مهاڳ يا منهنجي ڪهاڻي؟




انسان سان گڏ هن ڌرتي تي ٻيون به ڪافي شيون واڌ ويجھ ڪن ٿيون. انهن شين ۾ انساني خواهشون هجن، انساني خواب هجن يا وري انساني ڏک توڙي سور هجن، هي سڀ جا سڀ انسان سان گڏ سندس عمر ۾ ساٿ نڀائيندي وڌڻ شروع ٿين ٿا. عمر جي تقاضا مطابق خواهشون به وڌڻ لڳنديون آهن، عمر جي تقاضا مطابق خواب به پنهنجو دائرو وسيع ڪندا آهن ته وري اُتي ئي انساني زندگي ۾ درپيش ڏک، درد ۽ پيڙاهه به وقت جي مناسبت سان وڌي وڻ ٿيندا آهن. اِهڙي صورتحال سان مقابلو يقينن هر ماڻهو نه ڪري سگهندو آهي. جن وٽ حوصلو، جذبو ۽ مستقل مزاجي واري واٽ هوندي آهي، سي سيبتا انسان زندگي جي مختلف لاهن ۽ چاڙهن مان اُڪري ڪري پار پهچندا آهن ۽ اِنهي جي اُبتڙ وري جن وٽ ڪنهن به ننڍي معاملي يا مونجهاري تي مايوسي حاوي ٿي ويندي آهي ۽ اُهي سُسُت ٿي پوندا آهن ته تڏهن اُنهن کي ائين لڳندو آهي ته ڄڻ زندگي مايوسي جي ڪُن ۾ ڦاسي پئي آهي. هاڻ اِها مايوسي يا نراسائي ايڏو وڏو معاملو ڪونه آهي جيترو انساني ذهن يا هڪ عام ماڻهو انهي کي سمجهندو آهي ۽ ان کان خوف کائيندو آهي. انسان جذبن جي وهڪرن ۾ ته هميشه وهي ئي وهي ٿو. ڪڏهن خوشي آهي ته وري ڪڏهن غم به آهي. هي ٻئي ڪيفيتون گڏوگڏ هڪ ٻي سان سلهاڙيل آهن. جتي وجود آهي اُتي عدم وجود به آهي. ان لاءِ وقتي پريشانين کان گهٻرائجي ڪري پاڻ کي نقصان قطعي نه ڏجي ۽ نه ئي ڪنهن ٻي کي رنجهه پهچائجي. ڇو ته حالتون ڪڏهن به هڪ جهڙيون ڪونه رهنديون آهن. حالتن سان گڏ انساني مزاج ۾ به تبديلي ايندي آهي ۽ ڪيفيتون به مٽجنديون رهنديون آهن. بس هميشه ڪوشش اِها هجي ته حالتون کڻي ڪيڏيون به ڳنڀير ڇو نه ٿي وڃن اُنهن سان منهن ڏجي ۽ دليري سان اُنهن جا مقابلو ڪجي. اِنهي کي ئي ته زندگي چئبو آهي. اصلي زندگي جو حقيقي مزو ئي تڏهن آهي جڏهن مخالف حالتن کي پنهنجي يقين ۽ اعتماد جي بنياد تي تبديل ڪري پنهنجي حق ۾ آڻي بيهارجي. تڏهن جيڪو سڪون ۽ سُرور ملندو آهي سو سڪون آئون سمجهان ٿو ته دنيا ۾ ڪٿي به ڪنهن به شئي ۾ ڪونه آهي


هي ڪائنات، انساني سوچ، فڪر ۽ خيال کان الائي ته ڪيترا دفعا وڏو آهي. ڇو ته هن ڪائنات جو آخري ڇيڙو اڄ ڏينهن تائين ڪوبه فرد معلوم نه ڪري سگهيو آهي. ائين ئي انساني سوچ جو جيڪو دائرو آهي سو به ائين کڻي چئجي ته هڪ وڏو اونهو اسرار آهي. جنهن کي پڻ اڄ ڏينهن تائين ڪوبه ماڻهو ماپي نه سگهيو آهي ته انساني سوچ ڪٿي ختم ٿئي ٿي. اِن لاءِ انهي سوچ جي وشال پاتار ۾ ڪافي ذهن وڃائجي ويندا آهن. بلڪل ائين جئين برمودا ٽرائينگل ۾ وزنائتي شيون گم ٿي وينديون آهن. انهي گشمدگي جو وري اِهو عالم آهي جو جيڪو ماڻهو دنياوي سوچن ۽ ڪم ڪارن ۾ پاڻ وڃائي ڇڏيندو آهي. تنهن کي پنهنجي پاڻ کي ڳولهڻ ئي ڄڻڪ وسري ويندو آهي. انهي لاغرضي واري مزاج سبب ڪافي ماڻهو پنهنجو ئي نقصان ڪري وجهندا آهن. قابليت هوندي به ٻڏتر جو شڪار رهندا آهن. ٻين ڏانهن واجهائيندا آهن. ٻين جي حاصلاتن تي حسرتن جي اکين سان ڳوڙها ڳاڙهيندا آهن ۽ پنهنجي محرومين کي مقدر سمجهي ڪري هٿ تي هٿ رکي زندگي گذاريندا آهن. اهڙي طرز زندگي انتهائي ٿڪائيندڙ ۽ بور ڪندڙ آهي. جيستائين زندگي کي گذراڻ لاءِ ڪو خاص سبب يا مقصد نه ٿو ملي تيستائين ماڻهو ائين زندگي گذاري ٿو جئين بند ڪمري ۾ ڏيئو. جنهن جي روشني نه ڪنهن جي ڪم جي ۽ نه ئي ان مان ڪو فائدو وٺندڙ اُتي موجود هجي. ان لاءِ سڀ کان پهريان جيڪو ڪم آهي سو آهي پنهنجي پاڻ کي تلاش ڪرڻ، پنهنجي پاڻ کي ڳولهي لهڻ ته آيا آئون ڇا آهيان ۽ ڇا ٿي سگهان ٿو؟ جنهن ڏينهن ماڻهو پنهنجي پاڻ کي تلاش ڪري ورتو انهي ڏينهن ماڻهو کي زندگي ملي ويندي ۽ اُن جي حياتي خالي ڪاڳر وانگر نه بلڪ هڪ اهميت جوڳي ڪتاب جهڙي ٿي ويندي، جنهن کي هر ماڻهو پڙهڻ چاهيندو. جنهن جا چرچا هر ماڻهو جي زبان تي عام ٿيڻ لڳندا ۽ جنهن کي هر ماڻهو عزت واري نگاھ سان ڏسندو. هن مهل جيتوڻيڪ دنيا وڏي تيزي سان ڪافي حد تائين ترقي ڪئي آهي ۽ انساني زندگي جا معيار مٽجي ويا آهن. تڏهن به جيڪو وزن صديون اڳ انساني ڪلهن تي هو اُهو وزن هن دور ۾ مشينن تي اچي پيو آهي ۽ روزاني زندگي ۾ اسان جو گهڻو تڻو واسطو مشينن سان آهي. پر اِنهي جي باوجود هڪ اهم ڳالھ هي پڻ آهي ته انهن مشينن کي هلائڻ لاءِ وري به ذهن انسان جو ئي درڪار هجي ٿو. جيڪڏهن انساني سوچ مفلوج بڻجي وڃي ته يقينن سڀئي آلات فائدي مند نه رهندا ۽ انهن جو استعمال صفا گهٽجي ويندو. اِها ڪرشماتي سگھ صرف انساني سوچ ۽ فڪر ۾ ئي آهي. جيڪو هر شئي کي متوازن نموني هلائي رهيو آهي. انسان به جيستائين پنهنجي پاڻ کان ۽ پنهنجي اهميت کان بي خبر آهي ۽ تيستائين ھُو ڪجھ به نه ٿو ڪري سگهي. جنهن ڏينهن کيس اِهو معلوم ٿئي ويو ته مون وٽ ڪهڙي ۽ ڪيتري سگھ آهي ۽ آئون ڇا مان ڇا ڪري سگهان ٿو ته اُنهي مهل سندس زندگي هڪ نئي مرحلي ۾ داخل ٿي ويندي ۽ سندس سنهري دور شروع ٿيندو


پاڻ سُڃاڻڻ يا پنهنجي پاڻ کي دريافت ڪرڻ ڪو ايڏو وڏو مسئلو ڪونه آهي. هي ته صفا سولو ۽ سستو ڪم آهي. بس هن ڪم ۾ ٿورو ڌيان گهربل آهي. جنهن جي آڌار تي اِهو فيصلو صادر ٿي سگهي ته مون ۾ ڪهڙا ڪرشماتي ڪرڻا موجود آهن. اسان کوڙ سارن ماڻهن وٽان اِهو ٻڌندا آهيون ته هن ڪائنات ۾ ڪا به شئي فضول تخليق ڪونه ڪئي وئي آهي. هر هڪ شئي جي ڪا نه ڪا اهميت ڪٿي نه ڪٿي ضرور آهي. اِهو اعتبار يقينن نه صرف اسان کي آهي بلڪ پوري دنيا جي سڀني انسانن کي به ساڳي ئي نموني آهي. اسان وٽ هي چوڻي صرف هڪ ڳالھ تائين ئي محدود آهي ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ هي چوڻي نه صرف عام آهي بلڪ انهي تي عمل به ٿيندو آهي. سُڌريل معاشرن ۾ ماڻهو فضول ويهڻ کان ڪجھ نه ڪجھ ڪرڻ يا ڪنهن نه ڪنهن ڌندي ۾ مصروف رهڻ کي وڌيڪ اوليت ڏيندا آهن. جنهن وسيلي هڪ ته انهن جي روزگار جو وسيلو پيدا ٿي پوندو آهي ۽ ٻيو ته ھُو اِنهي نموني پنهنجي قابليت جو اندازو به ڪري وٺندا آهن ته مون ۾ ڪهڙي ڪم ڪرڻ جو صلاحيت موجود آهي. آزاد خيال، آزاد نظرين کي جنم ڏيندا آهن ۽ آزاد نظريا، آزاد ملڪن کي جنم ڏيندا آهن ۽ آزاد ملڪ انسانن کي آزادي سان جيئڻ جو موقعو ڏيندا آهن. آزاد زندگي ۾ ئي سڀئي لوزومات سمايل آهن. فطرت پنهنجي مزاج ۾ آزادي پسند آهي. فطرت وٽ ڪنهن به روڪ، رنڊڪ يا غلامي جو تصور ڪونه آهي. فطري شين جي مزاج سان جڏهن هٿ چراند ٿيندي آهي ته تڏهن اُنهي مهل اِهي وڏو ڌمچر مچائينديون آهن ۽ هن ڌرتي تي وڏي تباهي برپا ڪندا آهن. ائين ئي جيڪڏهن سوچ کي دٻائي ڪري رکبو ۽ سندس خيالن کي تازي هوا نصيب ٿيڻ نه ڏبي ته اڳتي هلي وڏا مسئلا ۽ مونجهارا پيدا ٿيندا. اِهڙا نقصان ٿيندا جن جو ڪوبه ازالو صدين تائين نه ٿي سگهندو. جيتوڻيڪ اسان وٽ اِهو الميو شروع کان وٺي رهيو آهي ته اسان کي ننڍپڻ کان وٺي آزاد نه ڇڏيو ويو آهي ۽ نه ئي ڪو اسان کي ڪڏهن آزادي جي پرُسڪون ماحول کان آگاهي فراهم ڪئي وئي آهي. تڏهن به اسان معاشري جو جڏهن جائزو وٺون ٿا ته اُها اسان کي هڪ بند ۽ سوڙهي گهٽي وانگر نظر اچي ٿي. جنهن ۾ هر ڪنهن جو ساھ ٻوساٽجي رهيو هجي. نه ڪنهن وٽ اڳتي نڪرڻ جو ڪو منصوبو نظر اچي ٿو ۽ نه ئي ڪنهن وٽ ڪو ڪنهن مسئلي جو حل نظر اچي ٿو. انساني ذهن ايترا ته ٿڪجي پيا آهن جو هاڻ ڪنهن کي ڪنهن ٻي جي باري ۾ سوچڻ جو وقت ئي نه ٿو ملي. ڪو ڪنهن جي اصلاح ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. سڀ جا سڀ ماڻهو هڪ طرفي ڊوڙ ۾ شامل آهن. جنهن ڊوڙ ڊوڙڻ جو اِهو ئي مقصد باقي وڃي بچيو آهي ته ٻي کان اڳڀرو ڪئين ٿجي؟ ٻي کان وڌيڪ ۽ ججهو پئسو ڪئين ڪمائجي؟ اِنهي سوچ اسان کي پنهنجي پاڻ کان ئي پري ڪري ڇڏيو آهي. هن جديد دور ۾ جيڪو ماڻهو گهڻي قدر باصلاحيت ۽ گفتگو ڪرڻ جو هنر ڄاڻي ٿو اُهو گهڻي قدر ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون حاصل ڪري ٿو. گفتگو جو هنر اچڻ مطلب ته سامهون واري ماڻهو سان اُن جي ذهني سطع ۽ معيار مطابق خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ به هڪ قسم جو هنر آهي. هي ڪتاب، جيڪو هن وقت توهان جي هٿن ۾ آهي. سو منهنجي اکين جي اوجاڳن جي سفر جو ثمر آهي. مون ڪجھ عرصو ڪالم ۽ مضمون لکڻ شروع ڪيا. اِهي ڪالم ۽ مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن. وري به هڪ ڳڻتي هميشه پريشان ڪندي هئي ته منهنجو هي سڄو پورهيو ائين ئي ذيان نه ٿي وڃي. انهي خيال سان مون هي سڀ مضمون ۽ ڪالم سهيڙي ڪري هڪ جاءِ تي گڏ ڪيا ۽ اڄ توهان جي مطالعي هيٺ آهن. ممڪن آهي مون کان ڪا ڪمي ڪوتاهي به ٿي هجي. يا لکت ۾ ڪي لفظ رهجي ويا هجن يا وري ڪٿي ڪا شئي وڌائي ڪري لکجي وئي هجي. اهڙي صورتحال جيڪڏهن ڪنهن به لکڻي ۾ نظر اچي ته مون کي ان کان آگاھ ضرور ڪندا ته جئين ٻيهر ائين نه ٿي 

Comments

Popular posts from this blog

ڪتاب: ”نِوڙت سڀ نماز“ جو جائزو

ڪتاب کي ڪيئن پڙهڻ گهرجي

زندگي جو فلسفو