سنڌ جي سُڄاڻ ۽ تعليم يافته نياڻي جون ڪوششون

 



فرزانه چانڊيو سنڌ جي اُها باشعور ۽ تعليم يافته نياڻي آهي جنهن کي مون هميشه تعليم جي بهتري لاءِ جاکوڙيندي ڏٺو آهي. سندس لکڻين مان تعليم جي هٻڪار ايندي آهي. نه صرف سنڌ اندر بلڪ سنڌ کان ٻاهر به سندس سُڃاڻپ هڪ تعليمدان طور ئي آهي. تعليم جي ميدان ۾ اسان جي سنڌ جي هي باشعور نياڻي گهڻي عرصي کان پاڻ پتوڙي رهي آهي ۽ اِنهي پتوڙ دوران ادب جي جهول ۾ ٻه ڪتاب ڏئي چڪي آهي. انهن ڪتابن ۾ سندس پهرين ڪتاب کي پڙهندڙن وٽ باقاعده پذيرائي ملي آهي ۽ اُنهي ڪتاب کان پوءِ سندس هي ٻيو ڪتاب تازو ئي پيڪاڪ پبلشرس ڪراچي طرفان ڇاپي ڪري پڌرو ڪيو ويو آهي. گذريل ڪجھ عرصي کان سنڌ جو هي اشاعتي ادارو تعليم جي موضوع تي پڙهندڙن جي جهول ۾ سُٺا ڪتاب ڏئي رهيو آهي. جيڪو هڪ خوش آئينده عمل آهي ۽ پڙهندڙ ادبي ڪتابن سان گڏوگڏ اُنهن ۾ موجود نصابي معلومات سان به مستفيد ٿي رهيا آهن. هن ڪتاب جو موضوع ”سرڪاري ۽ نجي اسڪولن ۾ مختلف پڙهايو ويندڙ نصاب آهي“. هي موضوع وڏي تحقيق ۽ کوجنا کان پوءِ ئي مڪمل ٿيو آهي. هي ڪتاب ادبي ڪتاب هجڻ سان گڏوگڏ نصابي ۽ تحقيقي ڪتاب پڻ آهي. هي ڪتاب اِنهي حوالي سان به وڏي اهميت جو حامل آهي. فرزانه چانڊيو سان منهنجي پهرين ملاقات سنڌ جي هوائن جي شهر ڄامشوري ۾ ٿي هئي. جڏهن آئون ۽ فرزانه ايم فل جي ٽيسٽ ڏيڻ لاءِ گڏيا هياسين. هي هڪ اتفاقي ملاقات هئي. جنهن ۾ گهڻي يا تفصيلي نه بلڪ مختصر ڪچهري ٿي هئي. جيڪا بنيادي طور تي مڪمل ادبي ۽ تعليمي ڪچهري هئي. ماڻهو جيڪڏهن ساڳي شعبي سان سلهاڙيل هجي ته هوند ملاقات جو مزو ئي ٻيڻو ٿي ويندو آهي. فرزانه ۽ آئون تعليم کاتي سان لاڳاپيل هجڻ جي باوجود ٻئي ادب سان به سلهاڙيل آهيون. اسان ۾ گهڻيون نه سهي بلڪ هي هڪ ٻه هڪجهڙايون ضرور آهن. جنهن ڪري اسان هڪ ٻي سان ادبي توڙي تعليمي دوستي واري ڌارا ۾ پويل آهيون.


اسان جا تعليمي ادارا انتهائي پوئتي پيل آهن. اُنهن ۾ گهڻي قدر بنيادي سهولتن جي کوٽ آهي. تعليم کاتو خسته حالي جو شڪار آهي. جنهن ڪري اسان جي اڄ جو نوجوان عالمي بنيادن تي مقرر ٿيل معيار تي پورو نه ٿو لهي. جنهن جا کوڙ سارا سبب آهن. مجموعي طور سڀني معاملن ۾ جيڪو اهم معاملو آهي سو آهي سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارن ۾ پڙهايو ويندڙ نصاب جيڪو هڪ ٻي کان مختلف آهي. سموري ملڪ جا تعليمي ادارا پنهنجي حساب سان الڳ الڳ نصاب پڙهائي رهيا آهن. جيتوڻيڪ سموري ملڪ ۾ هڪ ئي وقت هڪ ئي نصاب هجڻ گهرجي. اِنهي نصاب واري پهلو کي اڃا وڌيڪ واضع ۽ چٽو بنائڻ لاءِ سنڌ جي هن سُڄاڻ نياڻي هي ڪتاب ترتيب ڏنو آهي. جيڪو دراصل سندس تحقيق جو عنوان هيو ۽ هن وڏي جاکوڙ ۽ محنت سان انهي موضوع کي عيان ڪيو آهي. جئين تعليمي ماهر هن اهم معاملي کي سمجهي سگهن ۽ سڀني تعليمي ادارن ۾ هڪجهڙو نصاب رائج ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن. مون هن ڪتاب کي هڪ ئي ساهي/ويهڪ ۾ پڙهيو آهي. ڇو ته هي ڪتاب موضوعاتي حوالي سان ڪنهن به تعليمي ماهر لاءِ اهم ڪتاب جو درجو رکي ٿي. هن ڪتاب کي مڪمل نه پڙهڻ هن ڪتاب جي ليکڪ سان انصافي چئبي.


نصاب هڪ اهڙو رستو آهي جنهن تي هلي ڪري ڪو به شاگرد پنهنجي منزل تي پهچي سگهي ٿو. هن ڪتاب ۾ تعليم جي وصف سان گڏوگڏ نصاب ڇا آهي؟ نصاب ڪئين ترتيب ڏنو ويندو آهي؟ نصاب ٺاهڻ ڪهڙن ادارن جو ڪم آهي؟ اهو سڀ ڪجھ واضع نموني سان بيان ڪيو آهي. انهي سان گڏوگڏ نصاب جون خصوصيتون به بيان ڪيون ويون آهن ۽ تعليمي ادارن ۾ رائج جديد توڙي قديمي نصاب تي به بحث ڪيو ويو آهي. سرڪاري توڙي نجي تعليمي ادارن جي سربراھن، اُستادن، شاگردن ۽ والدين کان نصاب ۾ درپيش ڏکيائين، سولائين ۽ بهتري لاءِ تجويزون انٽرويز وسيلي ورتيون ويون آهن ته جئين نصاب کي مڪمل طور تي سمجهي سگهجي. تعليمي ادارن ۾ نصاب کي پورو ڪرائڻ جو ذمو اُستاد جو هوندو آهي. ان لاءِ هن ڪتاب ۾ حڪومت طرفان اُستادن لاءِ عالمي بنيادن تي جيڪي معيار مقرر ڪيا ويا آهن. اُنهن کي به سُٺي نموني وضاحت سان بيان ڪيو ويو آهي ته هڪ اُستاد ۾ پنهنجي پيشي جي حوالي سان ڪهڙيون سُٺايون هجڻ گهرجن ۽ سندس ذميواريون ڪهڙيون آهن ته جئين اُنهن تي عمل پيرا ٿي ڪري اُهو پنهنجي ڊيوٽي سُٺي نموني سرانجام ڏئي سگهي. مجموعي طور تي هي ڪتاب نه صرف پڙهڻ جهڙو آهي بلڪ هن ڪتاب ۾ ڏنل سموري معلومات تعليمي ماهرن، نصاب جوڙيندڙ ادارن، شاگردن ۽ والدين لاءِ فائدي مند آهي. جيڪي هن ڪتاب مان گهڻو ئي فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا. انهي سان گڏوگڏ تعليم جي شعبي ۾ تحقيق ڪندڙ اسڪالرن کي به هي ڪتاب کوڙ سارو فائدو ڏئي سگهي ٿي ڇو ته هن ڪتاب بذات خود تحقيق جو ئي نتيجو آهي.


اوهان هن مضمون کي موقف جي ويب تي به پڙهي سگهو ٿا؛


https://www.moquf.com/2020/12/28/سنڌ-جي-سُڄاڻ-۽-تعليم-يافته-نياڻي-جون-ڪوش/

Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو