منهنجي ڪتاب تي لکيل رايا

اداري پاران:

تعليم جي ترقي دنيا جي هر ملڪ جي هر فرد جو خواب آهي، جنهن کي ساڀيان ڏيڻ چاهي ٿو. ڇاڪاڻ ته تعليم سان ئي سندس، سندس اولاد، معاشري، ملڪ ۽ دنيا جو مستقبل واڳيل آهي. سڌريل دنيا ان ڪري ئي سڌري وئي آهي جو هنن نه رڳو تعليم جي اهميت کي سمجهيو، پر هنن علم جي واٽ وٺندي اهو حاصل به ڪيو. تعليم جي اهميت ته هر شخص سمجهي ٿو، پر جن قومن ۽ ملڪن ان کي جديد گهرجن مطابق بڻائي پنهنجن سمورن فردن کي ان جي حاصلات جي اجازت ڏني، اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين سان گڏ نصاب کي به جديد بڻايو اڄ اهي سڄي دنيا فتح ڪري رهيا آهن. پر جن تعليم کي اهميت نه ڏني، اهي هن جديد دور ۾ به پَستين ۾ پيل آهن. بدقسمتي سان اسان جو شمار ٻئي نمبر وارين قومن ۾ ٿئي ٿو. ان ڪري ئي اسين نه رڳو معاشي پر معاشرتي ۽ علمي ادبي طور تي به پوئتي پيل آهيون.

سنڌ جي تعليم تباھ آهي، اها ته سڀني کي خبر آهي، اسان ان جي سببن کان به آگاھ آهيون پر ان جو حل ڇا آهي؟ ان ڳالھ تي اسان ۾ ڪو اتفاق نه آهي. نوجوان ليکڪ يوسف جميل لغاري پنهنجي هن ڪتاب ” تعليم ۽ تربيت: اڄ جي ضرورت“ ۾ سنڌ جي تعليم جي تباهي جا حل ٻڌايا آهن. هن ڪتاب ۾ توهان کي تعليم جو نوحو گهٽ ۽ ڪارائتيون صلاحون وڌيڪ ملنديون، جيڪي نه رڳو حڪومت پر عملدارن لاءِ به آهن ته والدين لاءِ به، معاشري لاءِ به آهن ته اسڪول انتظاميہ لاءِ به، استادن لاءِ به آهن ۽ شاگردن لاءِ به.

هن ڪتاب ۾ تعليم ۽ تدريس ڇا آهي، اهو به سمجهايو ويو آهي، ته اها به وضاحت ڪئي وئي آهي ته تعليم جو نفسيات سان ڪهڙو لاڳاپو آهي. تعليم بابت سقراط، افلاطون، ارسطو جا نظريا به ملندا ته جديد تعليم جي بانيڪارن ايڊورڊ ٿارنڊائيڪ، جين واٽسن، بي ايف اسڪينر، بينجمن بلوم ۽ ڊاڪٽر هائورڊ گاڊنر جي نظرين جو به تجزيو ڪيو ويو آهي.

يوسف جميل لغاري صاحب شاگردن کي امتحانن لاءِ پيپرن جي تياري جو طريقو سمجهائڻ سان گڏوگڏ اهو به ٻڌايو آهي ته شاگردن کي ڪهڙين ڪهڙين ڳالهين تي خاص توجھ ڏيڻ گهرجي. هن تعليمي نصاب جي نئين سر جوڙجڪ لاءِ به صلاحون ڏنيون آهن، ته وري استادن کي به سندن اصل ڪردار جي ڄاڻ ڏني آهي. هو استاد، اسڪول ۽ معاشري جي پاڻ ۾ ڳانڍاپي جو داعي آهي.

اسان تعليم جي بهتري بابت ڪتابن جي کوٽ محسوس ڪندي، ان اميد سان هي ڪتاب پڙهندڙن کي آڇي رهيا آهيون ته استاد، والدين، تعليم کاتي جا عملدار، نصاب سان واڳيل فرد ۽ ادارا، اديب، ليکڪ، دانشور، اسڪولن جا سربراھ ۽ شاگرد پاڻ به هن مان فائدو حاصل ڪندا؛ ڇاڪاڻ ته هن ڪتاب ۾ انهي سڀني لاءِ ڪجھ نه ڪجھ مددي مواد موجود آهي.

اسان جي اداري جي اها ڪوشش رهي آهي ته نوجوان دوستن کي اڳتي آڻجي. نوجوانن جي همٿ افزائي ڪري نئين تخليق جي نئين لاٽ ٻارڻ هميشه کان پيڪاڪ جو مقصد رهيو آهي، يقينن هي لاٽ به دوستن جي راھ ۾ روشنيون وکيندي.

ڊاڪٽر آفتاب ابڙو
چيئرمين - پيڪاڪ پبلشرس
-----------------------------------------------------------
مهاڳ - علم جا در کوليندڙ ڪتاب
نواز خان زئور

منهنجي اڳيان يوسف جميل لغاري جي لکيل ڳٽڪي ”استاد، اسڪول ۽ ڪتاب“ جو مسودو کليو پيو آهي. جنهن کي آئون ڪالهه کان پڙهندو رهيو آهيان ۽ ان جي مطالعي کي مڪمل ڪري، اڄ ان تي هيءَ سٽون لکڻ ويٺو آهيان. سچ هيءَ آهي ته علم، تعليم، فلسفو وغيرهه منهنجي پڻ پسند جا موضوع آهن، ان ڪري ڪٿي به اهڙو ڪو ڪتاب، جيڪو انهن موضوعن تي لکيل هجي، ور چڙهندو اٿم ته ان کي اک مان ضرور ڪڍندو آهيان. هيءَ ڪتاب ته وري ڄڻڪ منهنجي جھولي ۾ اچي پيو آهي. تنهنڪري ان کي ڳوڙهي دلچسپيءَ سان پڙهيو اٿم. هن ڪتاب کي اها اوليت پڻ آهي ته اهو اسان جي هڪ سڄاڻ قومي ڪارڪن، ساڃاهه وند اديب ۽ اهڙي دوست پاران لکيو ويو آهي، جنهن سان آئون دلي محبت ڪندو آهيان. 

چليءَ جي شاهڪار ۽ مها شاعر پئبلو نرودا لکيو هو: ”آئون اوهان سان محبت ڪريان ٿو، تڏهن ئي چوان ٿو ته اوهان جهڙو ڪوبه ناهي.“ جيڪس هر محبت ڪندڙ ماڻهو ايئن ئي چوندو آهي، ايئن ئي سمجھندو آهي، پوءِ کڻي اهو ان جو اظهار ڪري سگھندو هجي يا نه. پر منهنجي محبتن ۾ ڪنهن هنڌ تي جڏهن علم، ادب يا فڪر و نظر جي ڳالهه اچي ٿي ته آئون اتي ڪوشش ڪري ڪافي حد تائين معتدلاڻي ڳالهه ڪندو آهيان. علم، ادب يا فڪر و نظر جهڙا مامرا هونئن به اعتدال ۽ تنقيدي نهار جا گھرجائو هوندا آهن. تنهنڪري اتي محض روايتي واکاڻ ڪري پاڻ تان لاهي ڇڏڻ يا پنهنجي دوست کي پڏائڻ بدران ڪن علمي ۽ تنقيدي معيارن کي ضرور سامهون رکڻ گھرجي. سو آئون هيءَ محض يوسف جميل جي ساراهه نه ڪري رهيو آهيان. يوسفن جي هونئن به هميشه ساراهه ٿيندي آهي، جو خدا انهن کي حُسن ۽ حُسنِ سلوڪ سان نوازيندو آهي. پر هتي آئون يوسف جميل لغاري جي هن تمام سنجيدا ۽ متاثر ڪندڙ ڪم کي ساراهي رهيو آهيان، جيڪو ڪتابي صورت ۾ توهان جي هٿن منجھه آهي.

علم انسان جي ٽين اک آهي. اهو هڪڙو پراڻو محاورو آهي. هاڻي چوڻ گھرجي ته علم انسان جون سموريون اکيون آهي. سچ ته اهو علم ئي آهي، جنهن انسان کي اوائلي دؤر جي اوگھڙ، بي شعوري ۽ پٽ تان کڻي تهذيب، تمدن، شعور ۽ ساڃاهه جي بلند آسمانن تي رسايو. انسان ۽ جانور ۾ جيڪو فرق آهي، اهو جبلت کان مٿي اٿي سوچ، شعور ۽ تخيل جي بلندين تي رسڻ جي ڪري پيدا ٿيو آهي. جيڪڏهن انسان سوچ کي پروان چاڙهيندي ٻوليءَ جون واديون نه ووڙي ها، لفظ جو ادراڪ نه ڪري ها ۽ علم جي اظهار جا ڏيئا نه ٻاري ها ته هوند اهو اڄ به جبلتن جي اونداهي ماٿريءَ ۾ هٿوراڙيون هڻندو رهي ها. علم انسان کي نين دنيائن سان روشناس ڪرائي ڪائناتون تسخير ڪرڻ جون جرئتون، جولانيون ۽  سوُجھيون ڏيئي ڇڏيون آهن. جنهن ڪري اهو ڏينهون ڏينهن اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ زندگيءَ لاءِ روز بروز نوان سک، سولائيون ۽ سهنج پيدا ڪري رهيو آهي. جيڪا ڳالهه ڪنهن زماني ۾ امڪان ۾ ئي ڪانه هئي، اها ڳالهه اڄ جي انسان ممڪن ڪري ڏيکاري آهي ۽ اڃا ته ان جو پنڌ جاري آهي. انسان هن ڪائنات جا سارا ڳجھه نيٺ ڳولي ئي لهندو.

يوسف جميل لغاريءَ جو هيءَ ڪتاب انساني شعور جي انهيءَ سفر کي وڌيڪ سيبتو ۽ ڪارائتو ڪرڻ جي جستجو جو حصو آهي. هن جي دل ۾ اهو درد ۽ اها سَڌ ڪنهن ديپ وانگر ٻرندي لاٽ لاٽ ٿي اڀرندي رهي ٿي ته اسان جي هن محڪوم، ڏکن ڏَڌل، جبر ۾ جڪڙيل ۽ ماريل، هڄيل، هپايل قوم جي مقدر ۾ آزادي جي پرهه ڪيئن اڀاري سگھجي ٿي. ان لاءِ اسان کي ڪهڙا اپاءَ وٺڻ گھرجن؟ ڪهڙا قدم کڻڻ گھرجن؟ ۽ انفرادي توڙي اجتماعي طور تي ڇا ڇا ڪري سگھجي ٿو؟ هيءَ ڪاوش انهيءَ لڳن، آس، اميد ۽ عمل جي جذبي جي پيدا ڪيل روشني آهي. جنهن ۾ هن علم، فلسفي، پڙهائڻ جي طريقيڪار، ٻارن جي نفسيات، استادن جي صلاحيتن، ڪردار ۽ ذميدارين، تعليم جي باري ۾ پراڻين علمي ۽ فيلسوفياڻين تشريحن، تعليمي ميدان ۾ ٿيل نين تحقيقن، سنڌ جي تناظر ۾ ضروري قدمن کڻڻ جي ضرورتن، نصاب، تربيتي ڪورسن، شاگردن جي شخصيتن جي مثبت تعمير، خوداعتمادي ۽ تعليم سان لاڳاپيل مختلف پاسن تي ڏاڍي ڪارائتي ڄاڻ مهيا ڪرڻ سان گڏ لاڀائتيون تجويزون ڏنيون آهن. جيڪي يقينن هينئين سان هنڍائڻ جهڙيون آهن. جن مان اسان جو سڄو تعليمي محمڪو ۽ سرشتو لاڀ حاصل ڪري سگھي ٿو.

ڪتاب جي ليکڪ جي ٻولي خوبصورتي، سرلتا ۽ روانيءَ سان ڀرپور آهي. ها ڪٿي ڪٿي ان ۾ وياڪرڻيءَ بهتري پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، پر پوءِ به اها لائينءَ نه آهي. اها سگھاري ٻولي آهي. جنهن ڪري سمجھه جوڳي ۽ وڻندڙ ٿي پيئي آهي. هن ڪتاب جي هڪ اهم خوبيءَ هيءَ به آهي ته ڪتاب ۾ مختلف شين کي ڏاڍي سهڻي، سيبتي، عام فهم ۽ معناڀريي انداز ۾ وصفايو ويو آهي. آئون چاهيان ٿو ته مهاڳ جي هن پلئُه ۾ ڪجھه اهڙين سٽن جون ڳنڍيون ضرور ڏيڻ گھرجن، ته جيئن پڙهندڙ ڪتاب جي اهميت کان ڪجھه آگاهه ٿي سگھن. مثال طور ليکڪ لکي ٿو:
”تعليم کان بنان زندگيءَ بيمقصد، بيسوادي ۽ ايئن آهي، جيئن ڪنهن حيوان جي زندگي هوندي آهي. زندگيءَ جو هرهڪ جوهر تعليم جو گھرجائو هوندو آهي. تعليم سان ئي زندگي آهي.“

”بهترين استاد اهو آهي، جيڪو ٻار ۾ علم حاصل ڪرڻ جي اڃ پيدا  ڪري.“

”تعليم انهيءَ عمل کي چئبو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ روين ۾ تبديلي رونما ٿئي.“

”تعليم جامد حڪمت عملين جو نمونو آهي، فلسفو وري انهن حڪمت عملين کي مشقي صورت ڏئي ٿو. فلسفي جي علم سان تعليم ۾ نيون راهون دريافت ٿين ٿيون ۽ انهن راهن وسيلي تعليم اڳتي پنهنجي واڌ ويجھه ڪري ٿي. فلسفي بنان تعليم کي اڻپوري ۽ بي مقصد تصور ڪيو وڃي ٿو. تعليم جو هيءَ سفر فلسفي کانسواءِ اڻ مڪمل سمجھيو ويندو.“

”خوداعتمادي هڪ اهڙو سگھارو عنصر آهي، جيڪو انسان جي اندروني صلاحيتن کي نکاري ٿو.“

”ڪتاب ڪنهن نه ڪنهن نموني اسان جي زندگيءَ سان جُڙيل رهن ٿا.“

اهڙي انداز ۾ يوسف جميل پنهنجي ڪتاب کي اڳتي وڌائيندي پنهنجن خيالن کي پکيڙيندو هلي ٿو. هن ڪتاب کي مختلف بابن ۾ ورهايو ويو آهي. هڪ نصابي قسم جي ڪتاب کي اهڙي نموني ئي ترتيبڻ گھرجي. مواد موضوعوار هوندو ۽ هڪ مخصوص سٽاءُ ۾ هوندو ته پڙهندڙن جي لاءِ سئولائي پيدا ڪندو. جيڪا شئي هن ڪتاب ۾ چڱي نموني ڏسڻ ۾ اچي ٿي. هن ڳٽڪي جي هڪ خوبي هيءَ به آهي ته هيءَ ڪتاب نصابي هوندي به ادبي پيرايي سان ٽمٽار آهي، جنهن سان لکڻيءَ جو رس چس برقرار رهيو آهي. ان سان گڏ عام فهم ۽ هر ماڻهوءَ جي سمجھه وٽان هجڻ هن ڪتاب جي هڪ ٻيءَ اضافي خوبي آهي. ساڳيي وقت اهم ڳالهه هيءَ پڻ آهي ته ڪتاب اهڙي وقت ۾ ڇپجي پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچي رهيو آهي، جنهن وقت ۾ ان جي وڌ ۾ وڌ ضرورت آهي. وڏي ڀاڳ وارو آهي اُهو ڪتاب، جيڪو پوري وقت تي پنهنجي پڙهندڙن تائين پهچي. وقت تي ايندڙ ڪتاب پنهنجي دؤر تي وڏو اثر وجھندو آهي.

حديثِ نبوي ۾ فرمايو ويو آهي: ”علم حاصل ڪرڻ هر عورت ۽ مرد تي فرض آهي.“ هيءَ ڪتاب به علم حاصل ڪرڻ جي هڪ نينڍ آهي. جنهن مان تعليم جي ڀلائي، بهتري ۽ واڌ ويجھه ۾ مدد ملندي. جنهن مان اسان جا تعليمي ماهر، استاد، شاگرد ۽ علم جا گھڻگھرا گھڻو فائدو حاصل ڪري سگھن ٿا. سنڌي ٻولي ۾ هن قسم جي ڪتابن جي تمام گھڻي گھرج آهي. جيترا گھڻا، ڪارائتا ۽ معياري ڪتاب ڇپبا، اوترو گھڻو شعور ڦهلبو. شعور جو ڦهلاءُ هن دؤر جي اهم ترين لوازماتن منجھان هڪ آهي. شعور تڏهن ڦهلبو، جڏهن اسان وٽ تعليم هوندي. بنان شڪ جي تعليم اهڙو ڏيئو آهي، جيڪو هر اونداهيءَ رات ۾ ٻري ڪاراڻ کي تڙي ڪڍي ٿو. هيءَ ڪتاب ان ڏيئي جي نه وسامندڙ لاٽ آهي. اهڙي لاٽ ٻارڻ تي يوسف جميل کي واڌاين سان گڏ جس هجي. پڪ سان هن هيءَ اهڙو شاندار ڪم ڪيو آهي، جيڪو تاريخ ۾ سدا سلامت رهڻو آهي. هن هيءَ اهڙو وکر وِهايو آهي، جو ڀٽائي چواڻيءَ پَئي پُراڻو ٿيڻو نه آهي.

وکر سو وِهاءِ، جو پَئي پُراڻو نه ٿئي،
ويچيندي ولات ۾، ذرو  ٿئي نه زياءِ،
سا ڪا هَڙ هَلاءِ، آڳهه جنهن جي ابهين!

اهڙي نموني تعليم جي جديد لاڙن تي لکيل هن ڪتاب جي هڙ ۾ هميشه ڪجھه نه ڪجھه اهڙو ويڳر ضرور ملي ويندو، جيڪو شعور ۽ ادراڪ کي نواڻ بخشيندو ۽ نيون مهميزون ڏيندو رهندو.

نواز خان زئور
20 جولاءِ 2019ع
ميرپور بٺورو، ضلعو سجاول
nkzaor@yahoo.com 
---------------------------------------------------------------
ليکڪ پاران: اڃان پنڌ ۾ آهيان!
يوسف جميل لغاري

علم سمنڊ آهي ۽ مون کي ڪنهن چيو هو ته سمنڊ سان ڪڏهن به تڪڙ نه ڪجان ڇو ته سمنڊ وٽ سوچڻ جيترو وقت ڪونه هوندو اٿئي. هُو هڪ پل ۾ ماڻهو کي لوڙهي ويندو آهي ۽ سگهو ئي ٻي گهڙي ۾ اُنهي ساڳي ماڻهو کي ڪناري تي آڻي بيهاريندو آهي. سو مون به اُنهي مهربان جي انهي ڏاهپ واري ڏس تي عمل ڪندي علم جي اِنهي سمنڊ مان ڪجھ موتين کي ميڙي ڪري توهان آڏو پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. منهنجي ازل کان اِها خواهش رهي آهي ته سنڌ اندر خاص ڪري ٻهراڙين ۾ تعليم جو نظام بهتر ٿئي. ڇو ته اسان جي ٻهراڙي جو ٻار اڄ به جديد دنيا جي مڙني سهولتن ۽ معلومات کان وانجهايل آهي.

مون کي ڪجھ عرصو پهريان اِهو خيال آيو ته ڇو نه آئون تعليم جهڙي اهم موضوع تي هڪ اهڙو جامع ڪتاب لکان جيڪو هر شاگرد توڙي اُستاد کي هڪ جيترو فائدو ڏي. مون شاھ عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ پڙهڻ دوران پنهنجي ڊگري جي سبجيڪٽن ۾ جيڪا معلومات پڙهي هئي سا منهنجي ذهن ۾ گردش ڪندي رهي. حالانڪ آئون ادبي دنيا ۾ ڪالم، توڙي ڪهاڻيون به لکندو رهيس. پر مون کي جيترو سڪون تعليم جي موضوع تي لکندي مليو تهڙو سُڪون نه ڪالم لکڻ ۾ مليو ۽ نه ئي ڪڏهن ڪنهن ڪهاڻي لکڻ ۾ مليو. تڏهن ئي مون اِهو محسوس ڪيو ته آئون تعليم کاتي سان لاڳاپيل ئي رهان ته بهتر، شايد منهنجو تعليم کاتي سان جڙيو رهڻ ۾ ئي قدرت واري جي رزا آهي.

اِنهي سوچ کي عملي جامو پارائڻ لاءِ مون قلم کنيو ۽ اهو فيصلو ڪيو ته ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ڪتاب لکڻو آهي. ڪتاب به وري اهڙي نوعيت جو جيڪو لاڀائتو هجي. انهي سوچ سان مون ڪتاب لکڻ شروع ڪيو. ڪتاب ۾ مون پنهنجي علم، فهم ۽ فڪر جي آڌار تي فلسفي ۽ نفسيات کي به شمار ڪيو آهي. ڇو ته آئون ڄاڻان ٿو ته جيڪڏهن پاڻ علم حاصل ڪرڻ جا هي ٻئي پاسا پُر نه ڪنداسين ته تعليم حاصل ڪرڻ جا حدف به حاصل نه ڪري سگهنداسين. علم نفسيات ۽ فلسفي جو علم فن، فڪر ۽ غور ويچار لاءِ نيون راهون هموار ڪن ٿا. اِنهي لاءِ پاڻ کي خاص ڪري پڙهيل لکيل باشعور طبقي کي کپي ته اهو علم نفسيات ۽ فلسفي جي علم کي پنهنجي ڪوشش آهر مطالعي هيٺ آڻي. هنن علمن جو گهٽ ۾ گهٽ اِهو فائدو آهي ته ماڻهو ٻين جي روين کي سمجهڻ جي قابل بڻجي ٿو ۽ سندس شخصيت ۾ گهٽ وڌائين جي پروڻ پوي ٿي.

علم سان شعور ايندو آهي ۽ شعور سان سُجاڳي ايندي آهي. هڪ اِهڙي قسم جي سُجاڳي جيڪا فرد کي پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ بيدار ڪندي آهي. علم کان بنا ترقي جو تصور به نه ٿو ڪري سگهجي. توهان جيڪڏهن جديد دور جي تقاضائن تي پورو لهڻ چاهيو ٿا يا وري جديد دنيا جي ترقي پذير ملڪ جي ماڻهن  سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪري گڏ هلڻ چاهيو ٿا ته يقينن توهان کي تعليم طرف سنجيده ٿيڻو پوندو. نه صرف پنهنجي ڪري بلڪ پنهنجي ايندڙ نسل جي بقا ۽ بهبود توڙي فلاح لاءِ به توهان کي تعليم طرف رجوع ڪرڻو پوندو. جڏهن تعليم، معيار جي سطع تي پهچي وئي ۽ هر روز نت نيون تخليقون ۽ نوان خيال اُڀرڻ لڳا ته پوءِ اسان توهان کي ڪو به فرد گهڻو وقت يرغمال بڻائي نه سگهندو.

آئون پنهنجو نينهن تعليم کاتي سان ڪجھ اِن ريت به نڀائيندو رهيو آهيان جو مون شروع کان وٺي تعليمي مضمون لکڻ شروع ڪيا هئا. جيڪي گهڻي قدر اصلاحي مضمون ئي هئا. انهن مان جيڪو مضمون تمام گهڻو مشهور ٿيو ۽ مختلف اخبارن توڙي رسالن ۾ ڇپيو سو آهي ” پيپرن جي تياري ڪئين ڪجي“. هن مضمون کي شاگرد طبقي کان وٺي ڪري اشاعتي ادارن تائين تمام گهڻي ۽ سُٺي موٽ ملي. جنهن جو مکيه سبب اِهو هو ته هن مضمون ۾ مون شاگردن کي پيپر جي تياري جي مختلف مرحلن بابت آسان طريقي سان آگاهي ڏني ۽ ڪجھ اهڙا ترڪيب ٻڌايا جن تي عمل پيرا ٿي ڪري ڪافي شاگرد امتحانن ۾ سٺيون مارڪون ۽ گريڊ کڻي آيا. اُنهن طرفان مون کي مٺايون ۽ سوکڙيون به مليون ته اُن سان گڏ کوڙ دعائون ۽ نيڪ تمنائون به نصيب ٿيون.

اِنهن دعائن جي بدولت قدرت واري مون کي تعليم کاتي ۾ نوڪري نصيب ڪئي ۽ آئون ننڍڙي عمر ۾ ئي اُستاد ٿي ويس. اُستاد ٿيڻ ته منهنجو خواب هو ۽ منهنجي بابا جو به خواب هو. هن خواب هن سال ساڀيان ماڻي ته قدرت واري جي خودڪار نظام تي يقين اڃا وڌيڪ پختو ٿي ويو. ڇو ته فطرت جو هڪ اصول اِهو پڻ آهي ته جيڪڏهن توهان ڪنهن ٻي جي مدد ڪريو ٿا ته توهان جي مدد به ڪنهن اهڙي طريقي سان ٿي ويندي جو توهان انهي بابت ڪڏهن سوچيو به نه هوندو. مون انفرادي مفادن بابت سوچڻ بجاءِ اجتماعي فائدن کي اوليت ڏيندي شاگرد طبقي جي هر ممڪن مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. منهنجي چوڻ جو اِهو مطلب قطعي ڪونه آهي ته ڪو مون شاگردن جون فيسون ڀريون يا انهن کي هر مهيني گذر سفر لاءِ چند ڏوڪڙ ڏيندو هيس.

ها البته ايترو ڪندو هيس ته ڪنهن کي ڪو مونجهارو هوندو هو ته اُن کي ڌيان سان ٻڌڻ، سندس مسئلي تي غور و فڪر ڪري کيس ڪو حل ڪڍي ڏيڻ، ڪنهن کي نوٽس وغيره کپندا هئا ته انهي کي نوٽس هٿ ڪري ڏيڻ. انهي کان علاوه هر ممڪن اخلاقي ۽ علمي مدد ڪرڻ منهنجي اولين ترجيع رهي. آئون ته پنهنجي انهن دوستن کي به پاڻ سان گڏ کڻي هليس جن لاءِ ڪنهن يار چيو هو ته تنهنجا هي يار ڊگري پوري ڪري نه سگهندا ۽ وقت ثابت ڪيو ته انهن يارن نه صرف ڊگري پوري ڪئي پر آخر ۾ ورسٽي مان ليپ ٽاپ به حاصل ڪري ويا. بس ڳالھ آهي سموري سچائي جي ۽ مخلصي جي. جيڪڏهن سنجيدگي آهي ته سُڀ ڪجھ آهي جيڪڏهن سنجيدگي جي کوٽ آهي ته پوءِ بس رڃ ئي رڃ آهي.

ڳالهيون ته گهڻيون آهن جي هتي سڀ ڳالهيون ڪبيون ته هڪ ٻيو ڪتاب ٺهي ويندو. اِن لاءِ پاڻ فلحال ماضي مان نڪري هاڻ حال ۾ قدم رکندي هن ڪتاب تي ڪجھ ڳالهايون ٿا ته جئين توهان کي اهو گمان نه ٿي ته ڪو آئون ماضي پسند آهيان ۽ رڳو ماضي ۾ ئي رهڻ پسند ڪندو آهيان. هن ڪتاب بابت منهنجا توقعات انتهائي بلند آهن ڇو ته ڪو به چڱو ڪم ڪرڻ مهل انسان کي اميد پسندي کان ڪم وٺندي پنهنجي ڪم مان اِها توقع رکڻ کپي ته منهنجو هي ڪم ٻين لاءِ فائدي مند ثابت ٿيندو. آئون ادب جي جهول ۾ پنهنجو هي پهريون علمي ڪم انهي اميد سان پيش ڪريان ٿو ته منهنجو هي ڪتاب شعور جون راهون هموار ڪندو ۽ تعليم کاتي ۾ ٻيل لاءِ مشعل راھ ثابت ٿيندو.

آئون اڄ جيڪڏهن هي ٻه چار لفظ لکڻ جي قابل ٿيو آهيان ته انهي درجي تي پهچڻ لاءِ کوڙ سارين شخصيتن جو مون تي شفقت ڀريو هٿ رهيو آهي. جن ۾ منهنجي والدين کان وٺي ڪري، ايليمنٽري ڪاليج خيرپور توڙي فيڪلٽي آف ايجوڪيشن جي مهربان ۽ شفيق اُستادن، ميڊمن ۽ ڪلاس فيلوز جون محبتون به وسارڻ جوڳيون ڪونه آهن. جن مون کي زندگي کي سمجهڻ توڙي زندگي سان جهيڙڻ جو فن سيکاريو. آئون ته ٻهراڙي جو هڪ عام فرد آهيان. مون وٽ ته نه ايتري دولت آهي جو آئون دنيا جون سڀئي خوشيون خريد ڪري سگهان ۽ نه ئي مون وٽ اهڙي نفيس زبان آهي جنهن سان آئون دلين تي راج ڪري سگهان. مون وٽ ته بس ٻه شيون آهن هڪ قلم ۽ ٻيو علم، پنهنجي انهي مزاج سان ٻنهي سان نينهن نڀائڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل آهيان.

آئون ته اڃا به ائين چوندو آهيان ته منهنجو هي سفر هن ڪتاب جي اچڻ سان شروع ئي هاڻ ٿيندو. آئون ته اڃا پنڌ ۾ آهيان. منزل ته ڪوھ ڏور آهي. منزل طرف وڌڻ جي جستجو به انهي اميد سان ڪيو ويٺو آهيان ته جڏهن اسان جي قوم جو هر ٻار پڙهيو لکيو ۽ دنيا سان ڪلهو ڪلهي ملائڻ جي قابل ٿيو ته پوءِ منهنجو خواب پورو ٿيندو ۽ آئون پنهنجي تعليم تي فخر ڪرڻ شروع ڪندس. وڌيڪ لاءِ ايترو ته توهان سُڄاڻ دوستن ۽ باشعور فردن جي راين جو شدت سان انتظار رهندو. توهان ئي اهو حتمي فيصلو ڪري سگهو ٿا ته آئون پنهنجي هن مقصد ۾ ڪيتري قدر ڪامياب ٿيو آهيان.

آئون تھ دل سان پنهنجي مُحسن، ادبي اُستاد ۽ گهڻ رُخي شخصيت جي مالڪ سائين نواز خان زئور جو شڪر گذار آهيان جن منهنجي ڪتاب تي هڪ نظر وجهي ڪري هن ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت کان توهان کان آگاھ ڪيو. انهي سان گڏوگڏ آئون محترم سائين غلام اصغر ميمڻ صاحب جو به تھ دل سان مشڪور آهيان جن هن ڪتاب بابت پنهنجي قيمتي راءِ جو اظهار ڪري مون ناچيز جي همٿ افزائي ڪئي. ساڳي وقت پيڪاڪ پبلشر جي ڌڻي ۽ لسانيت جي ماهر سائين آفتاب احمد ابڙو به مون لاءِ مان لهڻو آهي جنهن جي اداري جي وسيلي منهنجو هي ڪتاب اوهان جي هٿن تائين پهتو. ڀاءُ قمر آفتاب ابڙو جو سهڪار ۽ همٿ افزائي وارو رويو به وساري نه ٿو سگهجي ڇو ته سندس مسلسل رابطي ۽ رهنمائي مون کي ڪتاب جي ليکڪ ٿيڻ جو شرف عطا ڪيو - آخر ۾ ڪتاب کي ڪتابي صورت تائين آڻڻ کان وٺي ڪري ڪتاب جي آخري ڪاپي جي پڙهندڙ تائين، مستقبل جي معمارن لاءِ کوڙ ساريون دعائون ۽ نيڪ تمنائون. ڌڻي سڀني جي علم ۾ اضافو ڪري.
--------------------------------------------------------------
جديد تعليمي لاڙن بابت هڪ اهم ڪتاب!
جميل احمد لغاري

انساني شعور هلندڙ صدي ۾ جهڙي نموني ڪرشماتي ڪم ڪري ڏيکاريا آهن سو بنھ ڪمال جي ڳالھ آهي ۽ حيرت ۾ وجهندڙ عمل آهي. هن وقت دنيا ۾ هر گهڙي ڪا نه ڪا نت نئي شئي تخليق ٿئي ٿي. انساني فڪر کي جيڪا بلندي نصيب ٿي آهي سا علم جي بدولت ئي آهي. صديون اڳ جيڪي شيون ممڪنات جي دائري کان ٻاهر تصور ڪيون وينديون هيون. اُهي شيون هلندڙ صدي ۾ نه صرف ممڪن ٿيون آهن پر انهن ۾ وقت ۽ حالاتن جي آڌار تي جدت پڻ اچي رهي آهي. موبائل، ريڊيو، رابطن جا وسيلا يا جيڪي به شيون جديد دور جو حصو آهن انهن جي شروعات ۾ جيڪا اهميت هئي هاڻ انهي اهميت به واڌ ويجھ ڪري ضرورت جي شڪل اختيار ڪئي آهي. اهڙي ئي طرح جديد دور ۾ تعليم به ضرورت ٿي پئي آهي.

تعليم کان سواءِ نه سماج ترقي ڪري سگهي ٿو. نه ملڪ ترقي ڪري سگهن ٿا ۽ نه ئي ڪا قوم ترقي ڪري سگهي ٿي. تعليم جيتري قدر معياري هوندي قومن جي سماجي بيهڪ ۽ ترقي به ان تي آڌاريل هجڻ ڪري بهتر کان بهتر هوندي. جيڪڏهن تعليم جو سڄو نظام تباھ ۽ المناڪ صورتحال جي جهجٽ ۾ ڦاٿل هوندو ته يقينن انهي قوم جو به اهڙو ئي حال هوندو ۽ اُتي ڪا به نواڻ، ڪا به بهتري برپا ڪونه ٿي سگهندي. آئون گذريل ٽيهن سالن کان تعليم کاتي سنڌ سان سلهاڙيل آهيان ۽ سنڌ جي هر باشعور فرد جيان مون کي به سنڌ جي تعليم کاتي جي هاڻوڪي صورتحال تي ڪنهن قدر افسوس ٿيندو آهي. سنڌ ۾ جهڙي ريت تعليم کاتي ۾ هر ڏينهن نت نوان تجربا ڪري تعليم کاتي کي ڪاپاري ڌڪ هنيو ويو آهي تهڙو مثال آئون سمجهان ٿو ته دنيا ۾ ڪٿي ڪونه ملندو. 

هن مهل صورتحال اِها آهي جو سنڌ اندر تعليم کاتي تي ڳالهائڻ به ڄڻ وقت جو ذيان ٿو محسوس ٿئي پر انهي جي باوجود وري به بهتري جي اميد دل ۾ رکي اِها شمع ٻاريون پيا ٿا ته هڪ ڏينهن سنڌ جي تعليم بهتري طرف پنهنجو سفر شروع ڪندي. انهي ئي خواب جي ساڀيان جي پهرين ڪڙي اڄ منهنجي هٿن ۾ آهي جنهن جو نالو آهي ” تعليم ۽ تربيت، اڄ جي ضرورت“. هي ڪتاب منهنجي پُٽ لکيو آهي. جيڪو تازو پاڻ به اُستاد ٿيو آهي ۽ تعليم کاتي ۾ ذاتي دلچسپي هجڻ سبب مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ تعليم کاتي سان وابسطه تحريرون لکندو رهندو آهي. سندس خواهش هئي ته سندس تحريرن جو جيڪو پهريون مجموعو مارڪيٽ ۾ اچي سو سندس شعبي سان منسلڪ هجي ۽ انهي خواب کي هي ڪتاب لکي ڪري پورو ڪيائين. هي ڪتاب جيڪو پنهنجي نالي ۾ انهي ڳالھ طرف ڌيان ڇڪائيندڙ آهي ته هن وقت تعليم ۽ تربيت واقعي وقت جي ضرورت ٿي وئي آهي. 

سنڌ اندر اِها ڳالھ هر هڪ والدين کي سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن اُهي پنهنجي ايندڙ نسلن کي سُڌارڻ چاهن ٿا ۽ انهن جا خير خواھ آهن ته پوءِ بنا ڪنهن سوچ ويچار جي کين تعليم جي حاصلات لاءِ سنجيده ٿيڻو پوندو. ڇو ته تعليم سان شعور ايندو آهي ۽ شعور جي اچڻ کان پوءِ غلط توڙي صحيح جي پرک پوڻ شروع ٿيندي آهي. انسان کي پنهنجي اهميت جي خبر پوندي آهي ۽ وڏي ڳالھ ته پنهنجي لاءِ جئيڻ واري دائري مان نڪري ڪري ماڻهو ٻين لاءِ جئيڻ سکندو آهي. اِهو سڀ ڪجھ تڏهن ئي حاصل ٿي سگهندو جڏهن پاڻ وٽ تعليم جا ڪي درجا هوندا. علم جا ڪجھ اکر ذهن ۾ هوندا تڏهن ئي ماڻهو هن دو رنگي دنيا سان هلي سگهي ٿو. اهڙي نموني هن ڪتاب ۾ تعليم جي اهميت، تربيت توڙي سکيا جي مرحلن، استاد جي ذميوارين، شاگردن جي نفسيات سان لاڳپيل مونجهارن ۽ تعليمي اصلاحات کي انتهائي آسان نموني سان بيان ڪيو ويو آهي.

هن ڪتاب ۾ ڪُل چار باب آهن. جنهن ۾ پهرين باب ۾ تعليم کاتي جي بنيادي وصفن کي سهڻي نموني سان بيان ڪيو ويو آهي ۽ اُن سان گڏوگڏ ٻي باب ۾ تعليم ۽ علم نفسيات جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو ظاهر ڪيو ويو آهي. حقيقتن به واقعي جيڪڏهن هر هڪ استاد علم نفسيات جو ٿورو ڪجھ مطالعو ڪري ته آئون دعواه سان چوان ٿو ته کيس پڙهائڻ ۾ قطعي تڪليف ڪونه ٿيندي ۽ کيس ڪنهن به قسم جي مونجهاري ۾ مبتلا ڪونه ٿيڻو پوندو. ڇو ته ڪامياب اُستاد اهو ئي آهي جيڪو ٻار جي نفسيات کي سمجهي ڪري کيس پڙهائي. ان باب کان پوءِ جيڪو باب آهي ان ۾ فلسفي جي علم جو تعليم کاتي سان وابستگي ظاهر ڪئي وئي آهي. فلسفو به هڪ اهم علم آهي. فلسفي جي مدد سان به تعليمي نظام کوڙ ترقي ڪئي آهي. ان لاءَ انهي لاڳاپي کي به ضرور پڙهڻ گهرجي. فلسفو انسان کي سوچڻ ۽ فڪر ڪرڻ واري واٽ ڏيکاريندو آهي. 

جيڪڏهن هڪڙو استاد فلسفي ذهن رکندڙ هوندو ته آئون سمجهان ٿو سندس شاگرد به اڳتي هلي ڪري ارسطو کان گهٽ ڪونه ٿيندا. ائين ئي هن ڪتاب جي آخري مطلب ته ڇوٿين باب ۾ اُهي لکڻيون شامل آهي جيڪي صاحب ڪتاب مختلف وقتن ۾ تعليم کاتي جي صورتحال تي لکيون آهن. جن ۾ ڪجھ اصلاحي آهي. ڪجھ تنقيدي آهن ته وري ڪجھ لکڻين ۾ تعليم کاتي ۾ بهتري لاءِ انيڪ ۽ مفيد مشورا پڻ ڏنل آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جي ناليواري گهڻ رخي شخصيت نواز خان زئور لکيو آهي ۽ بيڪ ٽائيٽل منهنجي ويجهي ۽ پراڻي دوست انتهائي معتبر شخصيت غلام اصغر ميمڻ صاحب لکيو آهي. هي ڪتاب پيڪاڪ پبلشر ڪراچي پاران ڇاپيو ويو آهي. 96 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 200 روپيه رکي وئي آهي.
-----------------------------------------------------------
ڪتاب تعليم ۽ تربيت اڄ جي ضرورت تي هڪ نظر
ثاقب ارشد لغاري

دنيا جي پٺ تي پيل ملڪن منهنجان اڪثر ملڪن ترقي ڏانهن سفر ڪرڻ لاء تعليمي گس اپنايو ۽ ڪامياب پڻ ٿيا ڇو ته تعليم ھڪ اھڙو عنصر آهي جنهن جي ڪارڻ شعور جي ڀرپائيت ممڪن بڻجي ٿي. منهنجو ذاتي تصور آهي ته فطرت يا سائنس جي ھر مرڪب ۾ ھڪ ڳجهه لڪيل آهي جنهن کي معلوم ڪري ٻين تائين واضع ڪري پڄائڻ ھڪ مثبت عمل ۽ دنيائي ارتقا ۾ ھٿ ونڊائڻ برابر آهي. دنيا جي ارتقا صرف ايتري نه آهي جو ڀولڙن مان انسان پيدا ٿيا بلڪه دنيائي ارتقا مان مراد وقت پٽاندر ايندڙ سماجي تبديلون جنهن منجه ٻولي تھذيب رسم و رواج رھڻي ڪھڻي اچي وڃن ٿيون. مٿي مذڪوره شين جو تعلق تعليم سان سڌي يا اڻ سڌي طرح ضرور آهي ڇو ته ڪا به شيء تعليم يا تربيت کان سواءِ ممڪن نٿي بڻجي سگهي. هتان جي تعليمي نظام کي ٻڏتر جو شڪار ڏسي مون الاھي عرصو اڳ سوچيو ھو تـ تعليمي حوالي سان ھڪ اھڙو ڪتاب اچڻ گھرجي جيڪو جديدي صلاح مشورن ۽ منفرد طور طريقن جو ھڪ اھڙو مجموعو ھجي جنهن سان سرڪاري اسڪول پنهنجي پراڻي حالت بحال ڪري سگھن ڇو ته ويھ سال اڳ سرڪاري اسڪول پنهنجي وقار ۽ آبرو کي وڃائي ويٺا ۽ اڃا تائين اھو تسلسل برقرار آهي.

الاھي عرصي جي انتظار کانپوءِ منهنجي سوچ موافق ھڪ اھڙو ڪتاب منهنجي سامھون کُليل آهي جنهن تي آئون تبصرو لکي رھيو آھيان. ھن ڪتاب جو نالو  "تعليم ۽ تربيت اڄ جي ضرورت" جنھن جو مصنف يوسف جميل لغاري آهي. ھي ليکڪ تعلقـي ميرواھ سان تعلق رکي ٿو جيڪو ادبي سرگرمين جو اھم محرڪ رھيو آھي ۽ منفرد موضوعن تي ڪي ئي ڀيرا ڪم ڪري چڪو آهي. سندس جي ٻاروتڻ جو انيڪ يادون ميرواھ جي مٽي منجھ سمايل آهن. سندس جي ھن ڪتاب کان اڳ چار ڪتاب انٽرنيٽ تي موجود آهن. جيڪي مختلف صنفن تي لکيل آهن پر ھي ڪتاب جيڪو ڪتابي صورت ۾ موجود آھي سو سندس ئي شعبي بابت لکيل آھي ڇو تـ مصنف تعليمي شعبي جو ھڪ ادنا شاگرد پڻ رھي چڪو آھي ۽ لطيف يونيورسٽ جي آڳر تي قائم ايجوڪيشن شعبي کي زندگي جڳن چار بھارون ارپي چڪو آهي.

مصنف جي اھڙي ڪارائتي عمل ته آئون کيس اُتساھ ڏيان ٿو ڇو ته اڄ جي دنيا سائنس جي گھوڙي تي سوار آهي اھڙي طرح اسان جي اديبن کي به سندن شعبن تي لکڻ جي اھم ضرورت آهي جيئن اسين به ڪو اھڙو نظريو يا قانون پيدا ڪري سگھون. جنهن سان اسان کي سائنسي دنيا ۾ ڳڻيو وڃي. ھي ڪتاب ڪل چئن بابن تي مشتمل آھي ۽ آخري باب ۾ مضمون پڻ شامل آهن. هن ڪتاب جو مھاڳ سنڌ جي ھڪ باشعور فرد نواز خان زئور لکيو آهي جنهن سبب ھن ڪتاب کي منفرديت جو سرٽيفيڪيٽ ملي چڪو آهي ساڳي طرح سائين مھاڳ اندر لکي ٿو ته ” خوش نصيب ھوندا آهن اُھي ڪتاب جيڪي وقت ۽ حالتن پٽاندر پڙھندڙن تائين پھچن، يقينن مان سمجھان ٿو ته ھي ڪتاب به خوش نصيب آهي جيڪو پـنھنجي  وقت تي پڙھندڙن تائين پھتو آهي.“ سائين جا اھي لفظ بلڪل سئو سيڪڙو صحيع آهن. ڇاڪاڻ ته ھن قسم جي ڪتاب جي تعليم کاتي کي اشهد ضرورت ھئي. جيڪو ھن تعليمي نظام کي جديد طور طريقن جو ھڪ مجموعو ميسر ڪري سگھي هن ڪتاب جو پھريون باب آهي تعليم ۽ سکيا جو عمل جنهن ۾ ڪل ٽيويھ ٽاپڪ اچي وڃن ٿا ۽ اُھي اھڙا ته مفيد ۽ منفرد ٽاپڪ آهن جن تي لکڻ جي اشهد ضرورت ھئي. ڇو ته پراڻا استاد جديد نصاب جي حوالي کان مونجهاري جو شڪار رھيا آهن.

پر ھن ڪتاب جي پڙھڻ سان سندن سڀ موجھارا ختم ٿي سگھن ٿا اِھو ان ڪري جو ھن ڪتاب ۾ پڙھائڻ جي پراڻن طريقن کان وٺي جديد طريقن تي بحث ٿيل آهي ۽ تعليمي حوالي سان پڙھائڻ جي قسمن تائين جو پـڻ ذڪر ٿيل آهي. ھن ڪتاب جي ٻئي باب جو نالو تعليم جو نفسياتي پھلو جنهن ۾ تعليم ۽ علم نفسيات جي ڳانڍاپي کي چٽي طرح بيان ڪيو ويو آهي. ان سان گڏ انهن نفسياتدانن جو پڻ چڱي ريت ذڪر ڪيو ويو آهي جن تعليمي شعبي ۾ ھڪ نمايان ڪردار ادا ڪيو  انهن مکيه نالن منجھ ايڊورڊ ٿارنڊائيڪ، جيسن واٽسن بي، ايف اسڪينر ۽ ٻيا پاڻ شامل آهن. هن ڪتاب جي ٽئين باب جو نالو  تعليم جو فلسفياتي پھلو، جنهن ۾ تعليم ۽ فلسفي جي ڳانڍاپي ۽ فلسفي جي تعليمي اھميت کي پڻ بيان ڪيو ويو آهي.

ان سان گڏوگڏ فلسفي جي شاگردن جھڙوڪ سقراط افلاطون ارسطو ۽ روسو جھڙن تاريخي فردن جو ڪردار پڻ رکيو ويو آهي ۽ آخري باب جو نالو آھي تعليمي مضمون جيڪو ٽيويھ مضمونن تي مشتمل آهي. اِھي سڀ مضمون تعليم سان لاڳاپيل ۽ تعليمي نظام جي سڌار لاء اثرائتا ۽ ڪرائتا ثابت ٿين ٿا. ڇو ته ھي مضمون اھڙن تعليمي پلاٽن تي لکيل آهن جن جي وقت سر ضرورت ھئي. هن ڪتاب جا سڀ مضمون مفيد ۽ منفرد آهن پر جڏهن منهنجون آڱريون ھڪڙي مضمون تي پيون جنهن جو نالو تعليمي نصاب ڪيئن ھجڻ گھرجي؟ آهي. ھن مضمون ۾ نصابي ارتقا جي حوالي سان اھڙيون ڪارائتيون شيون ٻڌايل آهن جيڪڏهن اُھي حقيقي طور عمل ھيٺ آڻجن ته تعليمي اَپاھج پڻو ختم ٿي سگهي ٿو. ساڳي طرح مصنف ھڪ مضمون ۾ ابتدائي تعليم جي حوالي سان ھڪ اھم ۽ فائديمند تجويز ڏيندي لکي ٿو ته ” اسان وٽ اڪثر نئين داخلا ھيٺ ايندڙ شاگردن کي پراڻي طريقي سان پراڻو نصاب پڙاھي ذھني طرح مفلوج بڻايو وڃي ٿو“.

اھڙي طرح جيڪڏهن حقيقي نظر سان مشاھدو ڪجي ته ھڪ نرسري جي ٻار جي عمر راندروند واري ھوندي آهي ۽ اھو فطري طريقي سان اھڙي عمل جي گس تي گامزن ھوندو آهي جنهن سان ھو دلي طرح راضي ھجي انڪري جيڪڏهن پڙھائڻ جي طريقي کي راندروند جي شڪل ۾ تشڪيل ڏئي ٻارن کي سيکارجي ته ڪافي حد تائين ٻار ان مان دلي طور سکي سگھن ٿا. اھڙي طرح تعليم لاء مثبت ۽ ڪيترائي اھم موضوع ھن ڪتان ۾ شامل آهن جنهن سان ھن اپاھج تعليمي نظام کي ھڪ سھڻو ۽ سولو گس ڏئي سگھجي ٿو ان کان علاوه ڪجهه اھڙا مضمون پڻ شامل آهن جن سان انساني جذبا اتساھ  ماڻي سگھن ٿا ۽ زندگي جي ڪٺين مشڪلاتن آڏو اڏول بيھي پنهنجي حقيقي مقصد کي ڳولي سگھن ٿا. هن ڪتاب جي نوعيت مان ڪاٿو لڳائي سگھجي ٿو ته يونيورسٽي جي تعليمي شعبي سان واسطو رکندڙ شاگرد پڻ لاڀائتو  ٿي سگھن ٿا ڇاڪاڻ ته ھن ڪتاب ۾ اھي شيون پڻ رکيون ويو آهن جيڪي بي ايڊ جي حوالي سان اھم اثر رکن ٿا. ھي ڪتاب جيڪو ڇھانوي پنن تي مشتمل آھي. ھن ڪتاب جي چڱي طرح مطالعي کانپوء مون اھو پرتي ورتو آهي ته ھي ڪتاب تعليم سان وابسطا ھر فرد لاء ڪارائتو آھي. جھڙوڪ ھن ڪتاب ۾ استادن لاء انيڪ تجويزون لکيل آهن جنين کي اپنائي اھي تعليم ۾ سُڌارو آڻي سگھن ٿا. ھي منفرد ڪتاب پيڪاڪ پبليڪيشن طرفان گذريل سال شايع ڪيو آهي. جيڪو تعليمي شعبي سان وابسطه توڙي ھر عام و خاص کي پڙهڻ گھرجي ڇو ته تعيلم ۽ انقلاب جي ڀرپائيت منجه ھڪ اھم ناتو جڙيل آهي.
-----------------------------------------------------------
ٻه اکر ڪتاب تعليم ۽ تربيت اڄ جي ضرورت متعلق
جاويد بلوچ

پياري دوست يوسف جميل لغاري جو ھي ڪتاب "تعليم ۽ تربيت :اڄ جي ضرورت " جئين مون کي تحفي طور مليو مان ان وقت کان ئي پڙھڻ شروع ڪيو ڇاڪاڻ ته جھڙو ڪتاب جو موضوع آ ھن موضوع جي حوالي سان مان پاڻ وابستا آھيان ڇو جو مان استاد آھيان ھن ڪتاب جو  مطالعي ڪرڻ کان پوء مون کي محسوس ٿيو ته  يوسف وٽ پنهنجي معاشري جي ڀلائي ۽ سڌارڻ لاء انيڪ سٺا  خيال ۽ جذبات آھن ۽  ھا اھي  اسان سڀني ۾ ھئڻ گھرجن ڇوجو ھن معاشري کي اسين استاد ۽ نوجوان اديب شاگرد ئي سڌاري سگھي ٿاـ مان سمجھان ٿو ھي ڪتاب ھر شاگرد توڙي استاد لاء پڙھڻ اڄ جي ضرورت آھي ڇو جو ڪتاب ۾ اھڙا اھڙا سماج سڌارڪ ۽ پاڻ ۾ شعور پيدا ڪنڌڙ ننڊا ننڊا موضوع ملنداـ جيئن 
تعليم زندگي آھي
تعليم تربيت آھي 
تعليم روين ۾ سڌارو آڻي ٿي 
تعليم مقصدن کي رستو ڏيندي آھي 
تعليم گانڍاپي جو عمل آھي 
ابتدائي تعليم ۽ اسان جو معاشرو 
تعليم ڇو ضروري آھي 
۽ ٻيا بي ڪيترائي جيئن تعليم جو فلسفياڻو پھلو فلسفي جو باني سقراط ۽ ٻيا جيئن افلاطون جو فلسفو ارسطو جو فلسفو ۽ جيڪ روسو جھڙن دانشورن جا تعليم  سدارڻ ۽ سنوارڻ جا فلسفا شامل آھن. مطلب ته سڀ ڪجھ اسان جي معاشري جي ڀلائي لاء آھي جيڪو ضروري به آھي ۽ ھئڻ گھرجي خاص ڪري اسان جي  استاد لاء ھي ڪتاب اھم آھي ڇو جو ھن سماج کي سدارڻ ۽ سنورڻ ۾ استاد جو اھم ڪردار ھجي ٿو ـ مان سلام پيش ڪيان ٿو ڀاء يوسف جميل لغاري کي جنهن ھي ڪتاب لکيو ۽ ڇپايو سدا سلامت رھو يوسف ڀاءُ…

جاويد بلوچ - ٺري ميرواھ
-------------------------------------------------------------
علم جي اهميت جو ڏس ڏيندڙ ڪتاب!
اُستاد لياقت ميراڻي

تعليم کاتي سنڌ جا ڪامورا (JEST & ECT) ٽيسٽ پاس نوجوانن کي نوڪري جي آڊرن ڏيڻ لاءِ ئي هر روز نئون بهانو گهڙي ڪري ٻڌائين ٿا. وري به ڏسو ته ڪئين نه نوجوان پنهنجي علم، شعور ۽ جستجو سان تعليم کاتي سان پنهنجو نينهن نڀائيندا ٿا اچن. ٺري ميرواھ جي نوجوان ليکڪ يوسف جميل لغاري تعليم جي موضوع تي ڪتاب ” تعليم ۽ تربيت، اڄ جي ضرورت“ لکيو آهي. هي ڪتاب تعليم جي جديد لاڙن تي لکيل هڪ اهم ڪتاب آهي. هي ڪتاب پيڪاڪ پبلشرس ڪراچي طرفان ڇاپي ڪري پڌرو ڪيو ويو آهي. 96 صفحن تي مشتمل هَن ڪتاب جي ڪُل قيمت 200 روپيه رکي وئي آهي.

ڪتاب وٺو ۽ ڪتاب پڙهو، ڇو ته ڪتابن جي پڙهڻ سان شعور ايندو آهي ۽ شعور سان ئي زندگي جون سڀئي حُسانڪيون وابسطه آهن. هن ڪتاب ۾، تدريسي عمل، پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جي طور طريقن کان وٺي ڪري، علم نفسيات ۽ فلسفي جي علم جو تعليمي سرگرمين سان ڳانڍاپي تي جامع انداز ۾ تعليمي ماهرن جا رايا، نظريا ۽ فلسفا شامل آهن. هي ڪتاب هر هڪ شاگرد کان وٺي ڪري هر هڪ استاد کي به پڙهڻ گهرجي. ڇو ته هن ڪتاب ۾ تعليم ۽ تربيت واري نقطي تي گهڻو مواد شامل آهي.
--------------------------------------------------------------
تعليم ۽ تربيت اڄ جي ضرورت: ڪتاب تي ھڪ نظر 
ليکڪا فرزانا چانڊيو 

جتي تعليم جي ڳالھ ايندي ته اتي ائين چوڻ وڌيڪ بھتر ھوندو ته تعليم جي حقيقي معنيٰ ان وٽ آهي جنهن تعليم کي سمجهي ۽ پوء ان کي عمل ۾ آندو اھڙي  ريت تعليم ھڪ (developmental) ترقي وارو عمل آھي جيڪو نه صرف فرد جي اندر تبديلي آڻي ٿو پر پڻ سماج اندر به. جنهن ۾ فرد جي روين سان گڏوگڏ اٿڻي ويھڻي ڳالھڻ ٻولھڻ کائڻ پيڻ کان وٺي معاشري جي ترقي شامل آهي. تعليم مطابق لکندي لکندي منهنجي اڳيان ھڪ ڪتاب اچي پيو.

"تعليم ۽ تربيت اڄ جي ضرورت" ھي ڪتاب ھڪ اھڙي  نوجوان شخصيت جو لکيل آهي جنهن کي جڏهن به مون پڙھيو ته اڪثر پڙهڻ دوران ائين ئي لڳندو رھيو ته آئون ڪنهن پنجاهه سٺ سال جي تجربيڪار بزرگ کي پڙھيندي ھجان. پر ائين بلڪل نه آهي يوسف جميل ھڪ اھڙو نوجوان آهي جيڪو اڄ جي اونداھي  معاشري جو ڏئيو ۽ تعليمي اداري جي ضروت پڻ آهي. يوسف جميل ھميشه پنهنجي سمنڊ جھڙي گھري ڄاڻ  کي عقلمندي سان ھن معاشري جي ھر فرد تائين پھچائي. جنهن ۾ ھن نوجوان مختلف سماجي مسٔلن سان گڏوگڏ تعليمي اھم مسٔلن کي به کنيو آهي. اھڙي ئي نموني يوسف جميل پنهنجي ڪتاب ۾ به تعليم جي مختلف موضوعن تي لکيو آهي ڪتاب ۾ ڪل ورق ٦٩ ۽ ھر ھڪ ورق تعليم جي مختلف موضوعن جي ڄاڻ  سان ڀريل آهن.

جنهن ۾ تعليم ۽ سکيا جا طور طريقا. تعليمي تربيت. تعليم جو روين ۾ سڌار آڻڻ. مقصدن جي منزل ڏانهن ذريعو تعليم ئي آهي. ان سان گڏ تعليم ڳانڍپي جو عمل به آهي. ساڳئي ئي وقت يوسف جميل پنهنجي ڪتاب ۾ پڙھائڻ جا مختلف طور طريقا به ھن پنهنجي  ڪتاب جو حصو ڪيا آهن. جيڪي خاص ڪري استادن جي لاء  شاگردن کي پڙھائڻ  دوران مدد ڪندا. ٻي ھنڌ تعليم جي شروعات ۽ ان جا فائدا ۽ ان جي فطرت ۽ علم جھڙا خوبصورت موضوع به  ھن ڪتاب جي سونهن بڻايا اٿس. ٻي اھم ڳالهه ھن ڪتاب جي ليکڪ  ڪتاب ۾ تعليم جو فلسفي سان به لاڳاپو ڏنو آهي. فلسفياتي پھلون سان گڏ سقراط. افلاطون. ارسطو ۽ روسو جھڙي وڏن ڏاھن جو به ذڪر ڪيو اٿس.

ڪتاب جي آخر ۾ مختلف مضمون به شامل اٿس. جنهن ۾ جديد دور جون تعليمي تقاضائون. تعليمي نصاب ۾ بھتري جو سوال ۽ ڪجهه ٻيا اھم مضمون به شامل آهن. جئين ته اڄ اسين اھڙي دور ۾ پيا ھلون جتي نوجوانن جو روجھان موبائيل فون ۽ ڪمپيوٽر جي دنيا ڏانهن وڌيڪ آهي ـ اتي ڪتاب لکڻ ته ڪوھ ميل دور رهيو پر ڪتاب جو  ھٿ ۾ جلھڻ به نوجوانن لاِ مشڪل ٿي ويو آهي ـ اتي اھڙي ئي  دور ۾ اھڙا نوجوان سمنڊ ۾ ان موتي جئيان آهن جيڪي ھن بگڙيل سماج جي سڌار جو حصو ۽ انجي ترقي لاء قلم پنهنجي سيني سان ۽ ڪتاب پنهنجي سراندي ڪيون پيا آهن ـ انهن نوجوانن مان ھڪ موتي يوسف جميل به آھن.

جئين ته يوسف جميل ۽ منهنجو تعلق ھڪ تعليمي اداري  سان آهي ۽ اسين ھڪ ئي Educational department سان وابستا ھجڻ جي ناتي  آءٔ يوسف کي چوندس ته  پنهنجي علم مان pcs جي شاگردن لاء سنڌي ٻولي ۾ ھڪ مضمونن تي به ڪتاب ضرور لکي ـ

The book education and up bringing: today's need, is written by Yousif jameel legari, one of young, upstanding personality of our beloved: greenery,  mother land Sindh. 
He is not only a prominent Writer but also a teacher. Who teaches proudly and spread the knowledge among the thirsty bird of this blessed land. Whom i would like to see like [teacher] yousif jameel a candle of Sindh.

Yousif jameel has written a book and  would had published. The book about education and its importance. At the same time he has written in this book about today's education and its needs.

This book is divided into four chapters, each chapter is divided into sub topics: each and every topic of this book is full with knowledge about education. 

1st chapter of this book describes, education is a life without it life would be nothing. The education bring up as well as its a nourishment of individual through education. 
Next the educational methods of teaching, in which discussion method of teachings, collaborative method of teachings, and many more method of teachings are given over there. 
Meanwhile,  in this book he has given the philosophical points of education at the same time there are philosophers and their educational philosophy. 

Therefore, in the last of book there are some essays about education and its future. 
This book describes very well about education and its needs. No doubt, this book would be beneficial for our youth to learn more and to know about education and its syestem.

farzana chandio
---------------------------------------------------------------
تعليم ۽ تربيت، اڄ جي ضرورت
اڀياس: اصغر شر

منهنجي هٿ ۾ هن وقت سهڻي ليکڪ ۽ خوش اخلاق انسان، پياري دوست، يوسف جميل لغاريء جو پهريون ڪتاب آهي، جيڪو تمام ئي اهم موضوع تي لکيل آهي. اهڙو موضوع جنهن جي هر سماج ۽ سماج جي هر فرد کي سخت ضرورت پوي ٿي!  جڏهن يوسف جميل تعليم تي لکيل پنهنجو ڪتاب محبت مان تحفي طور پنهنجي هٿن سان ڏنو ، ان وقت اسان ٻئي شاه عبداللطيف يونيورسٽيء جي اولڊ ڪينٽين تي ڪچهري ڪري رهيا هياسين. اهڙي اهم موضوع تي لکيل ڪتاب جي مٿان پنهنجي پياري دوست جو نالو ۽ تصوير ڏسي ڏاڍي سُرهائي ٿي. ڪتاب ۾ شامل مواد تي ڪجھ لکڻ کان اڳ ڪتاب جو مختصر تعارف ڪرائڻ تي دل چوي ٿي. 
              
يوسف جميل لغاريء جو هيء ڪتاب ”تعليم ۽ تربيت، اڄ جي ضرورت“ 2019ع ۾ پيڪاڪ پبليڪيشن طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن جو مهاڳ نامياري ليکڪ نواز خان زئور ۽ بيڪ ٽائيٽل غلام اصغر  ميمڻ جن لکيو آهي. ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت جي حوالي سان ته مهاڳ ۾ نواز خان زئور گهڻو ڪجھ لکيو آهي، ان هوندي به مان ڪجھ لفظن جي صورت ۾ يوسف جميل لغاريء کي ههڙو ڪارائتو ڪم ڪرڻ تي حوصلو ۽ همت ڏيڻ چاهيان ٿو.  ادبي حوالي سان ته يوسف جميل ڪنهن به تعارف جو محتاج ڪونهي، هُو ادب جي وسيع دنيا ۾ اڳ ئي پنهنجي ادبي قابليت سان پاڻ کي متعارف ڪرائي چڪو آهي.

يوسف جميل جي مطالعاتي ۽ ذهني پرک سندس ڪتاب مان ئي لڳائي سگهجي ٿي ته هن پنهنجي علمي ۽ ذهني قابليت ذريعي ڪيتري ته ترتيب سان عنوانن جي فهرست ڏئي موضوع کي جاندار بنايو آهي! ڪتاب جي عنوانن کي چئن بابن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرئين باب ۾ تعليم، ان جي اهميت، افاديت، تعليم حاصل ڪرڻ جا طريقا، پڙهائڻ جا طور طريقا، تعليم جا فائدا ۽ تعليم حاصل نه ڪرڻ جا نقصان به بيان ڪيا اٿائين ته تعليم جو مقصد ڪهڙو هجڻ گهرجي؟ ان موضوع کي به پنهنجي هن ڪتاب ۾ بيان ڪيو اٿائين. ڪتاب جو ٻيو باب تمام ئي اهم آهي، جنهن ۾ تعليم جي نفسياتي پهلوء کي بيان ڪيو اٿائين. تعليم جي شعبي ۾ نفسيات جو گهڻو دخل ٿئي ٿو. اهو ڪامياب استاد ليکيو ويندو آهي، جيڪو شاگرد جي نفسيات کان واقف هجي ۽ شاگرد کي ان طريقي سان پڙهائي، جنهن ۾ ٻار تعليم آسانيء سان پڙهي، سکي ۽ لکي سگهي! ان سان گڏ هن باب ۾ ڪجھ انهن نفسيات جي ماهرن جي نظرين جا حوالا ۽ مثال ڏنل آهن. جن ۾:
ايڊورڊ ٿارنڊائيڪ
جين واٽسن
جي ايف اسڪينر
بينجمن بلوم
ڊاڪٽر هائورڊ گارڊنر
ڪن نفسيات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته: جيئن هر ماڻهو جسماني طرح هڪ ٻئي کان مختلف آهن، ذهني طرح به ائين ئي هڪ ٻئي کان مختلف ٿين ٿا. ڪن نفسيات جي ماهرن جو چوڻ آهي: ذهني قوت سڀني جي برابر آهي، ڪو به وڌيڪ هوشيار ۽ جڏو ناهي، سڀ برابر آهن فرق اهو آهي ته جيڪي پنهنجي ذهني صلاحيتن کي درست استعمال ڪندا آهن، اهي وڌيڪ هوشيار هوندا آهن . وري ڪجھ تعليم جي ماهرِ نفسياتن جو چوڻ آهي ته ٻار کي پنهنجي سٺي ۽ خراب عمل جي سزا ۽ جزا ملڻ گهرجي، جنهن سان هن جي تربيت به ٿيندي. ان کان سواء ڪجھ ٻيا مضمون ”پيپرن جي تياري ڪيئن ڪجي؟“ ۽ ٻيا به شامل آهن. هيء مضمون به شاگردن جي لاء تمام اهم آهي، جنهن ۾ پيپرن جي تياري ۽ پيپرن دوران سوالن کي حل ڪرڻ جا طور طريقا ٻڌايا ويا آهن.
”خود اعتماديء کي ڪيئن بحال ڪجي؟“

هر ماڻهو ڪو نه ڪو ڪم ته ڪندو آهي پر اڪثر نوجوان اهڙا هوندا آهن، جيڪي هر وقت ان ٻڏتر ۾ هوندا آهن ته اهو ڪم مان ڪيئن ڪري سگهندس؟ جي ڪري به ويس ته ڪاميابي ملندي الئي نه.!؟ اهڙن ئي وهمن ۽ وسوسن کان نڪرڻ جون صلاحون پياري يوسف جميل پڙهندڙن کي ڏنيون آهن. پنهنجي اندر جيڪي صلاحيتون آهن، انهن کي ظاهر ڪيئن ڪجي؟ اهو سڀ هن ڪتاب مان ملي ويندو. مجموعي طور تي يوسف جميل جو تعليم جهڙي موضوع تي لکيل ههڙو انمول ڪتاب هر فرد جي لاء ڪار آمد آهي.
-------------------------------------------------------------
جديد تعليمي لاڙن بابت اهم ڪتاب
ٻہ اکر -  بشير احمد جتوئي 

اسان جي سنڌ توڙي پوري دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا نوجوان تعليمي راھ ۾ پاڻ پتوڙي رهيا آھن ۽ نيون راهون هموار ڪري رهيا آھن. توڙي جو تعليمي سفر ۾ ڪجھ مشڪلاتون درپيش ايندون رهن ٿيون،
انهن ۾ اسان جو پيارو استاد نوجوان ليکڪ تعليمي سفر ۾ اڳڀرو سائين يوسف جميل لغاري شاندار قدم کنيان آھن. جنهن نه صرف تعليم ۽ تربيت تي پر فلسفي جي مختلف موضوعن تي بحث ڪيو آھي، ڪتاب ۾ ڪل صفعا ته 96 آھن پر هرهڪ صفعو تعليم جي کاڻ سان ڀريل ملي ٿو، سائين يوسف جميل جون لکڻيون ايئن ٿيون لڳن ڄڻ هن جو تعليم جي سفر ۾ 40 يا 50 سال جي تجربي ڪار جون لکڻيون هجن ،

چونڊ موضوع

” تعليم ڇو ضروري آھي“
تعليم ان لا۽ ضروري آ ته جيئن ٻين جي ضرورتن کي سمجهي سگهجي، ٻين جي دردن کي پروڙي سگهجي، ڪنهن ماڻھو لا۽ مددگار ٿي سگهجي، تعليم کان بنا انسان حيوان مثل آھي، حيوانن کي ٻين جو درد ناهي ٿيندو، ها کين درد جو احساس ٿيندو آھي ، تڏهن جڏهن اُهو درد انهن جو پنهنجو هجي ٻين جي مرڻ جيئڻ يا تنگي واري زندگي سان کين ڪو به غرض يا مطلب نه هوندو آھي ، کين صرف ايترو علم عطا ٿيل هوندو آھي ، جو اُهي کائي پي سگهن، ان کان وڌيڪ اهي لاچار ۽ بي وس آھن ، حيوان هجڻ واري حالت دراصل تعليم کان وانجهيل هجڻ واري ئي حالت آھي .

ان لا۽ ئي ته اصل ۾ تعليم ضروري آھي ڇا ته سائين موضوع لکيو آھي ،  سائين کي جس هجي جو اهڙو ڪتاب اسان نوجوانن کي ڏئي اونداهي راھ ۾ روشني جي هڪ لاٽ ٻاري آھي ، اسان فڪر محسوس ڪري رهيا آھيون اهڙي نوجوان استاد اديبن تي ۽ اهائي اميد ٿا ڪريون ته اهڙائي ڪتاب اسان تعليمي شاگردن کي مهيا ڪندا رهندا ته جيئن هرهڪ فرد تعليم سان وانجهيل نه هجي. آئون آخر ۾ پنهنجون ٻه سٽون لکڻ ضروري سمجهندس شل قبول پون ،

لکڻ ۽ پڙھڻ جو هنر ٿو وڃي 
اٿو نوجوانو هنر کي  سکو…
--------------------------------------------------------------
ڪتاب " تعليم ۽ تربيت اڄ جي ضرورت"
تبصرو: عبدالعزيز شر

 چونڊ لفظَ

تازو ئي پيڪاڪ پبلشرز طرفان عظيم ليکڪ ،مبلغ ۽ تعليمدان ۽ اسان جي پياري دوست ۽ تعليم جي شعبي ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهيندڙ محترم استاد يوسف جميل لغاري جو ڪتاب ٰٰٰٰٰٰ تعليم ۽ تربيت اڄ جي ضرورت پڌرو ٿي اسان جي هٿن ۾ پهتو آهي ،جنهن جو مهاڳ پڻ سنڌ جي ارڏي کري بهترين نثر نويس ۽ گهڻ رخي شخصيت سائين نواز خان زنئور لکيوآهي. هي ڪتاب تعليم ۽ تربيت اڄ جي ضرورت به موجوده دؤر جون گهڻيون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ تمام ڪارگر عمل آهي بشرطيڪه صرف هن ڪتاب جو هر ماڻهون هڪ دفعو مطالعو ضرور ڪري. هن ڪتاب جو مطالعو ڪري هر خاص و عام ماڻهون نه صرف پاڻ کي تبديل ڪري سگهي ٿو بلڪه پنهنجي معاشري ۽ سندس رهڻي ڪهڻي ۽ تعليم ۽ تربيت جي افاديت ۽ اهميت کان واقف ٿي سگهي ٿو.

يوسف جميل لغاري هن ڪتاب ۾ تعليم ،تربيت توڙي فلسفي جي مختلف موضوعن تي نه صرف بحث ڪيو آهي، بلڪه هر هڪ موضوع کي نروار ۽ نشانبر طريقو سان بيان ڪيو آهي ته ان جي اهميت ۽ افاديت به ٻڌائي آهي ،ته پڙهندڙ نه صرف هن ڪتاب مان لاڀ حاصل ڪري سگهن بلڪه پنهنجي معاشري ۾ به تعليم ۽ تربيت کي مساواتي ۽موثر طريقو سان ڦهلائي ۽ اجاگر ڪري سگهن .

يوسف جميل لغاري هي ڪتاب تعليم ۽ تربيت جي کوٽ ۽ ابتدائي تعليم جي اوڻايين کي ذهن ۾ رکندي ۽ تعليم ۽ تربيت ۾ خامين ۽ خاصيتن جي عڪاسي ڪندي ۽ انهن خامين ۽ خاصيتن کي پوري ڪرڻ جا پڻ گر ۽ طريقا پڻ ٻڌايا آهن. ڀاءُ يوسف جميل لغاري هن ڪتاب ۾ تعليم ۽ تربيت جي مختلف وصفن ٻڌائڻ سان گڏوگڏ ان جي اهميت ۽ افاديت کان پڻ واقف ڪرايو آهي. مون کي هي ڪتاب پڙهندي تمام گهڻي خوشي ۽ سرهائي محسوس ٿي رهي آهي ته لطيف ورسٽيء جي فيڪلٽي آف ايجوڪيشن ۾ فائنل ڪندڙ ۽ اسان جي موسٽ سينيئر ۽ خاص ڪري ادبي دنيا ۾ مونسان تمام ڪلوز رهندڙ ادبي استاد ڀاءُ يوسف جميل لغاري هي عمل سر انجام ڏنو آهي جنهن عمل تي منهنجي طرفان کيس کي ۽ سندس گهر ڀاتين کي تمام گهڻيون واڌايون هجن.

هن ڪتاب ۾ يوسف جميل لغاري نه صرف تعليم ، تربيت کي بحث هيٺ آندو آهي بلڪه ، علم ، ادب ، ۽ نفسيات توڙي فلسفي کي پڻ بيان ڪيو آهي ۽ ان جي تھ ۽ اٿاه تائين وڃي ان جي اهميت ۽ افاديت کان واقف ڪرايو آهي. مان اڄ جي تعليم سان وابسته استادن توڙي شاگردن کي اها گذارش ضرور ڪندس ته هن ڪتاب کي هڪ دفعو پڙهي ۽ مطالعو ڪري نه صرف انفرادي طور تي لاڀ حاصل ڪري سگهجي ٿو بلڪه هن ڪتاب ۾ ڏسيل گرن تي عمل ڪندي اجتماعي طور تي تعليم ،تربيت توڙي معاشري ۾ ڪافي تبديليون آڻي سگهن ٿيون.

ڇو جو هن ڪتاب ۾ تعليم ۽ تربيت کي نه صرف بيان ڪيو آهي بلڪه پڙهڻ پڙهائڻ توڙي سکڻ ۽ سيکارڻ جا طريقا پڻ ٻڌايا ويا آهن جنهن تي عمل ڪندي استاد صاحبان نه صرف پاڻ فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا بلڪه پنهنجي شاگردن جي روين ۾ به ڪافي تبديليون آڻي سگهن ٿا ڇو جو هن ڪتاب ۾ استاد صاحبان لاءِ پڙهڻ پڙهائڻ جي جديد ۽ نوَن طريقن کي بحث هيٺ آندو ويو آهي ۽ اجاگر ڪيو ويو آهي جنهن طريقن کي اپنائي ۽ ان تي عمل پيرا ڪندي شاگردن کي سکڻ جا نه صرف نوان گَسَ ۽ رستا ٻڌائي سگهجن ٿا بلڪه پاڻ به انهن تي عمل ڪندي نون طريقن کي اپنائي شاگردن کي نون طريقن کان نه صرف روشناس ڪري سگهجي ٿو بلڪه انهن طريقن ۽ گرن تي عمل ڪندي شاگردن جي روين ۾ به ڪافي تبديليون آڻي سگهن ٿيون.

۽ آخر ۾ مان هن ڪتاب توڙي ليکڪ جي تعريف نه بلڪه هن ڪتاب جي حقيقت ضرور بيان ڪندس ته هي ڪتاب نه صرف ڪتاب آهي بلڪه هي ڪتاب پنهنجي وجود د ۾ هڪ الڳ تاريخ رکي ٿو جيڪا صدين تائين سدا حيات زنده رهندي ۽ ايندڙ نسلن لاءِ پڻ سڌاري جو سبب بڻبي.
دعائن جو طلبگار


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو