هي صدي فلسفي جي نه بلڪ سائنس جي صدي آهي


فلسفو انتهائي قديم دور جو طرز عمل آهي جنهن جي وسيلي ڪنهن به وجود خاص طور تي انساني وجود جي هجڻ بابت بنيادي سوال اُٿاريا ويندا هئا ته انسان ڇا آهي؟

انسان جي وجود ۾ اچڻ جو ڪهڙو بنيادي ڪارج آهي؟ عقل، فهم ۽ سوچ ويچار ڇا آهن؟ 
خيال ڪئين جنم وٺن ٿا؟ 
حقيقت ۽ خيال جو پاڻ ۾ ڪهڙو ڳانڍاپو آهي؟

مطلب ته هي سڀئي اهڙا سوال هيا جن جا صديون اڳ جواب ڪنهن وٽ به ڪونه هئا ۽ ماڻهن ۾ خاص طور تي فلسفي ذهن رکندڙ ماڻهو هنن سوالن جي پرچار ڪندا هئا. 

جئين ته دنيا ارتقائي مرحلا طئي ڪري هن وقت ڪافي اڳتي نڪري چڪي آهي ۽ هاڻ انهي قسم جا سوال ڪرڻ يا انهي قسم جي سوالن جا جواب تلاش ڪرڻ غير عقلي ۽ بي سمجهي تصور ڪئي ويندي.

ڇو ته هن وقت دنيا جديد کان جديد ٿي وئي آهي پوري دنيا کي سائنس پنهنجي گرفت ۾ آڻي ڇڏي آهي. هر روز نت نيون تخليقون ۽ ايجادون ماڻهن کي حيران ڪري رهيون آهن. 

فلسفي جي مدد سان جن سوالن جا جواب تلاش ڪيا ويندا هيا انهن سوالن جي جوابن تي مهذب، سماجيات ۽ معاشرتي علم تفصيل سان ڪتابن ۽ تحقيقن جي صورت ۾ جواب مهيا ڪيا آهن.

پوري دنيا اندر خود شناسي ۽ پاڻ سڃاڻڻ لاءِ ڪافي ادارا قائم ٿي چڪا آهن جيڪي ماڻهن کي اهو سمجهائڻ ۾ مصروف آهن ته هن ڌرتي تي انسان جو اصل ڪم ۽ ڌنڌو ڪهڙو آهي جنهن لاءِ کيس پيدا ڪيو ويو آهي. 

اُها الڳ ڳالھ آهي ته مهذب طرفان مهيا ٿيل جوابن ۽ دليلن توڙي سماجيات ۽ معاشيات طرفان مهيا ٿيل جوابن ۾ اتفاق نه هوندو.

ايڪويھ صدي ۾ سائنس کي چڱي خاصي ترقي نصيب ٿي آهي. دور قديم ۾ جن بيمارين جو علاج ممڪن نه سمجهيو ويندو هو انهن بيمارين جا علاج سائنس ڳولهي لڌا، صديون اڳ جيڪي شيون انساني تصور توڙي سوچ ويچار ۾ ناممڪن هيون انهن ڪمن کي سائنس جي مدد سان ممڪن ڪري ڏيکاريو ويو آهي.

دور جديد ۾ رابطن جا تڪڙا ۽ موثر ذريعا هجن يا وري ڌرتي جي مٿاڇري کان وٺي ڪري هيٺين سطع جي ڄاڻ هجي. اهو سڀ ڪجھ سائنس ممڪن ڪري ڏيکاريو. 

سائنس پنهنجي مشاهدي ۾ هر هڪ شئي جي وجود کي تجرباتي طور آزمائي ڪري اهو نتيجو فراهم ڪيو ته اسان لاءِ ڪهڙيون شيون هاڃيڪار آهن ۽ ڪهڙيون شيون فائدي مند آهن.

ائين قطعي به ڪونه آهي ته ڪو سائنس هن ڪائنات ۾ موجود هر هڪ شئي بابت مڪمل ڄاڻ حاصل ڪري ورتي آهي ۽ هاڻ ڪا به شئي ڳُجھ يا راز ۾ ڪونه آهي. اڃا به هزارين اهڙا رمز هن ڪائنات ۾ موجود آهن.

جيڪي سائنس جي پهچ کان گهڻو پري آهي پر انهي جي باوجود سائنس جي علم جي مدد سان هن وقت دنيا اندر جيڪا ترقي ٿي آهي انهي کان به انڪار نه ٿو ڪري سگهجي.

فلسفي جو علم محدود ۽ ڪجھ خاص سوالن تائين رسائي رکي ٿو جڏهن ته سائنس جو علم لامحدود ۽ پنهنجي وُسعت ۾ هر ڏينهن پکيڙ کائيندو ٿو وڃي. 

جيڪڏهن سائنس ڪنهن هڪ خاص حد تي پهچي ڪري ڪو نتيجو اخذ ڪري ٿو ته سندس سفر اُتي ختم ڪونه ٿو ٿئي ۽ سائنس ان کان اڳتي جي جواب تلاش ڪرڻ لاءِ ڪوشان رهي ٿو.

سائنس جي مدد سان انساني زندگي انتهائي آسان ۽ پرسڪون به ٿي آهي ته ان سان گڏوگڏ هر قسم جي وڻج واپار توڙي پرڏيھ تائين سفر ڪرڻ جو طريقو به سولو ٿيو آهي. 

دنيا جهان کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪري هڪ ٻي سان ملائڻ وارو ڪرشمو به سائنس جي مدد سان ئي ممڪن ٿيو آهي. فلسفو اسان کي شين تي حيرت کائڻ جو علم ڏي ٿو ۽ انهن جي اصل تشريع جو ڳولهائو بڻائي ٿو ۽ انهي جي مد ۾ ڪجھ منطق تلاش ڪري ٿو.

 حالانڪ سائنس انهن ساڳين شين جي واقع ٿيڻ جي اصل سببن کان اسان کي آگاھ ڪري ٿو. مثال طور فلسفو اهو معلوم ڪرڻ چاهيندو آهي ته فلاڻي هنڌ تي باھ ڇو لڳي؟

انهي باھ جي لڳڻ سان ڪهڙا نقصان ٿي سگهن ٿا؟ پر اتي ئي سائنس اسان کي اهو ٻڌائيندي ته آخر ڪار اِها باھ ڪئين لڳي؟ باھ ڪهڙن شين جو مرڪب آهي.

انهي ۾ ڪهڙا ماليڪيول ڪيتري مقدار ۾ آهن ۽ اُهي ڪٿان پيدا ٿيندا آهن؟ مطلب ته سائنس جي مدد سان ڪنهن به واقعي کي رونما ٿيڻ کان پهريان ئي روڪي سگهجي ٿي.

اِن جي اُبتڙ فلسفو انهي واقعي جي پذير ٿيڻ کان پوءِ واري حالت تي سوال اٿاري ٿو ۽ محظ انهن جي جوابن تي راضي ٿي پوي ٿو. سائنس انهي ڀيٽ ۾ هر هڪ عمل توڙي واقعي ٿيڻ کي تجربي جي آڌار تي ثابت ڪري پوءِ قبول ڪري ٿي.

سائنس وٽ مفروضات گهٽ اهميت جا حامل آهن. فلسفو مڪمل طرح سان خالي اُڀاريل سوالن تي دارو مدار رکي ٿو جنهن ڪري هاڻ اهو آساني سان سمجهڻ گهرجي ته هي ايڪويھ صدي جنهن کي جديد صدي پڻ چيو وڃي ٿو.

هي صدي فلسفي جي نه پر سائنس جي صدي آهي.


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو