مهاڳ لکڻ جي روايت ڪئين شروع ٿي


يوسف جميل لغاري

ڪنهن به ادبي، تحقيقي يا تنقيدي ڪتاب جي شروعات ۾ هڪ نوٽ لکيل هوندو آهي. جنهن کي مهاڳ يا پيش لفظ چوندا آهن. اڪثر طور تي مهاڳ، لاڳاپيل ڪتاب جي صنف جي مطابقت سان اُنهي صنف جي ڄاڻو فرد کان لکرايو ويندو آهي. مهاڳ لکندڙ ليکڪ يا دانشور ڪتاب ۾ موجود مواد جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري سندس اهميت تي تفصيلي گفتگو ڪندو آهي. اُنهي گفتگو ۾ ڪتاب جي عنوان کان وٺي ڪري سندس هر هڪ لکڻي تي کيس جامع رايو ڏيڻو هوندو آهي. اِها الڳ ڳالھ آهي ته اڄڪلھ جا مهاڳ اڪثر دوستي، ياري ۽ واقفيت جي بنياد تي لکيا ويندا آهن. جن ۾ ڪتاب تي گهٽ پر ڪتاب جي لکندڙ تي گهڻيون تعريفي لائينون درج ٿيل هونديون آهن.

سنڌي ادب ۾ هن وقت اڪثر ڪتابن جا مهاڳ ليکڪ پاڻ لکن ٿا. اِها روايت شيخ اياز به اختيار ڪئي هئي ۽ اُن به پنهنجي کوڙ سارن ڪتابن جا مهاڳ پاڻ لکيا هئا. اِهڙي نموني هلندڙ دور ۾ شايد ئي ڪي اهڙا ڪتاب هجن جن جو مهاڳ نه لکيل هجي. مهاڳ جي لفظي معني آهي منڍ يا شروعات، هڪ اهڙي شروعات جنهن ۾ ڪتاب تي جامع انداز تي گفتگو ٿيل هجي. مهاڳ ڪنهن به صورت ۾ ڪتاب جي بهتر هجڻ يا نه هجڻ جو فيصلو نه ٿو ڪري سگهي. ڪتاب بابت حتمي فيصلي ڪرڻ جو اختيار صرف جو صرف ڪتاب پڙهندڙ کي هوندو آهي. ڪتاب پڙهندڙ ئي اِهو فيصلو ڪندو آهي ته ليکڪ پنهنجي ڪوشش ۾ ڪيتري قدر ڪامياب ٿيو آهي.

گُلگُون نالي هڪڙو يوناني ليکڪ هو. جيڪو تاريخ جو به وڏو ڄاڻو هو ۽ ڪتابن سان سندس گهڻو وقت گذرندو هو. عمر جي آخري ڏاڪي ۾ کيس خيال آيو ته ڇو نه يونان جي تاريخ تي هڪ جامع ڪتاب لکجي ۽ اُن ۾ يونان جي علم، ادب ۽ تعليمي ادارن جو تفصيلي احوال تحرير ڪجي. انهي ارادي سان اُن هڪ ڪتاب ترتيب ڏنو. جنهن ۾ انهي دور جي سڀني، عالمن، ليکڪن، دانشورن جو يونان جي تاريخ بابت لکيل جائزن کي نظر مان ڪڍي ڪري ”باب يونان“ جي نالي سان ڪتاب ڇپرائڻ جو ارادو ڪيو.

ڪتاب کي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ کيس خيال آيو ته هن ڪتاب ۾ ڪنهن ٻي تاريخدان کان ڪجھ لفظ لکرائي ڪري ڪتاب جي مُنڍ ۾ رکجن. جنهن ۾ ڪتاب جي اهميت واضع ٿيل هجي ۽ ڪتاب پڙهندڙ، ڪتاب جي شروعاتي ڪجھ صفحن جي مطالعي ڪرڻ کان پوءِ سگهو ئي ڪتاب جي باقي مواد کي سمجهي سگهي. اِنهي ارادي سان هن پنهنجو مسودو پنهنجي ويجهي دوست ۽ هَن وانگر تاريخ جي ڄاڻ رکندڙ ٽيل نالي شخص کي ڏنو. جنهن هن جي ڪتاب تي هڪ مختصر پر جامع انداز ۾ سهڻي نموني نوٽ لکيو ۽ اُن نوٽ ۾ ڪتاب جي مواد جي اهميت ۽ افاديت کي به واضع ڪيو. جيڪو نوٽ اڳتي هلي ڪري مهاڳ طور مشهور ٿيو.

اِنهي نموني مهاڳ لکڻ جي روايت شروع ٿي ۽ گُلگُون جي ڪتاب کي شهرت ملڻ جو هڪ سبب ٽيل جي مهاڳ کي به سمجهيو ويندو آهي ۽ اِهو پڻ چيو ويندو آهي ته جيڪڏهن ٽيل هن ڪتاب جو مهاڳ نه لکي ها ته شايد ماڻهو هن ڪتاب کي سمجهڻ ته ڇا پر خريد ڪرڻ به مناسب نه سمجهن ها ۽ گُلگُلون جي ڪتاب لکڻ وارو خواب ائين جو تئين اڌورو رهجي وڃي ها.



Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو