سنڌ، تصوف ۽ سهڻو لطيف





سنڌ جي اندر مذهبي رواداري تصوف جي بنيادن تي مشتمل آهي ۽ تصوف جيڪو هر مذهبن جو روح آه، شاه عبدالطيف ڀٽائي جي سموري شاعري ۾ مذهبي رواداري تصوف جي فڪر تي مشتمل آهي ۽ تصوف اهو واحد فلسفو آهي جيڪو اسان کي ٻڌائي ٿو تہ حضرت انسان مڙني فرقن ۽ ويڇن کان بالا طر هڪ معزز طبقو آهي، تصوف جي رنگ ۾ هر ڪنهن مذهب، ڪٽب توڙي قبيلي جي فردن لاءِ هڪ جيتري عزت، اهميت ۽ مان مرتبو رکيل آهي

پاڻ ڳالھ پي ڪئي فڪر لطيف ۾ مذهبي رواداري جي، جهڙي ريت سنڌَ ڌرتي تصوف جي رنڱ ۾ رهيل رهي آهي اهڙي ريت سنڌ سان گڏ هنڌ ڌرتي تي بہ تصوف پنهنجا چٽا ۽ گهرا اثر ڇڏيا. اهڙي طرح جڏهن هندن جا جيڪي پرڻا ۽ مرڻا آهن اُهي بہ (مسلمانن سان) گڏ رهيا آهن، هنن جو هوليون ۽ عيدون بہ گڏ رهيون آهن هنن جون ڏياريون ۽ هنن جون ٿڌڙيون بہ هڪ ٻي سان گڏ رهيون آهن

ڪالھ تائين هندو مسلم جو تہ فرق نہ هيو پر مسلمانن جي درميان سني شيئي جو بہ فرق نہ هيو ۽ انهي جي ئي ڪري سنڌ جي ماڻهن شاه عبدالطيف ڀٽائي جي تصوف واري تحريڪ کي قبول ڪيو ۽ اها تصوف واري تحريڪ جنهن جو روح روان پنهنجي دور ۾ شاه عبدالطيف ڀٽائي رهيو، ۽ ان تصوف واري تحريڪ جو روح روان پنهنجي دور ۾ صوفي شاه عنايت رهيو، پنهنجي دور ۾ ان تصوف واري تحريڪ جو اڳواڻ مخدوم بلاول رهيو، تصوف جي ان تحريڪ جو اڳواڻ پنهنجي دور ۾ سچل سرمست رهيو، روحل رهيو، بيدل بيڪس رهيو ۽ اڄ جي سنڌي شاعرن پڻ روشني جا ترورا شاه عبدالطيف جي فڪر مان کنيا آهن

اڄ جي شاعرن ۾ بہ اهو ئي تصوف جو رنگ آهي، اُهائي مذهبي رواداري آهي

لحاظا اڄ جي هن دور ۾ جتي سني شيئو هڪ ٻي کي ڪافر چوندڙ آهن، هڪ ئي مذهب جو هوندي هڪ ٻي جو رت وهائيندڙ آهن اهڙي صورتحال ۾ سنڌ ۾ محبتن جي بحالي جي لاءِ شاه عبدالطيف ڀٽائي جي تصوف وارو واحد پيغام ئي ڪارڳر آهي، جيڪو سڀنن کي ان انتهاپسندي واري ماحول مان ڪڍي سگهي ٿو، اڄ جتي پوري دنيا جي اندر دهشتگردي وارو ديو آدم بو آدم بو ڪندو انسانيت جو خون وهائيندو رهي ٿو ۽ ان انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي ديو کي جيڪڏهن شڪست ڏئي سگهجي ٿي تہ اهو لطيف جو فڪر ئي آهي جيڪو کيس نست ۽ نابود ڪري سگهي ٿو، پوري دنيا جي لاءِ 

سائيم سدائين ڪري مٿي سنڌ سڪار
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪري

جهڙو نيڪ خواهش پاليندڙ اسان جو ڀٽائي پوري عالم جي لاءِ نجات جو سبب بڻجي سگهي ٿو، ان لاءِ اڄ جي نوجوان تي اها ذميداري عائد ٿئي ٿي تہ هو باقي مذهبن جو احترام ڪري، ان ڪري جو سمورن مذهبن ۾ حق ۽ سچ جي روشني موجود آهي پر ملن ۽ پڊنتن ان مذهبن جي روح کي زخمي ڪيو آهي ۽ ان جو هو انت چاهن ٿا، پر اسان ڀٽائي جا پوئلڳ چاهيو ٿا تہ هن ڌرتي تي مذهبي رواداري جا رنگ هجن، هوليون بہ هتي هندو ۽ مسلم گڏجي ملهائن، ۽ ساڳي طرح عيدون بہ هندون مسلم گڏجي ملهائن ۽ محبتن جو دور دورو رهي ڇو تہ سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهو پوري دنيا جي لاءِ بقا باهمي، اتحاد انساني، ترقي بني آدم واري فزا کي برقرار ڪري سگهي ٿو، سنڌ واري تصوف جي روح ۾ ايتري طاقت آهي جو هو پوري دنيا مان دهشتگردي کي تڙي ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪري، ان لاءِ اچو تہ ڀٽائي جي فڪر کي پروڙيندي هن عالم انسانيت جي ڀلي خاطر ڀٽائي جي مذهبي رواداري واري روايت کي اپنائيندي هڪ ٻي کي ڳلي لاهيون ۽ محبتون ونڊيون.

ڀٽائي صاحب جي شاعري جو جڏهن اڀياس ڪجي ٿو تہ هوند ان منجھ انساني واقعن، حالاتن، ضرورتن توڙي ڪيفيتن جو چٽو عڪس ذهن ۾ اڀري نروار ٿي ڪري اچي ٿو، ڀٽائي صاحب جي شاعري جو اهم پهلو اهو پڻ آهي تہ اوهين سندس شاعري کي جهڙي ترز عمل ۾ پڙهندا ۽ سوچيندا، اوهان کي سندس شاعري ۾ اهو ئي پيغام ۽ تاثر چٽو ملندو 

اِها خوبي دنيا جي تمام گهٽ شاعرن جي شاعري ۾ هوندي آهي، ڀٽائي صاحب هن اڄوڪي معاشري توڙي عالم انسانيت کي ڏسڻ، جاچڻ توڙي سمجهڻ خاطر ائين فرمائي ٿو تہ

”سرمـــــــــو سفيــــــــدي جو، جــــــــڏهن پاتو جن،
تڏهـــــــــن ڏٺــــــــــي تن، اڇائـــــــي عــــالم جي،“

مطلب تہ جيستائين انسان پنهنجي اکڙين ۾ سفيدي يعني مثبت سوچ واري نظر نہ ٿو پالي تيستائين اُن کي هن عالم جي اندر سُٺَن توڙي سُهڻَن شين جي سُڌ نہ پوندي، ڇو تہ منفي سوچ توڙي نظر هميشه منفي لاڙن کي ئي جنم ڏيندي آهي

ڀٽائي گهوٽ جتي دنيا کي پرکڻ جو ڏس اسان کي ڏي ٿو اتي وري سُسُتَ، ٽُوٽِي توڙي ڪاهل ماڻهن کي تبيھ پڻ ڪري ٿو، ڇو تہ ڀٽائي صاحب محنت جي عظمت کان بخوبي واقف هو، تڏهن ئي تہ فرمايائون

”اي ڪــــــــــم ڪميڻين، جي سمهن پير ڊگها ڪري،
لوچين ڇو نہ لطيــــــــف چئي، هاري لئہ هـــــوتن،
ننــــــڊا نڀـــــــــاڳـــــــــــن کـــــي، اوڀـالا اچـــــــن،
سي پنهون ڪوھ پڇن، جي سنجهي رهن سمهي.“

ڀٽائي صاحب مٿين بيت ۾ سُسُتَ، ڪاهل، ۽ ٽوٽي فردن کي اها تبيھ ڪندي نظر اچي ٿو تہ اوهين لوچيو ڇو نہ ٿا، محنت جي عظمت واري مهاوري تي هلو ڇو نہ ٿا، اوهان پنهنجي پنهون (مطلب تہ منزل) کي ڪڏهن بہ پهچي ڪونہ سگهندئو، جيستائين محنت نہ ٿا ڪريو

ڀٽائي صاحب جي هر هڪ سٽ اسان لاءِ رهبري جو سبب بڻجي ٿي، اهو انساني فطرت پڻ آهي تہ جتي ان کي فرحت محسوس ٿيڻ لڳندو، انسان ان طرف پنهنجو ڌيان وڌيڪ ڏيندو، ڀٽائي صاحب انساني فطرت جي ان پهلو تي اسان سان هن ريت مخاطب ٿي ٿو

”ويٺــــــــــي جــــــني وٽ، ڏکــــــــندو ڏور ٿــــئي،
تون! تنيـــــــــــن ســــــيـن ڪـــــٽ، اوڏا اڏي پکڙا.“

وري ٻي هنڌ ڀٽائي صاحب، انهي سنگت جي ڪچهري کان پري رهڻ جو تلقين پڻ ڪري ٿو جتي انسان جا ڏک درد گهٽجڻ بجاءِ وڌيو وڃن يا وڌڻ لڳن

”ويٺي جــــني وٽ، ڏکـــــــندو ڏاڍو ٿــــــئي،
سا مجلس ئي مٽ، جي حاصل هو هزار جي.“

واه ڀٽائي گهوٽ، هڪ جڳھ تي اها تاڪيد تہ جنهن ڪچهري ۾ من هلڪو ٿي، سڪون ملي، اتي ڀلي ويهو، سڪون وٺو، وري جتي دل جا درد دکن، سور جاڳن، روح رنجھ ٿي، اتان لاءِ چئي ٿو سا مجلس ئي مٽ، مطلب تہ ڀٽائي صاحب انسان جي فطرت کي سمجهندي سندس خوش رهڻ توڙي غم زده رهڻ واري ڪيفيتن کي پڻ پنهنجي شاعري وسيلي نروار ڪري ٿو

اهڙي ريت ڀٽائي جي هر هڪ بيت ۾ ڏاهپ جو انيڪ راهون هموار ٿيل آهن، ضرورت ان ڳالھ جي آهي تہ اسان ڀٽائي جي فلسفانہ شاعري کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ۽ انهي منجھ لڪل رازن کي ڳولي لهو جن رازن ۾ اسان لاءِ انيڪ ڀلايون سمايل آهن.


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو