اُستاد، هن معاشري جو اهم ۽ ذميوار ڪردار آهي




سنڌ ۾ هن وقت انيڪ مسئلا آهن. انهن ۾ جيڪي معاملا سرفهرست آهن انهن ۾ صحت، تعليم ۽ زراعت ڌيان طلب آهن. هنن ٽنهي شعبن ۾ جدت سان گڏ نواڻ به گهربل آهي. ڇو ته هنن شعبن سان عام ماڻهو جو روز مره جي حساب سان واسطو پئي ٿو. صحت جي سهولتن جي اڻاٺ سبب وبائي بيماريون پيدا ٿيڻ شروع ٿين ٿيون. 

زراعت جي شعبي ۾ اڳڀرائي نه هجڻ سبب هارين کي پنهنجي اُپت جو حصو پتي مڪمل طور تي نه ٿو ملي ۽ ان سان گڏوگڏ وري تعليم جي شعبي ۾ غيرسنجيدگي ۽ روايت پسندي سبب نئي ٽهي ۾ مقابلي جو جهان پيدا نه ٿو ٿئي ۽ نه ئي قابل توڙي باصلاحيت ماڻهو اڳتي اچن ٿا. 

جنهن جو سمورو نقصان اجتماعي طور پوري قوم جي حصي ۾ اچي ٿو. سُڌريل ملڪن ۾ هنن ٽنهي بنيادي شعبن جي سڌاري لاءِ حڪومتي سطع تي اعلي قدم کنيا وڃن ٿا ۽ هڪ سنڌ آهي جتي حڪمران طبقو صرف پنهنجي پيٽ پورائي خاطر ادارن کي تباھ ڪندا رهن ٿا.

تعليمي نظام تي نقطا چيني ڪرڻ انتهائي سولو ڪم آهي. تعليم کاتي جي تباھ ڪارين تي تبصرو به سولي نموني ڪري سگهجي ٿو. پر پاڻ وٽ الميو اِهو آهي ته پاڻ ڪنهن به شعبي توڙي کاتي جي اندورني معاملن کان اڻ واقف هوندي اُنهي شعبي تي تنقيد جا تير وسائڻ جا ماهر آهيون. 

اِهڙي نموني هن وقت پوري سنڌ اندر تعليم کاتي جي ڪجھ ٻاهرين معاملن ۽ سوشل ميڊيا تي عام ٿيندڙ تصويرن جي بنياد تي اُستادن جي شخصيت تي انتهائي غير مهذب نموني سان ڳالهيون لکيون وڃن پيون. ڪوبه فرد اِهو نه ٿو سوچي ته آيا اُستاد جون بنيادي ضرورتون ڪهڙيون آهن. 

اُستادن سان ڪهڙا مسئلا درپيش آهن. اُستاد، اسڪول ۽ معاشري جو پاڻ ۾ ڪهڙو ڳانڍاپو آهي. اُستاد، اسڪول ۽ معاشري جي سهڪار سان ڪهڙي نموني پنهنجا فرض سُٺي نموني سان سر انجام ڏئي سگهي ٿو. تعليم جو سڄو نظام هنن ٽنهي پهلوئن جي سهڪار سان ئي پايا تڪميل تائين پهچي ٿو. 

انهي لاءِ پاڻ هتي هنن ٽنهي بنيادي پهلوئن کي جانچڻ جي ڪوشش ڪنداسين ۽ اهو معلوم ڪنداسين ته آيا اُستاد، اسڪول ۽ معاشرو ڪهڙي نموني هڪ سُٺو تعليمي نظام جوڙي سگهن ٿا. اُستاد هن خودڪار نظام جو پهريون ۽ بنيادي پهلو آهي. اُستاد جي نه هجڻ سان نه ئي تعليم جو سلسلو پورو ٿي سگهي ٿو ۽ نه ئي تدريسي مرحلو مڪمل ٿي سگهي ٿو. 

اُستاد لاءِ اِهو بنھ ضروري آهي ته هُو پنهنجي لاڳاپيل عنوان تي مڪمل نموني عبور رکندڙ هجي ته جئين اُن جا شاگرد انهي مان مڪمل طرح سان مسفيد ٿي سگهن ۽ سندن تعليمي سفر ڪامياب نموني سان مڪمل ٿي سگهي. 

اُستاد جي شخصيت نفيس هجڻ سان گڏوگڏ شفيق به هجي. ڇو ته اڪثر شاگرد پنهنجي والدين جي بجاءِ گهڻو ڪري پنهنجي اُستاد جي پيروي ڪندا آهن. اُستاد کي آئيڊيل تصور ڪندي انهي جي ٻڌايل واٽ تي پيراعمل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اِن لاءِ اُستاد پنهنجي پيشي سان جيترو سچو، مخلص ۽ سنجيده هوندو اُنهي جي شاگردن جي ڪامياب ٿيڻ جا امڪان به انهي آڌار تي وڌيڪ ثابت ٿيندا. 

اُستاد کان پوءِ ٻيو اهم پهلو آهي اسڪول. جتي تدريسي عمل جُڙي ٿو ۽ شاگرد پڙهن ٿا. اسڪول جيتري قدر صاف سُٿرو، جديد کان جديد تر ۽ نظم و ضبط جي حوالي سان اصول تي قائم ٿيل هوندو. اُتي اُستاد سان گڏوگڏ شاگردن کي به تعليم حاصل ڪرڻ ۾ فرحت محسوس ٿيندي ۽ کين ڪنهن به قسم جي بوريت نه ٿيندي. 

شاگردن جو من تعليم طرف وڌڻ لڳندو ۽ ھُو تعليم حاصل ڪرڻ کي ٻين سڀني معاملن کان اهم سمجهندا. انهي لاءِ ضرورت انهي ڳالھ جي آهي ته اسان جي سنڌ اندر موجود سڀني اسڪولن، خواھ پرائمري کان سيڪنڊري تائين، اسڪول بنيادي سهولتن سان سرشار هجن. 

انهن اسڪولن ۾ راند روند لاءِ ميدان، پڙهڻ لاءِ لائبريري ۽ تجربا ڪرڻ لاء،ِ سائنس ليبارٽريون ميسر هجن ته جئين شاگرد پنهنجي مليل وقت ۾ پنهنجي صلاحيتن جو درست استعمال ڪندي انهن مان فائدو حاصل ڪري سگهن ۽ پنهنجي پڙهائي واري مرحلي کي ڪاميابي سان پايا تڪميل تائين پهچائي سگهن. 

هن وقت مجموعي طور سنڌ اندر سڀئي اسڪول راندين جي ميدان کان وٺي، لائبريري توڙي سائنس ليبارٽين جي سهولت کان محروم آهن. جنهن سبب شاگردن جي پڙهائي ڪنهن حد تائين متاثر ٿئي پئي ۽ مطمئن ڪندڙ نتيجا پاڻ کي نه ٿا ملن جنهن سبب معاشري جي هر عام و خاص ماڻهو جو اعتماد سرڪاري اسڪولن تان ختم ٿيندو ٿو وڃي. 

هاڻ سوچڻ جهڙي اِها ڳالھ آهي ته جڏهن اُستاد هڪ طرف معاشري جو انتهائي مظلوم فرد سڏجي ٿو ۽ ٻي طرف وري بنيادي سهولتن جي اڻاٺ سبب هو ڪهڙي نموني سُٺا نتيجا ڏئي سگهندو. اسان کي اهو سمجهڻ کپي ته هڪ اُستاد تڏهن ئي بهتر نتيجا فراهم ڪري سگهي ٿو جڏهن اُن کي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ لاءِ هڪ موثر ماحول فراهم ڪيو وڃي. 

اعليٰ تعليمي ادارا پنهنجي اُستادن کي هر هڪ سهولت فراهم ڪن ٿا ۽ اُنهي کان پوءِ ئي انهن مان سُٺي ڪارڪردگي جي اميد ڪن ٿا. پاڻ وٽ تعليم جي وزير کان وٺي ڪري عام توڙي خاص ماڻهو جو پارو استادن تي گرم ٿئي ٿو ۽ اُهي تعليم جي تباهي جو مکيه سبب استاد کي سمجهن ٿا ليڪن ائين آهي ڪونه.

تعليم کاتي جي شعبي ۾ جيستائين نجي اسڪولن جي ڪاروبار کي تي بندش نہ وڌي ويندي تيستائين اسان وٽ بنيادي تعليم جو معيار ڪو نہ سڌري سگهندو، نجي اسڪولن جي ڄار، سرڪاري اسڪولن جي معيار کي تباه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي ان جو سبب اِهو آهي تہ سرڪاري اسڪول اعلي تعليمي معيارن کان وانجهايل هئا جنهن سبب سندس بجيٽ گهٽ هجڻ آهي. 

ان جي برعڪس نجي اسڪولن ۾ هر ممڪن ڪوشش ڪري ٿوري ٿڪي تعليمي معيار قائم ڪري ان کان پو۽ اُتي خرچ ڪيل رقم کي ڳرين فيسن جي عيوض شاگرد کان اُڳاڙي ڪري هڪ قسم جو تعليمي دڪان کوليو ويندو آهي، ان لا۽ بهتر اِهو آهي تہ اگر جي تعليم جي معيار کي بلند ڪرڻو آهي تہ پو۽ سڀ کان پهريان نجي اسڪولن تي بندش وڌي وڃي ۽ ان تعليمي دڪان جي دروازي کي بند ڪرڻو پوندو. 

ان کان پو۽ مستقبل جي بهتر اڏاوت ڪندڙ ۽ مستقبل جي معمار يعني ٻارن جي تربيت جو ٺيڪو تربيت يافتہ استادن جي حوالي ڪيو وڃي، سياسي ڪوٽا تي ڀرتي ٿيل توڙي پراڻي زماني جي استادن کي گولڊ هينڊ شيڪ ڏئي کين جبري طور ريٽائير ڪري انهن جي جڳھ تي نوجوان توڙي نئي دنيا جي تقاضائن کان واقف ۽ ڪمپوٽر جي دنيا جي ماهر نوجوانن کي استاد طور ڀرتي ڪري اسڪولن ۾ رکيا وڃن.

کين جديد دنيا جي سهولتن يعني ڪمپوٽر، موبائل ٽيبليٽ، ۽ پروجيڪٽر مهيا ڪيا وڃن جئين اُهي جديد دور جي اوزارن سان شاگردن کي تعليم سان روشناس ڪري سگهن، باقي هن جديد دور ۾ اڄ سليٽ واري پڙهائي ڪو بہ انقلاب برپا نہ ڪري سگهندي ڇو تہ جديد دنيا جا شاگرد اڄڪلھ ٽيبليٽ ۽ پروجيڪٽر وسيلي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن جيڪو پڻ سندس ڪاميابي جو هڪ اهم جز آهي.

ان کان علاوه هر شهر، هر تعلقي توڙي ضلعي ۾ موجود غير ضروري ۽ بند پيل اسڪولن جي سروي ڪري کين باقاعده طور ختم ڪيو وڃي ان وسئلي ان جي عيوض مفت ۾ بجيٽون هڙپ ڪرڻ کان بچي پونديون ۽ سندن ڀر وارين اسڪولن ۾ شاگردن جو تعداد بہ وڌندو ۽ تعليمي معيار وڌڻ سان گڏوگڏ تعليم بہ بهتر ٿيندي.

حڪومت کي تعليمي نصاب جوڙڻ مهل ٻهراڙين جي حالاتن کي مدنظر رکندي وڌ ۾ وڌ جديد تعليمي نصاب جوڙڻ کپندو جئين شهرن کان ڏور فرد بہ جديد دنيا جي ترقي جي حالن احوال کان واقف رهن ۽ پنهنجي پاڻ کي جديد دنيا جي تقاضائن مطابق تيار ڪن، پو۽ ڏسو تہ ڪئين نہ اسان جو هي ڏتڙيل معاشرو ٿوري عرصي ۾ ترقي ڪري ٿي ۽ اسان جي قوم دنيا جي هر جديد قوم سان هڪ ٽيبل تي ويهي ڳالھ ٻولھ ڪرڻ جي قابل بڻجي ٿي. 

اهڙي نموني قديمي ۽ فرصوده نصاب کي وقت بہ وقت خارج ڪندو رهجي ۽ جديد کان جديد تر نصاب کي پنهنجي تعليم جو حصو بڻائجي پو۽ ترقي اسان جي قوم جو نصيب بڻجي پوندي ۽ هر فرد خوشحال زندگي گذارڻ جي قابل بڻجي ويندو.

اُستاد اڪيلو ڇا ٿو ڪري سگهي. پنهنجا ٻچا پالي، پنهنجو پيٽ گذر ڪري يا پنهنجي شعبي ۾ سُٺي ڪارڪردگي ڏيکاري. اُستادن تي ڪاوڙ ڪرڻ بجاءِ انهن جي ضرورتن کي سمجهڻو پوندو تڏهن ئي وڃي ڪري اسان کي مڪمل ڪهاڻي سمجھ ۾ ايندي. هن نظام جو ٽيون پهلو آهي معاشرو. 

معاشرو جيترو سُڌريل هوندو اُتي تعليمي نظام اوترو ئي بهتر هوندو. جديد دنيا جي سُڌريل ملڪن جهڙوڪ چائنا، آمريڪا، جاپان ۽ ملائشا وغيره ۾ سُٺا معاشرتي اصول قائم ٿيل آهن جن جي بنياد تي اُتان جو معاشرو پنهنجي واڌ ويجھ ڪري ٿو. اِنهي برعڪس اسان وٽ نه ئي ڪي معاشرتي اخلاق اعليٰ آهن ۽ نه ئي ڪي سُٺا ۽ فائدو ڏيندڙ معاشرتي اصول. 

جنهن سبب صدين کان وٺي ڪري اسان جو معاشرو پنهنجي ترقي واري مرحلن کي پار ڪرڻ کان قاصر آهي. هڪ اُستاد کي اڳتي وڌڻ لاءِ ۽ پنهنجي اسڪول کي بهتر بنائڻ لاءِ معاشري جي سهڪار جي خاص ضرورت هوندي آهي. 

معاشري ۾ رهندڙ هر هڪ فرد تي اِها ذميواري عائد ٿئي ٿي ته هُو پنهنجي آس پاس توڙي ويجهي مٽ مائٽن کي انهي ڳالھ تي آماده ڪري ته تعليم سان ئي ترقي ممڪن آهي. تعليم کان بغير ترقي ممڪن ئي ڪونه آهي. اسان معاشرتي اصولن جي پائداري نه ڪندي نه صرف پاڻ کي نقصان ڏنو آهي بلڪ هر هڪ شعبي کي تباھي تائين پهچائي ڇڏيو آهي. 

پوءِ ڀلي کڻي ڇو نه اُهو شعبو تعليم جو هجي، صحت جو هجي يا وري قانون توڙي زراعت جو هجي. اسان وٽ گهڻي تڻي ٽيڪا ٽپڻي يا بحث مباحثا تعليم جي شعبي تي ڪيا ويندا آهن ڇو ته هي شعبو باقي ٻين شعبن جي خلقڻهار شعبو آهي. هي شعبو جيترو قدر جديد گهرجن تي پورو لهندو تئين ئي ٻيا شعبا هن جي بهتر هجڻ واري عنصر کان فائدو وٺندي پنهنجي ترقي جون منزلون طئي ڪندا.

اِن لاءِ پاڻ کي اُستاد، اسڪول ۽ معاشري واري ڳانڍاپي طرف ڌيان ڏيڻو آهي ۽ اهو سوچڻو آهي ته هي ربط جيڪو هنن ٽنهي پهلوئن جو پاڻ ۾ صدين کان قائم هو انهي ربط جي ٽٽڻ کان پوءِ انهي کي ڪهڙي نموني بحال ڪجي ۽ ان مان ڪئين فائدو حاصل ڪري سگهجي. جڏهن اُستاد، اسڪول وڃڻ ۽ اسڪول ۾ رهڻ کي پنهنجي اولين ترجيع ۾ شامل ڪندو ته يقينن اُنهي وقت معاشري جو هر هڪ فرد انهي اُستاد سان پاڻ کي سلهاڙڻ جي ڪوشش ڪندو. 

سندس واکاڻ ڪرڻ شروع ڪندو. سندس هر هڪ تعليمي تقريب ۽ گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪرڻ شروع ڪندو. سرڪاري اسڪولن جي وڃايل اعتماد هڪ دفعو ٻيهر بحال ٿيڻ شروع ٿيندو. جڏهن اِهي سڀئي معاملا درجا به درجا پار ٿيڻ شروع ٿيندا ته اميد اٿم ته سرڪاري اسڪول بهتر کان بهتر ۽ گهربل نتيجا فراهم ڪندا. جن نتيجن تي بنياد تي اسان جو ايندڙ نسل ترقي ڪرڻ شروع ڪندو ۽ هن سائنسي دور ۾ جديد دنيا جي تقاضائن تي پورو لهڻ شروع ڪندو ۽ علم جي روشني جو سج هن ڌرتي سان گڏ ذهنن کي به سجاڳ ڪندو.

اسان وٽ ائين آهي ته اسان بي روزگاري جو دانهون ڪريون ٿا. هر روز مهانگائي جو پٽڪو ڪيو ٿا ته پر اِهو نه ٿا ڏسو ته جديد دنيا جون تقاضائون ڪهڙيون آهن. اسان کي دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪري هلڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ ڇا نه ڪرڻ گهرجي. دنيا هر روز ترقي جا نت نوان ڏاڪا ڪئين چڙهي پئي. 

اسان وٽ دور انديشي جي نظر قطع ڪونه آهي. اسين پنهنجي پاڻ تائين ئي محدود آهيون جنهن سبب جي ڪري به اسان پُٺ تي پيل آهيون. هن وقت ملڪي توڙي سياسي حالتون ايتريون ته ڳنڀير بڻجي چڪيون آهن جو هن چٽاڀيٽي جي دور ۾ هڪ غريب جي ٻار توڙي بنا ڪنهن اثر و رسوخ واري باصلاحيات نوجوان لاءِ اڳتي وڌڻ جا امڪان بنھ گهٽ آهن.

اِهڙي المناڪ صورتحال ۾ چُپ ڪري ويهڻ به پنهنجي ناداني آهي.  اِن لاءِ هر هڪ نوجوان کي سوچڻو پوندو ته سندس مستقبل ڪهڙن ڪمن ڪارن سان سُڌري سگهي ٿو. هن وقت پوري دنيا اندر هن سکيا واري تعليم کي ٻين شعبن کان وڌيڪ اهميت ڏني پئي وڃي ته جئين تمام ٿوري عرصي ۾ تمام گهڻي ترقي ڪري سگهجي. 

سُڌريل ملڪن ۾ ماڻهو اعلي تعليمي ادارن ۾ وڃڻ جي بجاءِ بنيادي تعليم کان پوءِ سگهو ئي ڪا فني يا مهارتي تربيت ڪورس ڪري وٺندا آهن. جنهن ڪري انهن جي روزگار حاصل ڪرڻ جا موقعا اڃا وڌيڪ وسيع ٿيندا آهن. اسان وٽ هن وقت نوجوانن کي گهرجي ته اُهي ڪمپيوٽر جو تربيتي ڪورس ڪري وٺن يا وري پنهنجي علائقي جي ڪنهن ٽيڪنيڪل ڪاليج مان ٽه سال ڊپلوما ڪري وٺن ته به انهن جو مستقبل سُڌري سگهي ٿو.

آزاد ڪشمير کان وٺي ڪري پنجاب تائين مون اُتان جي نوجوانن ۾ هنن فني توڙي مهارتي ڪورسن ڏانهن لڙندي ڏٺو آهي. سندن لاڙو اعليٰ ادارن ۾ پهچڻ جي بجاءِ وقت سر ڪو تربيتي ڪورس ڪرڻ ۾ هو. اسان جي سنڌ جو نوجوان الاءِ ڇو خاموش آهي؟ 

هن مهل پوري دنيا جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان هلي رهي آهي. اِن لاءِ ٽيڪنيڪل تربيتي ڪورسن ۽ ڊگرين کي به سُٺي اوليت حاصل آهي. ڪجھ سال پهريان منهنجي هڪ دوست مون سان گڏ ٽيڪنيڪل ڪاليج مان ٽه سالا ڊپلوما ڪئي هئي. 

وقت جو اِهڙو ته وهڪرو هليو جو اسان جو اُهو دوست انهي ڊپلوما جي ڪري دبئي جهڙي شاهڪار ملڪ ۾ روزگار وٺڻ ۾ ڪامياب ويو. هن وقت هو دبئي ۾ پنهنجي روزگار سان لڳل آهي. اِهڙا کوڙ سارا مثال اسان وٽ موجود آهن. سنڌ جو نوجوان هن وقت به فني توڙي مهارتي ڊگرين ۽ ڊپلومائن کي گهٽ اهميت ڏئي ٿو. اُنهي جي ڀيٽ ۾ هُو ڊاڪٽري يا انجنئريگ ڪرڻ کي وڌيڪ اوليت ڏئي ٿو.

ليڪن انهي صورتحال نه اسان توهان جي سامهون آهي ته هن وقت پوري سنڌ اندر جهجي تعداد ۾ ڊاڪٽر ۽ انجنئير بي روزگار ويٺل آهن. اسان حقيقتن کي تسليم ڪرڻ ۽ انهن کي سمجهڻ کان گهڻي قدر قاصر آهيون جنهن سبب به اسان جي اڄ جو نوجوان ترقي جا ڏاڪا نه ٿو چڙهي ۽ سندس ذهن ۾ مونجهارن جا جبل هر روز نئي طريقي سان ڦٽي پون ٿا. 

اِن لاءِ هاڻ اسان کي ائين ڪرڻ گهرجي ته اسان پنهنجي نئي نسل کي فني توڙي مهارتي پاسي ڏانهن سندن لاڙي کي موڙيون ته جئين هو ڪنهن مخصوص شعبي جا ماهر ٿي ڪري سامهون اچن ۽ هن چٽاڀيٽي واري دور ۾ پاڻ کي مڃائي سگهن.


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو