نوڪري جي لاءِ انٽرويو ڪئين ڏجي




انساني زندگي جي هن سفر ۾ ڪجھ اِهڙيون شيون به اسان جي سامهون اينديون آهن جن جي پورائي يا تڪميل لاءِ ماڻهو کي پنهنجي پاڻ کي مڪمل طور تي تيار ڪرڻو پوندو آهي. تڏهن ئي وڃي ڪري کيس سندس اُنهي مقصد ۾ ڪاميابي نصيب ٿيندي آهي.

اِهڙن ئي معاملن منجهان هڪ اهم معاملو نوڪري لاءِ انٽرويو ڏيڻ وارو معاملو به آهي. انٽرويو جيتري قدر سُٺي نموني سان پايا تڪميل تي پهچي ٿو نوڪري ملڻ جا امڪان به اوتري ئي قدر وڌيڪ هجن ٿا. 

اِنهي لاءِ ڪنهن به شعبي، ڪمپني يا سرڪاري توڙي نيم سرڪاري اداري ۾ نوڪري جي مقصد سان ويندڙ اميدوار جيڪڏهن ڪامياب انٽرويو ڏيڻ چاهي ٿو ته کيس انٽرويو کان پهريان هنن بنيادي ڳالهين کي ذهن نشين ڪرڻو پوندو جنهن کان پوءِ سندس انٽرويو کي ڪوبه فرد ڪامياب ٿيڻ کان روڪي نه ٿو سگهي.

وقت جي پابندي:

وقت جي پابندي هر جڳھ تي اهميت رکي ٿي. ڇو ته هر هڪ ڪم ۽ عمل جو واسطو وقت سان هوندو آهي. وقت سان ئي وقت سر شين جي ڇنڊ ڇاڻ ٿيندي آهي. جنهن جڳھ تي اوهان کي انٽرويو لاءِ پهچڻو آهي ڪوشش ڪريو ته گهربل وقت کان ڪجھ ساعتون پهريان توهان اُنهي جڳھ تي پهچي وڃو.

اِنهي سان توهان کي فائدو اِهو پوندو ته توهان اُنهي جڳھ جي ماحول کان ٿورن ئي گهڙين ۾ واقفيت حاصل ڪري وٺندئو ۽ توهان کي ذهني طور پاڻ کي تيار ڪرڻ جو کوڙ سارو وقت ملي ويندو.

اداري بابت ٿوري گهڻي معلومات رکڻ:

هاڻ جنهن جڳھ تي يا جنهن ڪمپني يا اداري ۾ توهان جو انٽرويو رٿيل آهي جيڪڏهن توهان پنهنجي انفرادي ڪوشش سان اُنهي جڳھ جي ڪجھ بنيادي معلومات پهريان ئي حاصل ڪري اُنهي مطابق پاڻ کي تيار ڪري ايندا ته اِهو عمل توهان لاءِ فائيدي مند ثابت ٿيندو. 

ڇو ته ڪڏهن ڪڏهن انٽرويو ۾ اِهو پڻ پڇيو ويندو آهي ته توهان هن اداري بابت ڪيترو ڪجھ ڄاڻو ٿا اهو اسان کي ٻڌايو؟ اِنهي سوال سان نوڪري حاصل ڪرڻ واري جي اداري ۾ دلچسپي کي پرکيو ويندو آهي. 

جيڪڏهن توهان پنهنجي اداري يا متعلق شعبي بابت مڪمل طور تي واقف هوندا ته توهان جو جواب ٻڌي ڪري انٽرويو وٺندڙ گهڻي قدر توهان مان مطمعن ٿيندا ۽ توهان نوڪري لاءِ چونڊڻ ۾ دير نه ڪندا.

مختصر معياري جواب ڏيڻ:

گهڻي قدر ائين ٿيندو آهي ته انٽرويو ۾ پڇيل سوال جي جواب جي بجاءِ اميدوار انهي سوال سان لاڳاپيل جواب ڏيڻ جي بجاءِ ڳالھ کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي جنهن سان انٽرويو وٺندڙ ڪميٽي کي اهو عمل قطعي به پسند ڪونه ايندو آهي ۽ ھُو اميدوار کي انهي منطق تي رد ڪندا آهن ته هي شخص پنهنجي پڏائڻ ۾ ئي پورو آهي هي ماڻهو اداري لاءِ مناسب نه رهندو. 

مثال طور جيڪڏهن توهان کان سوال پڇيو وڃي ته توهان جي تعليم هن نوڪري جي معيار مطابق ئي آهي ته اِتي توهان کي صرف ها ۾ ئي جواب ڏيڻو آهي. ائين نه ٿي جو توهان پنهنجي مڪمل تعليم جو قصو انهن کي ٻڌائڻ شروع ڪيو ته مون فلاڻي ڊگري فلاڻ اداري مان فلاڻ سال ۾ پاس ڪئي. 

ائين ڪرڻ سان سامهون وارا توهان جي انهي عمل ڪري به توهان کي فيل ڪري سگهن ٿا. جيترو پڇيو وڃي ڪوشش ڪجي ته اُن جو جواب به سوال جي حساب سان اُترو ئي ڏنو وڃي.

پنهنجو لهجو نفيس رکو:

انٽرويو ڏيڻ مهل توهان جو لهجو نه ئي گهڻو اُڀريل هجي ۽ نه ئي وري گهڻو هلڪو هجي. پنهنجي تعليم ۽ قابليت جي بنياد تي پنهنجو لهجو اهڙو رکو جو سامهون واري شخص کي ائين محسوس ٿئي ته توهان ۾ نه ئي خود اعتمادي جي کوٽ آهي ۽ نه ئي توهان ۾ اَنا آهي. 

توهان جي لفظن جي ادائيگي مان ئي توهان جي پروريش جي خوشبو ايندي آهي. اِنهي لاءِ پنهنجي پاڻ کي تعليم يافته هجڻ سان گڏوگڏ تهذيب يافته قوم جا فرد به محسوس ڪرايو ته جئين توهان کي ادارو پاڻ وٽ رکڻ سان ڪا به هٻڪ يا رنڊڪ محسوس نه ڪري.

هيڏي هوڏي اجائي نهار کان پاسو ڪريو:

جڏهن انٽرويو وٺندڙ توهان کان توهان جي تعليمي قابليت، تجربات ۽ مختلف شين جي بابت سوال پڇڻ شروع ڪندو ته هُو مڪمل طرح سان توهان جو جائزو به وٺندو رهندو. توهان جي شخصيت کي به انهي سان گڏ پرکڻ شروع ڪندو.

 اِن لاءِ جڏهن به ڪنهن سوال جو جواب ڏيڻ شروع ڪريو ته اُنهي مهل ڪوشش اِها هجي ته توهان مڪمل طرح سان سامهون واري شخص سان مخاطب هجو. 

ڳالهائڻ مهل يا جواب ڏيڻ مهل جيڪڏهن توهان سامهون واري شخص کان پنهنجو ڌيان هٽائي ڪري هيڏي هوڏي نهارڻ شروع ڪيو ته اِهو تاثر جڙندو ته شايد کي توهان جي معلومات ۾ يا ته ڪا ڪمي آهي يا ته وري توهان پنهنجي ئي جواب بابت ڪنهن مونجهاري جو شڪار آهيون جنهن جي ڪري توهان کي هيڏان هوڏان نهارڻ جي ضرورت پوي ٿي.

اِنهي حساب سان انٽرويو ۾ توهان جي علم، عقل، فهم، ڏهپ توڙي قابليت سان گڏ توهان جي شخصيت جي به پرک ٿيندي آهي ۽ اِهو پڻ جاچيو ويندو آهي ته توهان ۾ فيصلي ڪرڻ جي ڪيتري قوت آهي. خود اعتمادي ڪيتري آهي. 

پنهنجي پاڻ تي ڪيترو ڀروسو آهي. توهان شين کي ڪهڙي نظر سان ٿا ڏسو. مثبت نموني سان يا منفي نموني سان. انهي حساب سان توهان کان ملڪي توڙي غير ملڪي سياست بابت سوال ٿي سگهن ٿا. شين جي قدر ۽ قيمت ڄاڻڻ لاءِ روز مرھ جي شين کان وٺي ڪري توهان جي ذاتي زندگي جي تجربات تي به سوال ٿي سگهن ٿا. 

بس توهان کي صرف ايترو ڪرڻو آهي ته توهان پنهنجي هر هڪ سوال جي جواب ۾ اهو تاثر ڏيو ته توهان هر هڪ شئي کي سميٽڻ جي ڪوشش ۾ آهيو. توهان هر هڪ شئي کي مثبت پهلو سان ڏسو ٿا ۽ شين کي بهتر کان بهتر بنائڻ ۾ توهان اڳڀرا آهيو.

توهان جي گفتگو، توهان جي ڳالهائڻ جو ڍنگ ۽ مڙني معاملن تي توهان جي دور انديشي واري نظر ئي توهان کي انٽرويو ۾ ڪامياب ڪرائيندي ڇو ته هر هڪ ادارو هر هڪ شعبو اِهو ئي چاهي ٿو ته مون وٽ اُهو ماڻهو اچي جيڪو پنهنجي پاڻ سان، پنهنجي ذميوارين سان ۽ پنهنجي ڪم سان سچو هجي.


Comments

Post a Comment

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو