ڪهاڻيون، جيڪي اُڃايل اکين جو سنهيو آهن


مون ڪٿي لکيو هو ته ڪهاڻي جو واسطو انسان جي فطرت سان سنئون سڌو آهي. ڇو ته هر ماڻهو سان لاڳاپيل انيڪ ڪهاڻيون هونديون آهن. ڪجھ ڪهاڻيون ليکڪن جي مشاهدي ۾ اينديون آهن ته پوءِ اُهي لفظن جو ويس ڌاري وٺنديون آهن ۽ اُنهن ڪهاڻين ۾ هڪ دفعو ٻيهر ساھ پوڻ شروع ٿيندو آهي.

اُتي ئي وري ڪي ڪهاڻيون اکين کان اوجهل ٿي وينديون آهن ۽ صدين تائين تاريخ جي ورقن ۾ گم ٿي وينديون آهن. انهن ڪهاڻين کي نه لفظن جو ويس نصيب ٿيندو آهي ۽ نه ئي کين ڳوڙهن جو ڪفن نصيب ٿيندو آهي.

اِهڙين گم ٿيل ڪهاڻين جي سڳند هن ڌرتي تي ڪهاڻيڪارن کي جنم ڏيندي آهي ۽ ڪهاڻيڪار پنهنجي عقل، سمجھ ۽ فهم جي آڌار تي صديون اڳ گم ٿيل ڪهاڻين کي ڦلوري واپس ساڳي جائي تي آڻي ڪري کين لفظن جو صاف شفاف ويس پارائي پڙهندڙن جي آڏو پيش ڪندا آهن.

اِهڙي ئي ساڳي ديس جو مسافر اسان جو هڪڙو رولاڪ ڪهاڻيڪار منور سراج پڻ آهي. جنهن جي ڪهاڻين جو مجموعو خوابن جي سرحد ڪجھ ڏينهن پهريان منهنجي مطالعي ۾ آيو. هن کان پهريان مون سندس ٻه ناول اڳم پڙهيا آهن. جن ۾ هڪڙي جو نالو کاٻي اک جو خواب ۽ ٻي جو نالو پيراڊائيز پوائنٽ تي شام آهي. 

سندس ڪهاڻيون ته دل جا تاڪ کوليندڙ آهن ئي آهن پر انهي سان گڏوگڏ سندس ناول به من کي موهيندڙ ناول آهن. منور سراج کي تمام ٿوري عرصي ۾ پڙهندڙن طرفان جيڪا مثبت موٽ، دلي داد ۽ پيار نصيب ٿيو آهي سو آئون نه ٿو ڄاڻان ته ڪنهن ليکڪ کي ايترو مان ۽ مرتبو ٿوري عرصي ۾ مليو هجي. يقينن هي سندس تخليل جو اعليٰ معراج ئي آهي. 

جيڪو پڙهندڙن جي من ۾ محبت جو گهر اڏي ويهي رهي ٿو. سنڌ اندر لکندڙن سان اِهو الميو ازل کان رهيو آهي ته لکندڙن کي گهربل موٽ ۽ داد رسائي ٿيندي ڪونه آهي يا ته وري جي ٿيندي به آهي ته انهي کان پوءِ طنز ڀريا تير ۽ تنقيد جا اڻ توريا لفظ موٽ ۾ ملندا آهن. 

منور سراج جي ڪهاڻين جي مجموعي”خوابن جي سرحد“ ۾ اِهڙيون ڪهاڻيون موجود آهن جيڪي پڙهندڙن کي فڪر ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿيون. ڪهاڻي جو اسلوب، جملن ۾ رواني ۽ پس منظر جو جيڪو تسلسل ڪهاڻيڪار هر هڪ ڪهاڻي ۾ رکيو آهي سو ڪهاڻي جي سڀني گهرجن کي پورو ڪري ٿي. 

ڪهاڻي ۾ اهو بنھ لازم آهي ته پڙهندڙ کي هر قسم جي لقاءُ، منظر توڙي مظهر کان آگاھ ڪندو هلجي ته جئين اهو ڪهاڻي مان پوري نموني لطف اندوز به ٿئي ۽ اُنهي مان سبق به حاصل ڪري.

” زندگي جي شاهراھ تي هلڻ لاءِ تڪڙ ڪرڻ ضروري آهي نه ته ماڻهو لتاڙجي ويندو آهي ۽ ڪڏهن به اٿي نه سگهندو. مان زندگي جي رستي تي خبرداري سان هلي نه سگهيس ۽ ٽائرن هيٺيان اچي چچرجي ويس. ڄنگهون ڪٿي، ٻانهون ڪٿي، هٿ ڪٿي، پير ڪٿي، چپ ڪٿي، ڪن ڪٿي ۽ اکيون ڪٿي ته آڱريون ڪٿي.“

هن وقت دنيا ترقي ڪري جنهن بلندي تي پهچي چڪي آهي تنهن بلندي کي ڇُهڻ لاءِ مزاج ۾ ٿوري تکائي به گهربل آهي. جيڪڏهن ماڻهو وقت، حالات ۽ واقعات جي مناسبت سان پاڻ کي هلڻ قابل نه بڻائيندو ته يقينن پوئتي رهجي ويندو. 

انهي ڳالھ کي سمجهاڻي طور جهڙي ريت هن ڪهاڻي ۾ سموئي ڪري پيش ڪيو ويو آهي سو بنھ داد ڏيڻ جهڙو عمل آهي. 

ماڻهو ڪهاڻي ۾ پاڻ کي تحليل ڪري ڇڏيندا آهن. ڪهاڻي ۾ مڪمل طرح سان رلي ملي ويندا آهن جنهن سبب ڪهاڻي پنهنجو اثر دير پا تائين پڙهندڙ جي ذهن تي رکندو آهي. ڇو ته هتي ڪائنات ۾ هر هڪ ذري جي پنهنجي هڪ ڪهاڻي آهي. 

جڏهن ڪهاڻي جو هڪڙو رخ يا پاسو ڪهاڻي جي ٻي ڪنهن پهلو سان جڙندو آهي ته پوءِ انهي مهل ان ڪهاڻي جو اصل مفهوم سامهون ايندو آهي.

” هُو پنهنجي سهيلي کان ته ڌار ٿي ئي وئي پر پنهنجي گهر ڏي ويندڙ ڪچي ڪالوني جو پڪو رستو به وڃائي ويٺي. گهر جي ڳولا ۾…يا شايد سهيلي جي ڳولا ۾…شهر جي رستن، بازارن ۽ چونڪن، چوراهن تي ڀٽڪندي رهي. لياقت مارڪيٽ کان موهڻي بازار، موهڻي بازار کان مسجد روڊ، مسجد روڊ کان عظيم ڪالوني، عظيم ڪالوني کان مهراڻ ڪالوني ۽ مهراڻ ڪالوني کان واپس لياقت مارڪيٽ جي پيھ ۾! 
اندر ۾ ڊپ…اکين ۾ ڊپ…سهيلي کان ڌار ٿيڻ جو ڏُک…گهر نه لڀڻ جو ڏُک…ماءُ جي ڪاوڙ جو ڊپ…ڀاءُ جي ناراضگي جو ڊپ…ڄاتل ستاڃل ڳليون اوپريون…ڏٺل وائٺل شهر اجنبي بڻجي ويل…اجنبي ئي نه پر دشمن ٿي بيٺل…!

جڏهن ماڻهو خيالن جي سحر ۾ وڃائي ويندو آهي ته عين انهي وقت پنهنجي آس پاس هر شئي اوپري نظر ايندي آهي. ماڻهو پاڻ کي ڳولهي نه سگهندو آهي. 

هڪ اهڙي تلاش پيدا ٿي پوندي آهي جنهن ۾ پاڻ کي ڳولهڻ ئي مشڪل ٿي پوندو آهي. سوچون سمنڊ جي ڪنهن اونهي ڪُن وانگر ٿي وينديون آهن. 

ڪنارو ايترو ته پري ٿي ويندو آهي جو دوربين جا شيشا به ڪناري کي دريافت ڪرڻ کان لاچاري ڏيکارينديون آهن. اهڙي ئي اوپرائپ ۽ ڳولها وراي جستجو جڏهن ڪهاڻيڪار جي مزاج ۾ جڏهن جنم وٺندي آهي ته تڏهن شاهڪار ڪهاڻيون جنم وٺنديون آهن. 

انهن ڪهاڻين کي زندگي نصيب ٿيندي آهي. ڪهاڻي جي وارثي ٿيندي آهي. انهي کي مان ملڻ لڳندو آهي. ماڻهو پنهنجي اڌوري خوابن کي ڪهاڻين جي روپ ۾ لکڻ شروع ڪندو آهي. 

منور سراج جون ڪهاڻيون صدين کان اُڃايل اکڙين جو سنهيو آهن. سندس ڪهاڻيون جتي بهار جو ڏس ڏين ٿيون ته وري اتي ساڳي جاءِ تي خزان جي موسم جي اڳڪٿي پڻ ڪن ٿيون. سندس ڪهاڻين جي هن مجموعي جو ٻيو ڇاپو تازو ئي ڪاڇو پبليڪيش شايع ڪيو آهي.


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو