وري يادگيرين ورايو اسان کي…ڪئمپس ڊائري


حصو اٺون

آئون اهڙين ڳالهين سان بلڪل بہ سهمت ناهيان، ٽيڪنالاجي تہ اسان جو ٽائيم بچائي ٿي ٽيڪنالاجي تہ ناممڪن کي ممڪن بڻائي ڏيکاريو آهي پوءِ اسان اُن کي معاشري جي بگاڙ جو ڀاڳي ڀائيوار ڪئين ٿا سڏي سگهون، هر شئي جا ٻہ پهلو ٿيندا آهن ۽ اسان هميشه هر شئي جي منفي پهلو کي ڏسندا آهيون، هي ڪائنات سڄي ڳڄھ سان ڀري پئي آهي توهان هن جي ڪيترن ڳڄهن کي پروڙيون آهي؟ ڇا اوهان وٽ اها سگھ آهي جو هن ڪائنات جي رمزن کي سمجهي سگهو؟، پنهجو پاڻ کي پرکي ڏسو ڇا اوهان هڪ صحتمند ذهن جا مالڪ آهيو؟ 

هڪ دفعي وري ڪنهن ٻي محفل ۾ ويٺي مون ڪجھ هن طرح سان ڳالهايو هو.” اسان وٽ سٺن، عمدن ۽ بهترين اڳواڻن جي شديد کوٽ آهي، اسان سنڌين جي سٻاجهڙائپ، سادگي ۽ مسڪيني ڏسي ڪري هر شاتر ۽ دوڪيباز دماغ اسان کي ڦريو، لٽيو هليو ٿو وڃي، اسان وٽ اگر ڪو ڪامرو کن پل لا۽ کَلي ملي پوندو تہ اسين پنهنجو پاڻ سڄو ان کي ارپي ڇڏينداسين، ورهيہ اسان کي نڌڪوڻو ڪري ويل اسان جي تڪ جا قومي ۽ صوبائي ميمبر جيڪڏهن اليڪشن مهم دوران اسان جي اوطاق ۾ کن پل لا۽ آيا تہ اسين سندس ڪيل سڀ غلطين ۽ گناهن کي درگذر ڪري، وري سندن نارن لڳائڻ ۾ شروع ٿي وينداسين.

اسان جي عقل کي زرب لڳل آهي، اسان جي اکين تي عقيدن جون ڪارون پٽيون ٻڌيو ويون آهن، اسان جي ذهنن کي ابدي طور غلامي جي زنجيرن ۾ وڪوڙيو ويو آهي. چند ٽڪي وڪاميل مفاد پرست خورن جي چڪر ۾ پوري قوم کي اجتماعي نقصان کڻڻو ٿو پوي، اسان وٽ پڙهيل لکيل فردن جي کوٽ ناهي پر ان جي برعڪس کوٽ آهي انهن فردن جي جيڪي پنهنجو حق وٺڻ ڄاڻن، ها کوٽ آهي اهڙن فردن جي جيڪي سچ لکي سگهن، جيڪي سچ چئي سگهن ۽ جيڪي سچ ٻڌي سگهن، اسان جا سڀ ادرا پوءِ اُهي تعليمي ادارا هجن، صحت جا ادارا هجن يا وري ڪي ٻيا ادارا، سڀ جا سڀ تباه ٿي چڪا آهن. 

اوهان کي هر هنڌ رشوت خور ۽ ڪم چور ماڻهو نظر ايندا، هر ڪو هڪ ٻي جي پيرن ڪڍڻ جي پويا آهي. هت اسان جي معاشري ۾ ڪو بہ ڪنهن ظالم، جابر يا وري شاتر خلاف ڪجھ لکڻ، ڪڇڻ يا پُڇڻ جي همت نہ ٿو ڪري جنهن جي سبب اهو ظالم اڃان طاقتور ٿي ٿو، ان جي ڏاڍ ۽ جبلت ۾ اضافو ٿي ٿو، قوم جي خاموشي اُنهن جي فتح ثابت ٿئي ٿي، پڙهيل لکيل طبقو خاموشي جا روزا رکيو ويٺي آهي ۽ وري جي ڪجھ شعوري فرد قوم جي بقا ۽ ڀلائي خاطر ڪنهن جدوجهد يا حڪمت عملي جو حصو ٿين ٿا تہ موٽ ۾ کين ٽوڪو ۽ چٿڙ نصيب ٿين ٿا. 

جيستائين هن قوم جو پڙهيل لکيل نوجوان طبقو سياست ۾ پنهنجو عملي ڪردار ادا نہ ٿو ڪري تيستائين فل حال ڪنهن بہ بهتري يا چڱائي جي توقع نہ ٿي ڪري سگهجي، ان لا۽ هن قوم جي هر پڙهيل لکيل طبقي جي نوجوانن کي آڇ ٿي ڪجي تہ هُو پنهنجو عملي ڪردار ادا ڪن ۽ هن معاشري کي اڏڻ ۾ مدد ڪن.“  سائين سرفراز شاه هڪ ڏينهن مون کي چيو تہ تون هتان جو ننڍو سرفراز شاه آهين تون ۾ مون کي پنهنجو عڪس نظر اچي ٿو، سائين جي انهن لفظن منهنجي من کي باغ و بهار ڪري ڇڏيو هو، مون ان ڏينهن جيڪا خوشي محسوس ڪئي هئي اهڙي خوشي شايد ڪڏهن محسوس ڪئي هجي.

ڇو تہ هن فيڪلٽي ۾ پير پائيندي مون جيڪي خواب ڏٺا هئا تن مان تقريبن سڀ ساڀيان حاصل ڪري رهيا هئا، سٺن دوستن جو ساٿ، سٺو ماحول، سٺا رهبر توڙي فڪري ۽ ذهني واڌ ويجھ لاءِ نوان لاڙا فراهم ڪندڙ سائين جهڙا عظيم شخص مون کي تہ ڄڻ پڙهڻ جو سڄو مواد ميسر ٿي چڪو هو، هاڻ بس ڏينهن پي گذاريس ۽ اُهي بہ هڪ اهڙي ماڻهو لاءِ جنهن جي دل ۾ مون لاءِ ڪجھ محبت وڃي باقي بچي هئي.

هلندڙ


Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو