اُها به سمجهي ٿي ته هتي سندس روئڻ جو وارو به اچڻو آهي.


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو