Yousif Jameel - Interview

سلسليوار سرهاڻ مئگزين حيدرآباد ۾ نوجوان ليکڪ ۽ پياري دوست اظهر عباس گاڏهي طرفان منهنجو ورتل انٽرويو:

سوال: سڀ کان پهريان پنهنجي جنم ڀومي، خاندان ۽ تعليم بابت ٻڌائيندا؟

جواب: مون پهرين جنوري اڻويھ سئو چورانوي تي ڳوٺ حاجي محمد اسحاق لغاري ۾ اُستاد جميل احمد لغاري جي گهر ۾ جنم ورتو. بابا پنهنجي نالي جي مناسبت سان منهنجو نالو يوسف جميل رکيو ۽ امڙ طرفان منهنجو نالو محمد رحيم رکيو ويو. جهڙوڪ ٻئي نالا سهڻا آهن. پر اُن جي باوجود مون تي بابا جو رکيل نالو پڪو ٿي ويو اسان ڪُل ڇھ ڀائر آهيون. 

جن مان هڪ مون کان وڏو ۽ باقي چار مون کان ننڍا آهن جيڪي مختلف ادارن ۾ زير تعليم آهن. الحمدالله چار ڀينرون آهن جن مان هڪڙي جي ڪجھ مهينا اڳ شادي ٿي آهي باقي ٽي اڃا ننڍيون آهن ۽ پڙهي رهيون آهن. مون پنهنجي ابتدائي تعليم پنهنجي ئي ڳوٺ جي اسڪول گورنمنٽ ايليمنٽري اسڪول حاجي محمد اسحاق لغاري مان حاصل ڪئي آهي. ( الحمدالله هاڻ اُتي ئي اُستاد آهيان) ۽ اُن کان پوءِ مون مئٽرڪ ۽ انٽر جي تعليم، ٺري ميرواھ جي سرڪاري تعليمي ادارن مان حاصل ڪئي. 

انٽر ڪرڻ کان پوءِ مون کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آزاد ڪشمير جي شهر ميرپور ۾ به ٻه سال انجنئرينگ پڙهڻ جو موقعو مليو. آئون جيتوڻيڪ ٻالڪپڻ ۾ ايترو هوشيار ۽ چالاڪ ڪونه هيس. جنهن سبب بنيادي تعليم تي به ڌيان ڪونه ڏئي سگهيس ۽ اُن جو نتيجو اِهو ٿيو ته مون ٻن سالن جي عرصي کان پوءِ آزاد ڪشمير واري پڙهائي خيرباد چئي ڪري پنهنجي گهر واپس ٿيس.

واپس اچڻ کان پوءِ مون شاھ لطيف يونيورسٽي خيرپور مان فيڪلٽي آف ايجويڪشن مان چار سالا بي ايڊ آنرس جي ڊگري ڪئي. جنهن جو فائدو اِهو ٿيو ته 2018 جي مارچ مهيني ۾ سنڌ حڪومت طرفان اُستادن جي خالي جڳھن کي ڀرڻ لاءِ نوڪريون آڇيون ويون هيون ۽ انهي ٽيسٽ ۾ مون کي به ٽيسٽ ڏيڻ جو موقعو مليو ۽ آئون به انهي امتحان ۾ ويٺس. اهڙي ريت سڀئي مرحلا طئه ڪري هن سال جي شروع ۾ ئي اُستاد ٿيڻ جو شرف به حاصل ٿي ويو.

سوال: ننڍپڻ ڪئين گذريو؟

جواب: آئون ڇهين ڪلاس ۾ پڙهندو هيس. تنهن وقت بابا ٻي شادي ڪئي هئي. جنهن سبب گهر ۾ جهيڙا معمول هوندا هئا. والدين جي وچم انهي تصادم منهنجي ذهن کي ڏاڍو پريشان ڪيو. آئون اڪثر طور تي ذهني ازيت جو شڪار هوندو هيس. جنهن سبب ڳوٺ جي ٻين ڇوڪرن وانگر نه ئي گهمي ڦري ٿي سگهيس ۽ نه ئي وري ڪنهن راند روند ۾ حصو ورتس. بس انيڪ مونجهارن ۽ اذيتن سان انهي عمر کي پار ڪري آيس.

سوال: ڇا توهان کي ادبي ماحول ورثي ۾ مليو؟

جواب: ادبي ماحول ته ورثي ۾ ڪونه مليو. البته بابا طرفان گهر ۾ ڪتابن جي هڪ ڪٻٽ ورثي ۾ ضرور ملي. جنهن مان مختلف موضوعن تي لکيل ڪتاب آئون واندڪائي ۾ پڙهندو هيس. شروعاتي ڏينهن ۾ اِها سُڌ ڪونه هوندي هئي ته ڪهاڻي، ناول يا شاعري ڇا ٿيندي آهي. بس ڪتاب پڙهڻ شروع ڪندو هيس جيڪو ڪتاب وڻي ويندو هو ته اُن کي ٻيهر، ٽيهر پڙهندو هيس ۽ جيڪو پسند ڪونه ايندو هو اُن کي ترڪ ڪري ڇڏيندو هيس. انهي ڪشمڪش ۾ هلندي اڳتي ادب جي صنفن ۽ ادب ۾ پاڻ ملهائيندڙ شاعرن، اديبن ۽ دانشورن جي ڄاڻ ملي ۽ انهن سان عليڪ سلئيڪ ٿي.

سوال: توهان ادب ڪڏهن کان پڙهڻ شروع ڪيو ۽ ڪهڙي قسم جو ادب پڙهيو؟

جواب: مون ادب پڙهڻ 2012 کان شروع ڪيو. شروع ۾ آئون سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيندڙ رسالي گُل ڦل کي ڏاڍو پڙهندو هيس ۽ مسلسل هر مهيني هڪڙي ڪاپي خريد ڪندو هيس. اڳتي هلي مون ان ۾ مضمون لکڻ شروع ڪيا. اُتان اِهو مرحلو طئي ڪري مون پوءِ سنڌي ادب ۾ خاص طور تي سفرناما ڏاڍي دلچسپي سان پڙهيا. سفرنامن کان اڳتي هلي مون ڪجھ عرصو ڪهاڻي ۽ ناولن جو مطالعو ڪيو. اِنهي مطالعي کان پوءِ مون کي خبر پئي ته سنڌي ادب ٻين ٻولين جي ادب کان ڪيترو شاهوڪار ۽ ڪار آمد آهي.

سوال: توهان ماضي جي ڪهڙن اديبن کان متاثر رهيا آهيو؟
جواب: آئون سفرنامن جي حوالي سان الطاف شيخ، ڪهاڻي جي حوالي سان جمال ابڙو، مزاح جي حوالي سان حليم بروهي ۽ نثر جي پختگي جي حوالي سان عبدالواحد آريسر کان گهڻي قدر متاثر آهيان.

سوال: اوهان لکڻ جي شروعات ڪڏهن کان ڪئي؟

جواب: مون باقاعده لکڻ جي شروعات 2016 کان ڪئي. انهي کان اڳ واري عرصي ۾ آئون صرف ادب دوست هوندو هيس ۽ ڪتابن جو باقاعده مطالعو ڪندو هيس. 2016 کان مون ڪهاڻي جي صنف تي لکڻ سان شروعات ڪئي. منهنجي پهرين ڪهاڻي
” ڦڪي چانھ“ جي عنوان سان لکيل آهي. جيڪا يونيورسٽي ۾ ٻن پيار ڪندڙن جي پس منظر تي لکيل آهي. 

منهنجي هن ڪهاڻي کي پوري سنڌ مان خاص طور تي نوجوان طبقي طرفان سُٺي ۽ ڀرپور موٽ ملي. انهي کان پوءِ مون مسلسل ڪهاڻيون لکيون، منهنجي ڪهاڻين جو مجموعو“خوابن جا پاڇا“ سنڌ سلامت ڪتاب گهر تي اپلوڊ ٿيل آهي ۽ ان سان گڏ منهنجا ٽي ٻيا ڪتاب به اُتي موجود آهن. جن ۾ هڪ مضمون، هڪ نثري ٽڪرن تي مشتمل ۽ هڪ ڪتاب ڪالمن تي مشتمل آهي.

سوال: لطيف سرڪار جي شاعري بابت اوهان جو ڇا خيال آهي؟

جواب: لطيف سرڪار ته زمان ۽ مڪان جو شاعر آهي. سندس شاعري هر دور جي درد جي علامت آهي. لطيف سرڪار جي شاعري مڪمل طور تي مشاهداتي شاعري آهي. جنهن سبب سندس افاديت اڄ تائين جيئن جو تئين قائم آهي.

سوال: اڪثر اوهانجي شاعري نوجوان پسند ڪندا آهن. ان بابت اوهان جي ڇا راءِ آهي؟

جواب: آئون پاڻ يونيورسٽي ۾ پڙهي چڪو آهيان ۽ يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ هر هڪ ڇوڪرو توڙي ڇوڪري ڪهڙي شاعري پڙهڻ گهري ٿو، جُهوگارڻ گهري ٿو. اَن ڳالھ جو اندازو اُتان ڪري آيس. جنهن سبب جڏهن انهن جي ڪيفتن کي انهن جي ئي اسلوب ۾ بيان ڪجي ٿو ته يقينن اُها شاعري نوجوانن وٽ مقبول وڃي ٿي ۽ مڃتا به ماڻي ٿي. ان لاءِ جيڪڏهن هر هڪ شاعر توڙي اديب پنهنجي پڙهندڙ کي ذهن ۾ رکي ڪري لکندو ته يقينن ان کي مڃتا ضرور ملندي.

سوال: شاعري ۾ جدت مطلب نواڻ ڪئين آڻجي؟

جواب: شاعري ۾ نواڻ تڏهن ايندي جڏهن توهان جو مشاهدو ۽ مطالعو ٻئي وسيع هجن. جيڪڏهن مطالعو آهي ۽ مشاهدو ناهي تڏهن به نواڻ ڪانه اچي سگهندي ۽ جيڪڏهن خالي مشاهدو هجي ۽ مطالعو نه جي برابر هجي تڏهن به شاعري ۾ نواڻ ڪونه ايندي. ان لاءِ انهن ٻنهي شين کي ذهن ۾ رکندي جيڪڏهن شاعري ڪئي وڃي ته اُها شاعري جدت سان سرشار هوندي.

سوال: نئي ٽهي مان ڪهڙا نوجوان سٺو لکي رهيا آهن؟

جواب: هن وقت ڪافي نوجوان اهڙا آهن جيڪي باقاعده سان مسلسل سُٺو لکي رهيا آهن. پر اُن جي باوجود به ڪجھ دوستن جو هتي ذڪر ڪرڻ مناسب سمجهان ٿو جن ۾ احمد شاڪر، بابو سومرو، ڊاڪٽر ڪامران چانڊيو، ثاقب بلوچ، فهد عزيز لغاري، اظهر امر، اظهر عباس گاڏهي، هوش محمد ڀٽي، سرمد کوسو ٻيا به کوڙ سارا آهن جن جون لکڻيون متاثر ڪندڙ آهن ۽ اُهو انتهائي ڀلو لکي رهيا آهن.

سوال: آخر ۾ لکندڙن ۽ پڙهندڙن لاءِ ڪو پيغام:
جواب: لکندڙن لاءِ اهو پيغام ڏيندس ته پنهنجي ڏات کي معاشري جي نئي سر اڏاوت لاءِ وقف ڪريو ۽ اصلاحي توڙي صحتمند تنقيد طرف اچو ۽ پڙهندڙ لاءِ اِهو پيغام ته سنڌي ادب ۾ موجود دور جي ليکڪن جي ڪهاڻين، مضمونن ۽ ڪالمن کي دل جي روشن اکين سان پڙهو ۽ ليکڪ جي نقطه نذر کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندي ان مان مستفيد ٿيو ته جئين توهان کي زندگي ۾ اڳتي هلي ڪنهن موڙ تي شرمندو نه ٿيڻو پوي - سدائين گڏ

خادم السنڌ
يوسف جميل لغاري


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو