پنهنجي نالي جيان هڪ منفرد ۽ نرالو ڪتاب





اسان جنهن معاشري جا حصا آهيون. اُهو معاشرو هاڻ ايتري قدر تضادن جي ور چڙهي ويو آهي جو هن ڌرتي تي هر روز نوان الميا جنم وٺڻ لڳا آهن. اڃا به ائين کڻي چئجي ته اسان جنهن ڌرتي تي رهون ٿا، اُها ڌرتي هاڻ المين جي ڌرتي بڻجي چڪي آهي. هن ڌرتي تي رهندڙ ماڻهن جو ڪار وهنوار سک، شانتي، پيار، محبت ۽ ڀائپي جي بجاءِ نفرت ڦهلائڻ آهي. هتي شعور رکندڙ ماڻهوءَ هميشه اذيتن جي گِهيري ۾ رهندو آيو آهي ۽ رهي ٿو. سماجي بگاڙ کي درست ڪندي ھُو پاڻ ئي پنهنجي اصلي مدار کان ذري گهٽ هٽي وڃي ٿو ۽ اِنهي هٽڻ جي ڪري سندس ذهني پيڙاھ گهٽجڻ بدران اڃا وڌيڪ وڌڻ شروع ٿئي ٿي. ائين ئي اڳتي هلندي سندس وجود ناانصافي، اڻ برابري ۽ سماجي بگاڙ سان منهن مهان ٿيندي مضبوط ٿيندو آهي. دنيا جي مشهور ڏاهي، والٽيئر چيو آهي ته؛ ”اوهان کي انهيءَ حقيقت جو شعور هُئڻ گهرجي ته جڏهن کان دنيا وجودَ ۾ آئي آهي وحشي نسلن کي ڇڏي دنيا تي هميشه ڪِتابن جي حڪمراني رهي آهي“. هي ڪتاب جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي. هن ڪتاب جي سُڄاڻ ليکڪ جي خواهش به اِها ئي ساڳي خواهش آهي ته دنيا تي ڪتابن جي حڪمراني هجي ۽ ماڻهن جو بهترين مشغلو ۽ وندر مطالعو هجي

اوهان جيڪڏهن ڪتاب پڙهندڙ آهيو ته اوهان کي معلوم هوندو ته ڪتابن جو پنهنجو هڪ الڳ ذائقو هوندو آهي. اهڙو ذائقو جنهن کي ڪتاب پڙهندڙ ئي سمجهي سگهن ٿا. هڪڙا ڪتاب سوچ جون نيون راهون هموار ڪرڻ سان گڏ ماڻهوءَ کي ذهني طور سڄاڳ رکندا آهن ته ٻيا ڪتاب وري ماڻهوءَ کي ذهني طور جنجھوڙڻ جو ڪردار ادا ڪندا آهن. اِنهي طريقي سان ڪتاب پڙهندڙ کي گهڻو ڪجھ ٻڌائڻ سان گڏوگڏ گهڻو ڪجھ سمجهائيندا به آهن. عبراني چوڻي آهي ته؛”جيڪڏهن خدا آڪاش جي بدران ڌرتي تي رهي ها ته ماڻهون سندس گھر جون دريون تائين ڀڃي ڇڏين ها“. اِها حقيقت به آهي ته اسان اڄ تائين ٺاهڻ جي بدران رڳو ڊاهڻ ئي سکيا آهيون. اسان ڳنڍڻ جي بدران ڇنڻ سکيا آهيون. اسان پيار، محبت ۽ عزت ڏيڻ بدران اَنهن جذبن توڙي احساسن کي مروڙڻ سکيا آهيون. تڏهن ته اسان وٽ هر شئي جو توازن بگڙيل آهي، جڏهن شيون پنهنجو توازن وڃائڻ شروع ڪن ته سمجهي وڃو ته فنا جا ڏينهن ويجها آهن

هي ڪتاب سنڌ جي سورن جو زنده جاويد دستاويز آهي. جنهن ۾ سنڌ جي ماضي، حال ۽ مستقبل متعلق انتهائي سليس نموني سان وارتائون بيان ڪيل آهن. هن ڪتاب ۾ ليکڪ جو مکيه نقطه نظر سنڌ آهي. اِها ڳالهه انتهائي خوشي جهڙي آهي ته اڄ جو نوجوان سنڌ جي موجوده حالتن تي پنهنجي گهيري نگاهه رکڻ سان گڏوگڏ اُنهن موجوده حالتن کي عالمي تناسب سان ڀيٽڻ جي سگھ به رکي ٿو. هن ليکڪ جي مڙني خاصيتن منجهان اِها به سندس اهم خاصيت آهي ته ھُو هميشه سنڌ لاءِ ئي سوچي ۽ لوچي ٿو. آئون جڏهن به حيدرآباد يا ڄامشوري جي حدن ۾ پهچندو آهيان، اُتان جي هوا لڳڻ سان مون کي هي يار شدت سان ياد اچڻ لڳندو آهي. اِئين ڪڏهن به ڪونه ٿيو آهي جو آئون اَنهن هوائن جو ڀرم ٽوڙيندي حيدرآباد يا ڄامشوري ۾ هوندي ساڻس نه مليو هجان. اسان جون ملاقاتون اِئين ئي ٿينديون آهن. سندس چهري تي هميشه آئون سنڌ جي نقشي کي نمايا ڏسندو آهيان. سندس گفتار مان سنڌ ڳالهائيندي آهي. اسان جو هي يار جڏهن به ڪا ڳالھ، ڪو قصو يا ڪا وارتا بيان ڪندو آهي ته سندس لهجي ۾ کوڙ ساريون تشبيهون پاڻهي ڄاڻ اچي ڪري پيش پونديون آهن. اِها ليکڪ جي خوشنصيبي چئبي جو هُو هميشه پنهنجي ڌرتي کي سامهون رکي ڪري لکي ٿو ۽ سندس اِها ڪوشش سنڌ ڌرتي لاءِ سوچيندڙ ۽ لوچيندڙ ماڻهن جي فهرست ۾ کيس شمار ڪرائيندي

ڪيڏو نه ڀلو ٿئي جو نئين ٽهي جا سڀ ليکڪ ائين ئي پنهنجي ڌرتي سان پنهنجي پيار جو اظهار ڪن. پنهنجي ڌرتي جي مسڪين ماڻهن لاءِ پنهنجي شعور کي ڪتب آڻن ۽ هن ڪتاب جهڙا شاهڪار ڪتاب ماڻهن جي مطالعي لاءِ پيش ڪن. جن ڪتابن کي پڙهندي سنڌ جي عظيم ليکڪن، دانشورن ۽ قومي اجتماعي سوچ رکندڙ فردن جا تذڪرا پڙهڻ لاءِ ملن ٿا. ان سان گڏوگڏ عالمي ادب ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهيندڙ ۽ ماڻهن جي دلين تي ڇاپ هڻندڙ مقررن جهڙوڪ مولانه ابواڪلام آزاد جهڙن مفڪرن کان وٺي ڪري عظيم شاعرن، فلاسافرن ۽ انقلابي ماڻهن جي جدوجهد جو سمورو عڪس ڏسڻ وٽان ملي ٿو. هي ڪتاب پنهنجي ڌرتي سان عشق جو هڪ اعليٰ اظهار ئي آهي جيڪو اسان کي ٻڌائي ٿو ته ليکڪ جي دل ۾ هڪڙو درد هميشه دکندو ئي رهي ٿو جنهن درد جو درمان تڏهن ئي ٿيندو جڏهن هي ڌرتي قابص قوتن کان آزادي ماڻيندي ۽ هتان جا ماڻهوءَ دنيا جي تختي تي هڪ دفعو ٻيهر عظيم تهذيب جا علمبردار ٿي ڪري سامهون ايندا. هڪ اهڙي تهذيب، جيڪا صدين کان عالم انسانيت جي بقا ۽ بهبود لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهي آهي

روزاني آجيان شڪارپور، خميس 04 فيبروري 2021

Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو