ڪائونٽر ڪهاڻيون

ڪائونٽر ڪهاڻيون

• اِفلاسُ

هُن سان زندگي ڏاڍي وڏي دولاب ڪري وئي. سندس اکيون کليون ته اُنهي جي عيوض سندس ماءُ کي اکيون پورڻيون پيون هيون ۽ ھُو عمر ڀر ماءُ جي ممتا کان محروم رهي. جوڀن تي پهچڻ کان پوءِ هڪ نه پر هزارين ڀيرا سندس جسم کي رانديڪو سمجهي ڪري، سستي ريٽ تي انهي سان دل پشوري ڪئي وئي هئي. اڄ سندس جنم ڏينهن هو ۽ ھُو پنهنجي زندگي جي انهي وڏي ڏينهن تي موت جو بي صبري سان انتظار ڪري رهي هئي!

• پُڇڙ تارو

رات جي ڊگهي ٿيڻ سان سندس دل جي تات وڌي رهي هئي. کيس بس اِهو ئي خوف ستائي رهيو هو ته ڪٿي چارڻ جي اچڻ کان پهريان سندس گهر ڀاتين مان سندس ڀاءُ يا پيءُ نه جاڳي پون. انهن جي ننڊ ۾ ئي هن جو ملڻ ۽ گلن وانگر ٽڙڻ ٿيندو هو. هُو پڇڙ تاري کي گهوريندي اچانڪ پاڻ ابدي ننڊ ۾ هلي وڃي ٿي ۽ چارڻ جو رستي ۾ قتل ٿي وڃي ٿو! 

• آب اَحمَر

اڄ جام سان گڏ سندس دل جو غبار به ڇلڪي رهيو هو. کيس چٽو ياد آهي ته جڏهن ھُن پهريون دفعو کيس مرڪي نهاريو هو ته اُنهي مهل سندس نيڻ ادب وچان جهڪي ويا هيا ۽ سالن پچاڻان اڄ جڏهن کيس آب اَحمَر نصيب ٿيو آهي ته سندس عاشقي جو باب نئي سَر کُلي پيو آهي ۽ آئون نه ٿو ڄاڻان ته ڪو کيس صبح جي روشني نصيب ٿيندي. سندس زندگي جو ڏيئو اُجهامڻ جا اطلاع ڏئي رهيو آهي!

ننڍڙي وضاحت: __________________

لفظ ڪائونٽر (Counter Word) مطلب معنيٰ وڃايل لفظ آهي. مون انهي لفظ کي ڪهاڻي جي صنف ۾ آندو آهي. ڪائونٽر ڪهاڻي (Counter Story) جنهن جي معنيٰ ٿيندي وڃايل قصو!

پسند اچي ته ٺيڪ نه ته تنقيد جو دروازو توهان لاءِ کليل آهي. کولي ڪري نقطه چيني ڪريو. 

آئون آڌر ڀاءُ ڪندس!

توهان جو خادم
يوسف جميل لغاري _______________________________


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو