ادارن جي تباھ حالي ۽ نوجوانن جو مستقبل




سنڌ جو نوجوان هن جديد دور ۾ به انيڪ مسئلن ۽ مونجهارن جو شڪار آهي. ڪجھ اهڙن مسئلن سان سرشار آهي جيڪي حل طلب آهن. سماجي، معاشي ۽ دنياوي گهرجن کي مد نظر رکي ڪري سوچجي ٿو ته ائين محسوس ٿئي ٿو هي مسئلا اڄ جي نوجوان کي نه صرف ذهني طور پريشان ڪندڙ آهن بلڪ سندس سنهري مستقبل کي به خطري ۾ آڻڻ جو ڪردار ادا ڪن ٿا. اسان جو اڄ جو نوجوان خواھ پڙهيل توڙي اڻ پڙهيل هن وقت هڪ اهم ۽ سنجيده وبا کي منهن ڏئي رهيو آهي. جنهن وبا کي بي روزگاري چئجي ٿو. اعليٰ تعليمي ادارن کان ڊگري وٺڻ جي باوجود به روزگار جو ڪو خاطر خواھ بندوبست نه هجڻ سبب اڄ جو نوجوان نفسياتي طور احساس ڪمتري ۾ مبتلا آهي ۽ سندس شخصيت نسرڻ جي بجاءِ ويڳاڻپ واري ڪيفيت ۾ مبتلا ٿيندي ٿي وڃي.

اسان جو معاشرو جهڙوڪ وقت جي تناسب سان ترقي به ڪري رهيو آهي ۽ اِنهي ترقي جي بدولت مفاصلا ڪنهن قدر گهٽيا به آهن. رابطن جا جديد وسيلا متعارف ٿيڻ کان پوءِ هر شئي تائين پهچڻ ممڪن ۽ آسان به ٿي پيو آهي پر انهي جي باوجود به روزگار جا موقعا گهٽ هجڻ يا بنھ نه هجڻ واري حالت اڄ جي تربيت يافته نوجوان جي تخليقي صلاحيتن کي ميساري رهيو آهي. مجموعي طور سنڌ جي سڀني شهرن ۾ ادارن جي کوٽ ڪونه آهن. سرڪاري ادارن کان وٺي نيم سرڪاري توڙي نجي ادارن جي هڪ ڄار وڇايل آهي. هر سال انهن ادارن مان جهجي تعداد ۾ نوجوان پنهنجي تعليمي سفر کي مڪمل ڪري پنهنجي مستقل لاءِ جاکوڙن ٿا پر انهن منجهان تمام گهٽ نوجوانن کي بهتر ۽ سندن صلاحيتن جي آڌار تي ڪا نوڪري ملي ٿي باقي اڪثريت روزگار جي ڳولا ۾ پنهنجي عمر جي حد به پار ڪري وڃن ٿا.

انهي کان علاوه تربيتي ۽ فني صلاحيتن کي نکارڻ وارا ادارا ڪنهن قدر تباھ حالي جو شڪار آهن. جنهن سبب انهن منجهان گهربل نتيجا نه ٿا ملن ۽ نوجوانن جي بهتر تربيت نه ٿي ٿئي. هڪ ته ادارن کي ڪرپشن پنهنجي لپيٽ ۾ جڪڙي وڌو آهي ۽ ٻيو ته وري انهن ساڳين ادارن ۾ ڌڙا بندي ۽ گروهن جي هجڻ سبب اُهي ادارا ڪنهن به قسم جي پيداوار ڏيڻ کان قاصر آهن. سياسي مداخلت ۽ لاتعلقي واري رويي ادارن جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي. سنڌ اندر جنهن تعليمي ادارن کي اعليٰ مقام حاصل رهيو آهي اڄ انهن ئي ادارن جي سربراهن کي بدعنوانين ۽ ڪرپشن جي الزامن هيٺ معطل ڪيو وڃي ٿو. اُنهن جي ڪارڪردگي تي هزارين سوال اُٿن ٿا. سندن حڪمت عملين تي آڱريون اُڀيون ٿين ٿيون. جنهن جي ڪري ادارن پنهنجي اوسر کان محروم ٿي وڃن ٿا.

اِھڙي ٻوسٽ واري ماحول ۾ هجڻ سبب اڄ جو نوجوان  نه علم ڏانهن ڌيان ڏئي سگهي ٿو ۽ نه وري ادب ڏانهن. جيڪو ڪجھ کيس نصاب ۾ پڙهايو وڃي ٿو حقيقي زندگي ۾ سڄو ڪجھ کيس اُنهي جي ابتڙ محسوس ٿي ٿو. سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو کان شاھ عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور تائين سڀئي ادارا هن وقت بحث هيٺ آهن. هنن ادارن ۾ جيتوڻيڪ هزارن جي تعداد ۾ نوجوان علم حاصل ڪري رهيا آهن پر ڳچ عرصو گذرڻ جي باوجود هتان جي نوجوانن ڪنهن به نئي قسم جي ايجاد جو بنياد ناهي وڌو. ڇو ته کين نواڻ ڏانهن رستو ڏيکاريو ئي نه ٿو وڃي. هنن ادارن ۾ تحقيق جا سڀئي مرحلا ڪاغذن کان شروع ٿي ڪري ڪاغذن تي ئي ختم ٿين ٿا جنهن سبب نوجوان ڪجھ نئو ڪرڻ جو جذبو جهالي ئي نه ٿو. نوجوانن جي اِها حالت کين دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪري گڏ هلڻ کان لاچار ڪيون ويٺي آهي.

اسان جي تعليمي ادارن ۾ نوجوانن کي بهتر مستقبل لاءِ تيار ڪرڻ بجاءِ کين مارڪن ۽ گريڊن جي دلدل ۾ ڦاسائي ڪري يرغمال ڪيو وڃي ٿو. جنهن سبب نوجوان محنت ڪرڻ کان ڪيٻائن ٿا ۽ مارڪن جي حاصل ڪرڻ کي ئي پنهنجي ڪاميابي تصور ڪن ٿا. پوءِ چاهي مارڪون کين ڪنهن سفارش تي ملن يا وري  استادن کي ڪنهن تحفي ڏيڻ جي عيوض. انهن ڳالهين تي سوچڻ ۽ غور فڪر ڪرڻ جي ضرورت آهي. ابتدائي تعليم کان وٺي ڪري اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ تائين نوجوان اِنهي فيصلي ڪرڻ ۾ ناڪام ٿو وڃي ته کيس ڪهڙي شعبي ۾ وڃڻ گهرجي. سندس لاءِ ڪهڙو شعبو بهتر آهي. سندس صلاحيتون ڪهڙي شعبي ۾ سُٺا نتيجا ڏئي سگهن ٿيون. خود اعتمادي جي انهي ڪمي سبب به گهڻن ئي نوجوانن جو مستقبل تباھ ٿئي ٿو. حالانڪ اِهو هڪ استاد تي فرض آهي ته هُو شاگرد جي صلاحيتن جو پنهنجي علم جي آڌار تي پرک ڪري کيس انهي صلاحيت سان لاڳاپيل شعبو تجويز ڪري ٻڌائي ته جئين اهو نوجوان هيڏانهن هوڏانهن وقت وڃائڻ جي بجاءِ وقت سر پنهنجي بهتر مستقبل جي شروعات ڪري ۽ پنهنجي صلاحيتن کي اُتي قطب آڻي.

اعليٰ تعليمي ادارن ۾ وري نياڻين سان جيڪي ڪلور ٿين ٿا انهن جو علم ته هر باشعور شخص رکي ٿو. ٻهراڙي جي هڪ ڳوٺ کان سنهري سپنن سان گڏ جيڪا نياڻي شهر ۾ اچي ڪنهن اداري ۾ داخلا وٺي ٿي ۽ پاڻ کي معاشري ۾ هلڻ جي قابل بڻائڻ جي جتن ڪري ٿي اُها ئي نياڻي انهن ادارن ۾ ويٺل بگهڙ نما استادن جي ور چڙهي ڪري ذهني طور يرغمال ڪئي وڃي ٿي ۽ پوءِ سندس لاءِ ٻه رستا ئي وڃي بچن ٿا ته هو پنهنجي عظمت جو سودو ڪري تعليم جاري رکي يا وري تعليم کي ختم ڪري پنهنجي مان ۽ مرتبي کي قائم رکي. انهن ڪشمڪش ۾ ڪافي ساريون گهمراھ ٿي وينديون آهن. نياڻين جي تعليمي ادارن ۾ يرغمال ٿيڻ جا قصا اخبارن ۾ پڻ رپوٽ ٿين ٿا پر انهي سڀ ڪجھ جي هوندي به اُنهن تعليمي ادارن ۾ اهو ڪم اختتام تي نه ٿو پهچي. ساڳيون روايتون جئين جو تئين برقرار ئي رهن ٿيون.

اِهڙن معاملن جي اجاگر ٿيڻ کان پوءِ ڪافي والدين خوفزده ٿي ڪري پنهنجي نياڻين کي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ موڪلڻ کان ڪيٻائيندا آهن. جنهن سبب سنڌ اندر موجود هر هڪ اُها نياڻي جيڪا اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي خواهشمند هوندي آهي سا نياڻي علم جي زيور کان محروم ٿي وڃي ٿي. ادارن جي تباھ حالي ۽ هر روز انتشارن جي ور چڙهڻ سبب مڊل ڪلاس جو فرد به پنهنجي اولاد کي يونيورسٽي نه ٿو موڪلي. مقامي سطع تي اسڪول يا ڪاليج ۾ ڪجھ درجا تعليم جا پڙهائي ڪري سندس لاءِ ڪنهن هنر يا ڌنڌي جو بندوبست ڪري ٿو ڇو ته کيس اهو خيال مڪمل طرح سان ذهن ۾ هوندو آهي ته منهنجو اولاد خواھ نياڻي يا پُٽ، پڙهي ڪري ڇا ڪندو. کيس ڪهڙي نوڪري ملڻي آهي. ڇو ته هن دور ۾ نوڪري حاصل ڪرڻ به ڪنهن جهاد کان گهٽ ڪونه آهي. انهن سڀني معاملن جي تنازع ۾ وري به نقصان انهي نوجوان جو ٿئي ٿو جنهن ۾ فطري طور ڪجھ ڪرڻ يا ڪجھ ٿي ڏيکارڻ جو جذبو هوندو آهي. سندس سڀئي خواب ساڀيان ماڻڻ بجاءِ وقت کان اڳي بي موت مري وڃن ٿا.


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو