ادبي دنيا ۾ هٿ سان پيدا ڪيل لاھ، چاڙها ۽ مونجهارا




ادب هڪ اهڙي پناه گاھ آهي، جتي خوابن ۽ خيالن جو هڪ ٻي سان ملڻ ٿيندو آهي. جتي لفظ خوشبو وکيريندا آهن ۽ اهل دل اُنهي خوشبو مان سيراب ٿيندا آهن. اکين جي اُڃ صفحن کي ڏسڻ سان ختم ٿيندي آهي. ماڻهو ته مڙئي ماڻهو آهي ڪڏهن ڪئين آهي ته ڪڏهن ڪئين آهي. ڪڏهن پورو ڪتاب هڪ ئي ساهي ۾ پڙهيو ڇڏي ته وري ڪڏهن هڪ ئي صفحي يا هڪ ئي نقطي تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ اٽڪيو خاموش ويٺو هجي. تنهن هوندي به من جي مونجھ يا اندر جي آند مانڌ کي ماٺار بخشڻ لاءَ ماڻهو کي ادب جو ئي پاسو وٺڻو پوندو آهي. اِنهي اُڻ تُڻ ۾ دل کي تسڪين ڏيڻ لاءَ مجموعي طور هر ڪو شاعري کي ٻُڌڻ يا شاعري کي پڙهڻ ئي پسند ڪندو آهي. ڇو ته شاعري ماضي جو عڪس ڏيکاريندي، مستقبل لاءَ سُجاڳي جو سنهيو کڻي ايندي آهي. هي جملا مون پنهنجي نوجوان دوست ۽ شاعر سانوڻ ڦل جي شخصيت تي لکيل نوٽ ۾ لکيا هيا.

آئون ادب کي هڪ پناهگاھ طور سمجهندو آهيان جتي لفظن جا ننڍڙا پتڪڙا گهر ٺهيل هوندا آهن ۽ ماڻهو انهن گهرن ۾ سڪونيت اختيار ڪرڻ لاءِ هن پاسي ڏانهن پنهنجو رخ ڪندا آهن. هي جهان بنھ الڳ ۽ نرالو جهان آهي. هن جي حُسناڪي جو عالم اِهو آهي جو هتي ٽٽل دليون پاڻ ۾ جڙي ڪري هڪ ٿي وينديون آهن. هن دنيا ۾ ماڻهو گهٽ ڳالهائيندا آهن ۽ ڪتابن سان گفتگو گهڻي ٿيندي آهي. سنڌ اندر ماڻهن جو پيار ڪتابن سان ڏينهون ڏينهن وڌنڌو ٿو وڃي ۽ ڪتابن کي ماڻهو پنهنجو ساٿي سمجهندي انهن سان پنهنجو وقت گهڻو گذاريندا آهن. ائين ناهي ته ڪو اسان وٽ ڪتابن جي قطعه سالي آهي. اسان وٽ سنڌ اندر ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ ڪتابن جهجي تعداد ۾ ڇپجن به ٿا ۽ وڪرو به ٿين ٿا. اِها ڳالھ تحقيق ۾ ثابت ٿيل آهي. ها باقي اَها ڳالھ الڳ آهي ته هن وقت ادبي دنيا ۾ عجيب قسم جا لاھ، چاڙها ۽ مونجهارا هٿ سان پيدا ڪيا ويا آهن ته جئين نون لکندڙن لاءِ ترقي جا سڀ دروازا بند هجن ۽ اُهي پري کان ڪرڪيٽ جي تماشائين وانگر لطف اندوز ٿيندا رهن.

ادبي دنيا جي هن گُوناگُون سفر ۾ کوڙ سارن تخليقڪارن پنهنجي سموري عمر لڳائي ڇڏي ۽ مختلف حالاتن کي منهن ڏيندي به انهن پنهنجو ساٿ ڀرپور نموني نڀايو. ڪنهن به مسافري ۾ سفر ڪندڙ سڀئي مسافر هڪ ٻي کان مٿانهون ڪونه هوندا آهن. سفر ۾ سڀني جي حيثيت هڪ جيتري هوندي آهي پر پاڻ وٽ الميو اِهو آهي ته هن ادبي سفر ۾ وري روايتون ئي الڳ آهن. روايتون ڇا، اڃا به ائين کڻي چئجي ته هٿ ٺوڪيا اصول ۽ ضابطه ٺاهيا ويا آهن. هڪڙا چون ٿا ته ادب ۾ ننڍ وڏائي جو ڪوبه تصور نه هجي. انهي تصور سان نون تخليقڪارن جي دل شڪني ٿئي ٿي ۽ هڪڙن جو خيال آهي ته جيڪڏهن ادب ۾ ننڍ وڏائي جو فرق نه هوندو ته پوءِ نوان تخليقڪار اسان جون نشستون سنڀالي ويهي رهندا ۽ اسان کي گهر ڀيڙو ٿيڻو پوندو. انهي خوف کان پاڻ کي ڏاها توڙي مفڪر سمجهندڙ عقل کان آجا خالي دماغ سان کوکلا مون کوڙ ڏٺا آهن.

جيڪڏهن ڪو نئون تخليقڪار پنهنجو نور نچوئڻ باوجود ادب ۾ پنهنجي ٿوري ٿڪي جاءِ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته کيس اُتساھ ڏيڻ بجاءِ ان تي آڱريون سڌيون ڪن ٿا ۽ ان کي رستي تان هٽائڻ جا نوان ۽ جديد طريقا متعارف ڪرائن ٿا. سنڌ اندر کوڙ سارا اهڙا شاعر آهن جيڪي پاڻ کي شاعر ثابت ڪرائڻ خاطر فيس بڪ تي عورتن جي نالي سان اڪائونٽ ٺاهي ڪري انهن جي مدد سان پاڻ کي مٿي آڻڻ جي اڻ ٿڪ ڪوشش ۾ مصروف آهن. ويچارن کي ايترو عقل ڪونه آهي جو هو پنهنجي تخليق جي پُختگي سان پاڻ کي دنيا آڏو شاعر ثابت ڪري سگهن. اهڙن شاعرن جي اهڙن عملن کي ڏسي ڪري اسان جو شاعري طرف ارواح ئي کڄي ويو آهي ۽ اسان چپ چاپ ۾ نثر سان پنهنجو پيچ اڙايو ويٺا آهيون. تڏهن به اسان جي نثر کي اهڙن ساڙ جي سڙيل ماڻهن جو ڪڏهن ڪڏهن سيڪ اچي ويندو آهي ۽ اسان جو پاند به اهڙن جي مڪارن ۾ ڦاسي پوندو آهي پر تڏهن به اسان کي ايترو خطرو ۽ خوف لاحق ڪونه آهي جيترو انهن ڪوڙن تخليقڪارن کي پنهنجي پلڪارن کان آهي.


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو