نوجوانن جي هن طرح رهنمائي ڪرڻ گهرجي _ثاقب بلوچ




هن وقت سنڌي ادب جي وشال آڪاش تي اُڀ تي تارن جيان ٽمڪندڙ کوڙ سارا نوجوان ليکڪ آهن جيڪي نه صرف سُٺو لکي رهيا آهن پر سُٺو ۽ معياري ادب پڙهي به رهيا آهن. جديد دنيا جي تقاضائن کي سامهون رکندي اُهي پنهنجي قلم سان علم جي جوت جلائي رهيا آهن. اهڙن ئي جاکوڙي نوجوانن ۾ هن ڪتاب جي ليکڪ کي به شمار ڪري سگهجي ٿو. يوسف جميل لغاري سنڌ جو اُهو ڀاڳوند نوجوان ليکڪ آهي جنهن جي حصي ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ آيو آهي. مصروفيتن جي هن جهان ۾ هوندي به هي نوجوان مسلسل لکي ۽ پڙهي رهيو آهي جيڪا خوش آئينده ڳالھ آهي. تازو ئي مرڪ پبليڪيشن ڪراچي طرفان سندس ڪالمن ۽ مضمونن تي مشتمل ڪتاب ڪاغذي ڳالهيون ڇاپي ڪري پڌرو ڪيو ويو آهي. هي ڪتاب پنجن حصن تي مشتمل آهي. جنهن ۾ اُهي ڪالم ۽ مضمون شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ سنڌي رسالن ۾ ڇپيا آهن. ڪتاب جي پهرين حصي ۾ ڪُل ۱۵ ڪالم شامل ڪيا ويا آهن. جيڪي ڪُل وقتي موضوعن تي لکيل آهن ۽ اُنهن ۾ سنڌ، سنڌ جي نوجوانن جي مستقبل ۽ سنڌ ڌرتي جي آئيندي لاءِ سنهرن خوابن جو تذڪرو ڪيل آهي. اِنهي سان گڏوگڏ حصي ٻئي ۾ ست اصلاحي مضمون آهن. جنهن ۾ نوڪري واري ٽيسٽ ڪيئن ڏجي؟ نوڪري لاءِ انٽرويو ڪيئن ڏجي؟ تقرير جا بنيادي اصول ڪهڙا آهن؟ اِنهي نموني جا ڪارائتا مضمون شامل ڪيا ويا آهن. حصي ٽين ۾ سنڌي ادب جي مخلتف اهم ڪتابن تي لکيل ارڙھ کن مضمون/تبصرا شامل آهن. حصي ڇوٿين ۾ اُهي تاثرات ۽ مهاڳ شامل آهن. جيڪي مختلف ڪتابن لاءِ لکيا ويا آهن. حصو پنجون جيڪو هن ڪتاب جو آخري حصو آهي. اُن ۾ اٺ مڪمل اصلاحي مضمون شامل آهن. جيڪي ٻين ٻولين جهڙوڪ انگريزي ۽ اردو تان ترجما ڪيا ويا آهن. هنن مضمونن جي اڄ جي دور ۾ هر هڪ شاگرد ۽ نوڪري جي حاصلات لاءِ ڊڪ ڊوڙ پائيندڙ نوجوان کي اشهد ضرورت آهي. ڇو ته هي مضمون اُتساھ ڏيندڙ مضمون آهن ۽ پنهنجي صلاحيتن کي سڃاڻڻ ۾ مددگار ٿيڻ سان گڏ پنهنجي صلاحيتن کان ڀرپور فائدو وٺڻ ۽ اُنهن جي آڌار تي ڪم ڪرڻ لاءِ رستو هموار ڪن ٿا. جڏهن ته هن ڪتاب ۾ نوجوان ليکڪن راشد شر، رشيد احمد خاصخيلي ۽ اظهر امر جا تاثرات به شامل ڪيا ويا آهن ۽ ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل نوجوان ليکڪ، شاعر، ناولنگار ۽ مترجم احمد شاڪر لکيو آهي. 260 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 300 روپيه رکي وئي آهي

Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو