هڪ دلچسپ ڪهاڻي: ٻارهن مهينن جا نالا ڪئين پيا


ليکڪ: راڻا محمد شاهد
سنڌيڪار: يوسف جميل لغاري

جنوري: عيسوي سال جي پهرين مهيني جو نالو، روم جي هڪ ديوتا (Janus) جي نالي تان اخذ ڪيو ويو آهي. جانس ديوتا بابت اهو چيو ويندو آهي ته هن جي عبادت صرف جنگ جي دوران ڪئي ويندي هئي. امن ۾ نه. هن ديوتا کي ٻه مٿا هيا جن سا هُو هڪ ئي وقت سامهون ۽ پوئتي نهار ڪرڻ جي سگھ رکندو هو. هن مهيني جو نالو جانس ان لاءِ رکيو ويو ته جئين ديوتا هڪ ئي مهل اڳتي توڙي پوئتي نهاري سگهي ٿو تئين ئي انسان به هن مهيني ۾ پنهنجي ماضي توڙي مستقبل بابت سوچ ويچار ڪري سگهي. چيو وڃي ٿو ته لفظ جنوري لاطيني ٻولي جي لفظ جنوا (Janua) مان ورتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي دروازا - ائين هن مهيني جي نالي جي مناسب سان معنيٰ ٿي ” سال جو دروازو“ هي مهينو ايڪٽيھ ڏينهن تي مشتمل هوندو آهي.

فيبروري: هڪ زماني ۾ فيبروري سال جو آخري ۽ ڊسمبر سال جو ٻيو مهينو سمجهيو ويندو هو. حضرت عيسيٰ جي دور ۾ فيبروري کي سال جو ٻيو مهينو قرار ڏنو ويو. هي مهينو انهي لاءِ به پنهنجي الڳ حيثيت رکي ٿو جو هي مهينو سڀني کان گهٽ ڏينهن يعنيٰ اٺاويھ ڏينهن تي مشتمل آهي. لفظ فيبروري نه لاطيني ٻولي جي زبان فيبرام (Februm) مان اخذ ڪيو ويو آهي جنهن جي معنيٰ آهي ” پاڪيزگي جو ذريعو“.

مارچ: هن مهيني جو نالو رومي ديوتا مارس (Mars) جي نالي تان رکيو ويو آهي. مارس کي سنڌي ۾ مريخ پڻ چوندا آهن. هن ديوتا بابت چيو وڃي ٿو ته هي ڏاڍو خطرناڪ هوندو هو. اهل روم ۾ هن ديوتا کي سڀني کان وڌيڪ طاقتور ديوتا سمجهيو ويندو هو. انهن جي عقيدي مطابق، کنوڻ، بارش ۽ ڪڪرن جو چمڪڻ هن ديوتا جي وس ۾ هوندو هو. لفظ مارچ به لاطيني ٻولي جي لفظ مارٽيس (Martius) تان ورتو ويو آهي. هن ئي نالي جي مناسبت سان مريخ جو نالو مارس رکيو ويو آهي. مارچ مهيني ۾ موسم بهار جي شروعات ٿيندي آهي.

اپريل: هي مهينو 30 ڏينهن تي مشتمل هوندو آهي. لفظ اپريل لاطيني ٻولي جي لفظ اپريلس (Aprilis) مان ورتو ويو آهي جنهن جي معنيٰ آهي کولڻ وارو، آغاز ڪرڻ وارو. هن مهيني ۾ وڻن ۽ ٻوٽن جي واڌ ويجھ جو سلسلو شروع ٿيندو آهي. هن مهيني کي ڪنهن ديوتا جي نه بلڪ بهار جي فرشتي سان منسوب ڪيو ويندو آهي.

مئي: هي سال جو پنجون مهينو آهي ۽ هن ۾ ڪُل 31 ڏينهن هوندا آهن. لفظ مئي انگريزي ٻولي ۾ فرانسيسي لفظ مائي (Mai) مان اخذ ڪيو ويو آهي. هي لاطيني ٻولي جي لفظ مائيس (Maius) مان ورتو ويو آهي. هن نالي بابت اهو پڻ چيو ويندو آهي ته هي نالو رومي ديوي ميا (Maia) جي نالي تان ورتو ويو آهي. رومين جي عقيدي مطابق هن وسيع ڌرتي کي ديوتا پنهنجي ڪلهن تي کڻي رکيو آهي. جنهن کي ست نياڻيون هيون ۽ سندس سڀني کان مشهور نياڻي مياديوي سڀني کان گهڻو مشهور هئي.

جون: سال جو ڇهون مهينو، هن ۾ ڪُل ايڪٽيھ ڏينهن هجن ٿا. لفظ جون به انگريزي زبان ۾ فرانسيسي زبان جي هڪ لفظ جونئيس (Junius) تان اخذ ڪيو ويو آهي. هن مهيني جو نالو به هڪ ديوي جونو (Juno) جي نالي تان رکيو ويو آهي. گهڻن ماڻهن جو اِهو خيال به آهي ته هي نالو روم جي مشهور شخصيت جوني ليس جي نالي تان به رکيو ويو آهي. جونو ديوتائن جي سردار جيوپيٽر جي ڌيءَ هئي. جڏهن ته جوني ليس هڪ بي رحم ۽ ظالم انسان هو.

جولائي: هي مهينو به جون وانگر گرم مهينو هوندو آهي. هن مهيني جو نالو ديوي ديوتا جي نالي مان نه بلڪ روم جي هڪ مشهور حڪمران جوليئس سيزر جي نالي مان ورتو ويو آهي. هڪ زماني ۾ هي سال جو پنجون مهينو هوندو هو. جوليئس سيزر قديم روم جو مشهور شهنشاھ هو. مشهور شاعر ۽ ڊراما نگار وليم شڪيسپئير جوليئس سيزر تي هڪڙو ڊرامو به لکيو هو.

آگسٽ: سال جو اٺون مهينو. هن ۾ ڪُل 31 ڏينهن هجن ٿا. پهريان هي مهينو ڳڻپ جي حساب سان سال جو ڇهون مهينو هو جڏهن عيسوي سال جي شروعات مارچ کان ٿيندي هئي. چيو وڃي ٿو ته تڏهن سال ۾ ڪُل ڏھ مهينا هوندا هئا. مارچ کان ڊسمبر تائين. اِهو ان لاءِ ته قمري سال ۽ شمسي سال ۾ فرق هوندو هو. قمري سال ۾ ٻارھ مهينا هوندا هئا ۽ شمسي سال جا ڏھ مهينا هوندا هئا. انهي ڪمي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ٻن مهينن جو اضافو ڪيو ويو. شمسي سال ۾ اضافي کان پوءِ آگسٽ مهيني جو نالو هڪ قديمي رومي شهنشاھ آگسٽس (Augustus) جي نالي مان ورتو ويو ( هن مهيني ۾ شروعات ۾ 29 ڏينهن هوندا هئا اڳتي هلي ڪري جوليئس سيزر هن مهيني ۾ ٻن ڏينهن جو اضافو ڪري 31 ڏينهن جو کيس ڪيو). رومي شهنشاھ آگسٽس جو اصل نالو ٻيو هو. جڏهن هن ماڻهن جي فلاح ۽ ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ کيس مڃتا ملڻ لڳي ته روم جي ماڻهن کي آگسٽس جي نالي سان پڪارڻ شروع ڪيو. هن نالي جو مطلب آهي دانا ۽ ڏاهو.

سيپٽمبر: هن مهيني جو نالو لاطيني ٻولي جي لفظ  سيپٽ (Sept) مان ورتو ويو آهي. جنهن جي معنيٰ آهي ستون. ان لاءِ هن مهيني کي شروعات ۾ ستون مهينو چيو ويندو هو. پر اڳتي سال جي مهينن کي نئي سر ترتيب ڏيڻ کان پوءِ هن مهيني کي نائين نمبر تي رکيو ويو آهي.

آڪٽوبر: لاطيني ٻولي ۾ اٺ جي عدد کي آوڪٽو (Octo) چيو ويندو آهي. ان لاءَ هن مهيني کي اٺون مهينو شمار ڪيو ويندو هو. آڪٽوبر جي معنيٰ آهي اٺون مهينو. سال جي مهينن کي نئي سر ترتيب ڏيڻ کان پوءِ هن مهيني کي ڏهين نمبر تي رکيو ويو آهي.

نومبر: هن مهيني ۾ 30 ڏينهن هجن ٿا. لاطيني ۾ نون جي عدد کي نووم (Novum) چيو ويندو آهي. هن ئي نالي تان هن مهيني جو نالو نڪتو آهي. نومبر جي معنيٰ آهي نائون مهينو. سيپٽمبر کي ستون مهينو، آڪٽوبر کي اٺون مهينو ۽ نومبر کي نائون مهينو تڏهن چيو ويندو هو جڏهن جنوري ۽ فيبروري سال جي مهينن ۾ شمار ڪونه ٿيندا هئا ۽ سال مارچ کان شروع ٿي ڪري ڊسمبر تي ختم ٿيندو هو. اڳتي هلي ڪري هنن مهينن جا نالا ته ساڳيا رهيا البته سندن نمبر اڳتي ٿي ويا.

ڊسمبر: هلندڙ صدي ۾ سال جو آخري مهينو. جنهن کي سنڌ اندر وڇوڙن جو سال تصور ڪيو ويندو آهي. هي نالو لاطيني ٻولي جو لفظ دسم (Decem) مان اخذ ڪيو ويو آهي جنهن جي معنيٰ آهي ڏهون. شروع ۾ هي سال جو ڏهون مهينو هوندو هو ۽ هن نئي صدي ۾ هاڻ سال جو آخري ۽ ٻارهون مهينو آهي.

( نوٽ: هي تحرير اردو ڊائيجيسٽ جي جنوري 2012 جي شماري تان کڻي ڪري ترجمو ڪيو ويو آهي).




Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو