پاڻ تان بي يقيني جو خاتمو صرف ڇهن ڪمن سان


ليکڪ: ميان جمشيد
سنڌيڪار: يوسف جميل لغاري
اڪثر ڪري اسين باصلاحيت هوندي به اڳتي ناهيون وڌي سگهندا، جنهن جو بنيادي ڪارڻ هوندو آهي
” پاڻ تي ڀروسي جو نه هجڻ“. اسان کي پنهنجي صلاحيتن تي مڪمل طرح سان اعتماد ناهي هوندو، اسان کي خبر به نه پوندي آهي ۽ اسان جي حوصلي کي ڪمزور ڪرڻ واريون سوچون اسان جي ذهن ۾ جنم وٺڻ شروع ڪن ٿيون. جيڪو ماڻهو ڪامياب ٿيڻ چاهي ٿو انهي کي پنهنجي پاڻ تي بي يقيني واري سوچ کي ختم ڪرڻو پوندو، ناڪام ٿيڻ کان وڌيڪ هي سوچ اسان جي خوابن کي ختم ڪرڻ جو سبب ثابت ٿيندي آهي. جنهن جي ڪري اسان اڃا وڌيڪ ڳڻتي ۽ ڳاراڻي ۾ اچي ڪري پنهنجي حالت کي خراب ڪري ڇڏيندا آهيون.
جيڪڏهن توهان به پنهنجي صلاحيتن جي مالڪ هوندي به انهي بي يقيني واري ڪيفيت ۾ مبتلا آهيو ته هي مضمون آهي ئي توهان لاءِ، آئون توهان کي صرف ڇھ اهڙا ڪم ٻڌائيندس جن تي عمل پيرا ٿيندي توهان کي پنهنجي صلاحيتن جي بهترين استعمال جو ڏاءُ اچي ويندو. اچو ته انهن ڇهن ڪمن جو جائزو وٺون.
گهڻو سوچڻ ڇڏي ڏيو:
سوچڻ بهترين عمل آهي پر پنهنجي منفي سوچن جو غلام ٿيڻ قطعي سُٺو عمل ڪونه آهي. پنهنجي پاڻ کي ماڻهو ڇو قيدي بڻائي ڇڏي؟ انهي صورتحال کان نڪرڻ لاءِ سڀ کان پهريان اهو ضروري آهي ته پاڻ کي اهو اعتبار ڏيو ته توهان گهڻو سوچي رهيا آهيو. پنهنجي دماغ کي حڪم ڪريو ته ” صبر ڪر، فضول ۾ ايترو ڇو ٿو سوچي، ٿورو جهڪو ٿي“، پنهنجي پاڻ کي شعوري حالت ۾ کڻي اچو ۽ پنهنجي صلاحيتن تي خيال رکڻ شروع ڪريو.
ماڻهن جو ڇا…چوڻ ڏيو:
جيڪڏهن توهان بهترين صلاحيتن جي هوندي ڪنهن ڪم کي شروع ڪرڻ کان پهريان اهو سوچيو ته فلاڻو ڇا چوندو، فلاڻو منهنجو مذاق اڏائيندو، فلاڻو هئين چوندو، فلاڻو هُو چوندو، ته پوءِ پڪ سمجهو ته توهان پنهنجي پاڻ تان پنهنجو اختيار وڃائيندا ٿا وڃو. ياد رکو ته اسان کي پنهنجي صلاحيتن جي بهترين استعمال ڪرڻ تي ڪنهن ٻي جي چوڻ تي روڪڻ نه گهرجي. جڏهن اسان هر ڪنهن جي يا فلاڻي جي ڳالھ، فلاڻي جي ڳالھ کي روڪي نه ٿا سگهون ته پوءِ انهن جي چوڻ تي پريشان ٿيڻ جو ڪو فائدو؟ هونهن به اِهو صرف اسان کي ئي محسوس ٿيندو آهي ته هر ماڻهو جي نظر اسان ۾ آهي حقيقت ۾ اِئين ناهي هوندو. جيڪڏهن ڪو اسان کي پنهنجي نظر ۾ رکي رهيو آهي ته پوءِ به اسان کي اهو گهرجي ته اسان پنهنجي صلاحيتن جو بهترين استعمال ڪريون ته جئين انهي کي خبر پوي ته واقعي اسان ڪنهن خاص صلاحيتن جا مالڪ آهيون.
صلاحيت - ڪڏهن به دوڪو ناهي ڏيندي:
پنهنجي پاڻ تي جيڪڏهن اعتماد وڃائي رهيا آهيو پر پوءِ به پنهنجي صلاحيتن تي اعتبار ڪجان، اکيون بند ڪري هنن تي اعتبار ڪجان، تون جڏهن به هنن کي آزمائيندي هي توکي مايوس نه ڪنديون، بس ايترو ڪجان ته منفي سوچن کي رڳو قابو ۾ رکجان، پنهنجي خيالن تي سخت نظر رکجان، پنهنجي پاڻ کي انهن ماڻهن جي وچ ۾ رکجان جيڪي توکي حوصلو ڏين، تنهنجي ساراھ ڪن ۽ توکي دلجاءِ ڏئي سگهن. ياد رکجان ته پهريان توکي پنهنجي پاڻ سان وڙهڻو پوندو پنهنجي پاڻ کي مڃائڻ لاءِ، هڪ دفعي ائين ڪري ڏسو.
لکندو رھ… هي هڪ خوبي آهي:
هي ڪم ته لازمي ڪرڻو آهي ته اسان جي اندر ۾ خوبيون آهن جن جي ڪري اسان جي ساراھ ڪئي وئي آهي، اهو سڀ ڪجھ لکڻو آهي ۽ پوءِ وري اهڙي جڳھ تي رکڻو آهي جتان ان کي آساني سان پڙهي سگهجي. خاص ڪري انهي وقت جنهن وقت توهان بي يقيني جا شڪار ٿيندا هجو، انهي وقت هي سڀ ڪجھ پڙهڻ سان ۽ سڀ قصا ياد ڪرڻ سان توهان ۾ هڪ نئو جذبو پيدا ٿيندو ۽ مثبت سوچون جنم وٺڻ شروع ڪنديون. توهان کي ائين محسوس ٿيندو ته توهان ڪافي ڪجھ سُٺو حاصل ڪري چڪا آهيو. ڪافي ماڻهو توهان جي صلاحيتن تي يقين رکن ٿا ۽ انهي حوالي سان توهان کي سڃاڻن به ٿا. اِهڙي نموني تمام جلد توهان بي يقيني واري ڪيفيت مان ٻاهر نڪري ايندئو.
ڪجھ خاص ۽ منفرد ڪرڻ:
بي يقيني واري ڪيفيت ۾ مبتلا هجڻ مهل به پنهنجي ڪم ۾ رڌل رهو. ڀلي آهستي هجو، دل نه به چوي پر پوءِ به ٿورو ٿورو ئي سهي پر ڪم کي جاري و ساري رکندا اچو. جيڪڏهن ڪم کي روڪي رکندئو ته بي يقيني اڃا وڌيڪ وڌڻ شروع ٿيندي، منفي خيال توهان جي ذهن ۾ اچڻ شروع ٿيندا. توهان پنهنجي بي يقيني واري ڪيفيت کي ختم ٿيڻ ڏيو پر پنهنجي پاڻ کي انهي هٿان يرغمال ٿيڻ نه ڏيو، اِن لاءِ پاڻ کي بيهڻ نه ڏيو، پنهنجي تخليقيي قوت جو استعمال ڪندا وڃو ۽ ننڍن ننڍن قدمن سان اڳتي وڌندا رهو.
زمان حال ۾ رهڻ ۽ سوچڻ:
توهان کي شايد احساس نه ٿيندو هجي پر اسين بي يقيني ۾ انهي مهل مبتلا ٿيندا آهيون جڏهن اسان ماضي ۾ رهڻ شروع ڪندا آهيون. پهريان ڪنهن ناڪامي جي اثر هيٺ ڊڄڻ شروع ڪندا آهيون ۽ اهو سوچيندا آهيون ته ” ائين وري نه ٿي“، اسان اهو وساري وهيندا آهيون ته وقت هميشه هڪجهڙو ناهي هوندو، سُٺو يا برو، وقت نيٺ گذري ئي ويندو آهي. پراڻن واقعن ۽ قصن کي وساري اڳتي وڌڻ تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن اسان پنهنجي دماغ ۾ اهو خيال ويهاريون ته مون کي هي ڪم سڀاڻي جي بجاءِ اڄ ۽ هاڻي ڪرڻو آهي. انهي طريقي سان سوچي ڪري انهي ڪم کي پايا تڪميل تي پهچائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻي آهي. دوستو پنهنجي پاڻ کي بهترن بنائڻ لاءِ پنهنجي ماضي جو جائزو وٺندي، پنهنجي صلاحيتن تي اعتبار ڪندي توهان اڳتي وڌي سگهو ٿا.
----------------------------------------------------------------------
جيڪڏهن توهان انهي ماڻهو جي انتظار ۾ آهيو جيڪو توهان جي زندگي کي تبديل ڪري ته اهو توهان پاڻ آهيو. رڳو پاڻ سڃاڻو، اُها صلاحيت توهان ۾ ئي آهي.
---------------------------------------------------------------------


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو