Posts

Showing posts from October, 2018

اداس اکڙيون

Image
وڇوڙي جا وهشتناڪ حملا ۽ من اندر لڳل برھ جي باھ هڪ پل بہ سانت سان ويهڻ نٿي ڏي، پر ان جي باوجود بہ آءُ هماليا جيڏا هونسلا رکي تون سان پنهنجي نينھ کي نڀائيندي پئي اچان، تون سمجهي سگهي ٿو تہ هي پورو سماج مرداڻو سماج آهي جنهن ۾ ڪنهن بہ عورت ذات کي ڪڇڻ ۽ لڇڻ جي ايتري آزادي هر گز ناهي جو اُها عورت پنهنجي پيار جي تڪميل يا حاصلات لاءَ پاڻ پتوڙي سگهي هي سارو سماج عورت دشمني جي روايت کي بخوبي وڏي ايمانداري سان نڀائيندو ٿو اچي، ڪجھ ڏينهن ٿيا آهن جو مون ادب پڙهڻ شروع ڪيو آهي، تون مون کي عالمي ادب جا جيڪي ڪجھ ڪتاب ڏئي ويو آهي آءُ انهن منجهان ڪجھ ڪتاب پڙهي چڪي آهيان ۽ ڪجھ ڪتابن جو مطالعو اڃا جاري آهي، آءُ جڏهن ڪتابن کي هٿن ۾ کڻندي آهيان تہ ائين محسوس ڪندي آهيان ڄڻڪ سڀ ڪتاب عورت جي بي وسي ۽ لاچاري جي داستانن سان ڀريل هجن ڪي پل تہ ائين ڀائيندي آهيان ڄڻڪ سڀئي ڪتاب منهنجا سور بيان ڪندڙ آهن، سڀني ڪهاڻين جا ڪردار منهنجي دردن جا حوالا هجن، الاءَ ڇو ڪجھ ئي ڏينهن ۾ اهو يقين ٿي ويو اٿم تہ ڪائنات جي ڪمزور کان ڪمزور تر وجود عورت ذات ئي آهي، حالانڪ عورت جي مطعلق تنهنجو نقطہ نظر ٻيو آهي ۽ تون هميشه اهو ئي چوند

محبت رسوا ہوجائے گی

Image
اُن دنون محبت شدید ہوگئ تھی ہر گلی، ہر راستہ، بس ہی کا نام اور پتہ بتا رہے تھے، اُس کی مہک من میں اس قدر چھا گئ تھی کہ ہر سانس میں اُس کو یاد کرنے بنا سانس لینا بھی گوارا نہیں ہو پا رہا تھا…! میں نے اُس پھولوں کی کلی کے گلی کے چکر لگانے شروع I لیکن جناب زمانہ تو عدم برداشت کا عادی ہے سو لوگ اعتراضات کرنے لگے کسی نے کہا یہ کوئی جاسوس لگتا ہے کسی نے کہا یہ کوئی چور لگتا ہے کسی نے کہا یہ کوئی آوارا لفنگا لڑکا ہے مطلب کہ ہر کسی نے اپنے اپنے عقل اور فہم کے مطابق میرے بارے میں راء قائم کی میں بھی محبت کے نشے میں گرفتار تھا، کسی کی ایک نہ سنی میری محبت کا جنازہ تو تب اُٹھا جب اُس کا پیغام موصول ہوا، لکہا تھا کہ ” آئیندہ کبھی بھی میری گلی میں نظر نہ آنا ورنہ محبت سے ہاتھ دھو بیٹھو گے ي

خانگي اسڪول ۽ عطائي ماستر

Image
ڪالھ ڪنهن ڪم سانگان پنهنجي شهر جي آس پاس ۾ قائم ٿيل خانگي اسڪولن ڏانهن ويس ۽ انهن ۾ چڪر هڻڻ جو موقعو مليو، انهي دوران مون جيڪو ڏٺو ۽ محسوس ڪيو اُهو اوهان آڏو پيش ڪريان ٿو سڀ کان اهم ۽ اعلي پهلو آهي، فيڪلٽي، مطلب تہ ڪنهن بہ اسڪول کي هلائڻ وارا استاد، جيتري قدر اسڪول جا استاد تربيت يافتہ ۽ جديد دنيا جي نون لاڙن جي ڄاڻ رکندڙ هوندا، اُهي ايترو ئي سکڻ ۽ سيکارڻ واري مرحلي کي دلچسپ بڻائي ڪري ڪاميابي سان پنهنجي تڪميل تائين پهچائيندا ۽ انهن جي زير دست شاگرد پڻ گهڻو ڪجھ پرائي سگهندا پر پاڻ وٽ اِهو الميو آهي جو ادارو قائم ڪري ان کي هلائڻ خاطر مڙئي ڪجھ درمياني سطع جا بي روزگار تاڙي ڪري انهن کي ڪجھ ڏوڪڙ ڏئي ڪري استاد بڻائي انهن جي مٿان 25 کان 30 ٻارن کي سڌارڻ جو ٺيڪو ڏنو ويندو آهي، صرف ايترو نہ پر انهي ساڳي استاد کان هڪ ئي ڏينهن ۾ پنج يا ڇھ پيرڊ پڙهايا وڃن ٿا تہ جئين کيس اهو احساس ٿئي تہ هو حق حلال جي روزي ڪمائي پيو پوءَ ڀلي ٻارن جو مستقبل تباھ ٿئي تہ ٿي، پرواھ ناهي ٻار ڪجھ سمجهي سگهن يا نہ، پرواھ ناهي سکڻ ۽ سيکارڻ جو عمل تڪميل تائين پهچي يا نہ ٻارن منجھ تخليقي صلاحيتون اجاگر ٿين ي

جناب ايڊيٽر صاحب

Image
حق موجود، جئي لطيف، جئي لطيف جي نگري جئين تہ مون کي اڄ اوهان سان مخاطب ٿيڻ جو هڪ نادر موقعو هٿ آيو آهي جنهن جو مکيہ سبب آهي اوهان سان هڪ ويچار ونڊڻ آهي قابل احترام سائين ڪجھ ڏينهن کان وٺي ڪري آءُ هڪ عمل کي ڏسي رهيو آهيان جيڪو بار بار ورجائجي رهيو آهي، عمل اِهو آهي تہ اسان جا ڪجھ دوست جيڪي ڪالم لکڻ واري ڪِرت سان وابسطہ آهن، انهن دوستن مان ڪجھ دوستن جا ڪالم هڪ ئي عنوان سان مختلف اخبارن ۾ شايع ٿي رهيا آهن، جيڪا ڳالھ قابل فخر هجڻ بجاءَ قابل فڪر آهي ٿي سگهي ٿو متان اوهان منهنجي راءَ سان اتفاق نہ ڪيو پر ان جي باوجود آءُ اوهان کي هتي هڪ ڳالھ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندس تہ ان عمل سان اوهان جي اخبار جي بہ ساک متاثر ٿي رهي آهي، ساک ڪئين ٿي متاثر ٿي اچو تہ اوهان کي ان ڳالھ جي وضاحت ڪري تفصيل سان ٻڌايان سائين منهنجا اگر ڪو مطالعي جو شوقين فرد هر روز ڪالمن کي وڏي شوق سان پڙهندڙ شهر مان 50 روپيہ خرچ ڪري پنج مختلف اخبارون وٺي ٿو فرض ڪريو انهن اخبارن ۾ اوهان واري اخبار بہ شامل آهي، ڇو تہ اڄڪلھ هر هڪ اخبار جي قيمت گهٽ ۾ گهٽ 10 روپيہ ضرور آهي، انهن پنجن اخبارن جي خريد ڪرڻ پٺيان سندس اِها سوچ ڪ

اے میرے رہ گذر

Image
بہت دنون سے یہ سوچ رہا تہا کہ تمہین خط لکوں، لیکن کبہی فرصت نہین ملتی تھی تو پھر کبہی کبار تیاری کرتے کرتے رھ جاتا تھا، لیکن آج ساری مصروفیات کو خود سے پرے کر کہ تمہین اپنے دل کا حال سنانے جا رہا ہون تیرے بن، میری ساری محفلیں اداس ہین، میرا جاگنا، سونا، رونا، کھانا، پینا، سب کے سب کام تیرے بن ادھورے محسوس ہوتے ہین، مین بہت کوشش کرتا ہون کہ تم کو بھول جاٶں مگر حالات اور واقعات مجھے تم سے جدا ہونے نہین دیتی، میرا من تم سے الگ ہوکر کہین پر بھی نہین لگتا، پوری کاٸنات ایک ویران سا سہرا لگتا ہے میرے دل کا گلشن ویران سا بن گیا ہے، مین خود کو بھول چکا ہو، تم مجھ مین اس قدر سما گٸ ہو کہ اب مجھے ہر طرف صرف تیری ہی صورت نظر آتی ہے، جیسے کہ تم جانتی ہو، میری طبعیت آتشی نہین ہے جس کے وجہ سے مین عام طرح روز کے معاملات مین بہت صبر سے کام لیتا ہون لیکن میری جان تمہین بھولنے کے معاملے مین میرا بس خود پہ نہین چلتا، مین بہت کمزور سا پڑ گیا ہون، تیرے عشق نے مجھے ایک کٹ پتلی سا بنا دیا ہے، میرے ساری عقل، فہم اور دانشوری تیرے عشق کے آگے فیکی سی پڑ جاتی ہے دل ل

حال دل…!

Image
یوں تو کہنے کہ لیے بہت ساری باتین ہیں، یوں تو لکھنے کہ لیے بہت سارے عنوان ہیں، لیکن ہم بھی کیا کرے جناب، حضرت عشق کے ہاتھوں مجبور ہیں، جب سوچنا شروع کرتے ہیں تو سارے خیالات، ساری امنگیں، ساری خواہشیں آپ پے آہ کر ختم ہوجاتی ہیں، آپ ہماری ابتدہ اور آپ ہی ہماری انتھا ہے۔ آپ کے حسن و جمال کی جتنی تعریف کی جاۓ وہ کم ہے، آپ کے ہونٹ، جن کو دیکھتے ہی ہماری ساری عبادتیں، ریاضتیں کم سی محسوس ہونے لگتی ہیں، آپ کے زلف، ہاۓ ہاۓ کیا کہنا جناب…! کوئی بدنصیب ہی ہوگا جو کہ ان زلفون کہ ساۓ سے محروم رہ جاۓ، اسی طرح آپ میرے دل کے گلشن میں ایک رانی کی طرح راج کر رہی ہیں، اور ایک میں ہوں جو کہ آپ کہ آگے ایک غلام ہی سا بنا بیٹھا ہوں دنیا تو حُسن سے بھرا پڑا ہے، مگر اِن آنکھوں کو سواے آپ کہ دیدار کہ وہ سکون کہا عطا ہوتا ہے، پروردگار عالم سے کبھی کبھار شکایتیں کرنا شروع کر دیتا ہوں مگر پھر یکدم ہی یہ خیال آتا ہے کہ جس پروردگار عالم نے مجھے آپ جیسی انمول محبت عطا کی ہے اب اُس سے کیا شکوہ، کیا شکایت، اور پھر اُسی وقت خدا سے شکایت کے بجاۓ شکریہ ادا کیا دیتا ہوں۔

پيپر جي تياري ڪئين ڪجي

Image
پرائمري سطح کان وٺي، يونيورسٽي سطح تائين گهڻا شاگرد اھڙا ھوندا آھن، جيڪي امتحاني هال ۾ مليل سوالنامي کي پڙھي، ھڪ عجيب قسم جي مونجھاري جو شڪار ٿي ويندا آھن. انھن لا۽ مسئلو اھو ناھي ھوندو ته کين لاڳاپيل سوالن جا جواب نٿا اچن، کين جوابن جي ته چڱي خاصي سُڌ ھوندي آھي، پر ساڻن ھتي مسئلو اھو ھوندو آھي ته کين لاڳاپيل سوال سمجھ ۾ ڪونه اچي سگھندا آھن ۽ ٿيندو وري ائين آھي ته سڀ ڪجھ ايندي به ڪي شاگرد صحيح جواب ڪونه لکي سگھندا آھن، جنھن ڪري سندن نتيجا مطمئن ڪندڙ ڪونه اچي سگھندا آھن. محنت توڙي سچيءَ دل سان پڙھڻ کان پوءِ به کين پنھنجي دوستن توڙي مٽن مائٽن اڳيان شرمندو ٿيڻو پوندو آھي ۽ کين پنھنجي محنت تان اعتبار گھٽ ٿيڻ لڳندو آھي. ھتي ڪجھ مھارتي طور طريقا اوھان جي نظر ڪجن ٿا، جن کي ذھن نشين ڪري، اوھان ڪنھن به امتحان ۾ يقيني مارڪون توڙي گريڊ حاصل ڪري سگھو ٿا ڪلاسز جي شروعاتي ڏينھن کان وٺي، ائين کڻي سمجھجي ته پيپرن جي تياري شروع ٿيندي آھي، جڏهن ته پيپر وغيرہ ڪورس جي پُڄاڻيءَ تي ورتا ويندا آھن، پر شاگردن کي ان ڳالھ تي ڌيان ڏيڻو آھي ته استاد صاحبان ڪھڙي عنوان يا مضمون تي گھڻو ڌيان ڏي ٿو، ڇو تہ ڪور

الحافظ ولمحافظ

Image
الا۽ ڇو ڪجھ ڏينهن کان اها ڳالھ شدت سان محسوس پيو ڪريان تہ اسان جي معاشري ۾ جن فردن جي ڪلهن تي مذهب کي ڦهلائڻ جو وزن رکيو ويو آهي انهن جي معاشرتي توڙي ذاتي زندگي جو جائزو وٺي ڪري اهو ڏسجي تہ ڇا اُهي ان قابل آهن جو مذهب کي پُر اثرائتي نموني سان هر فرد تائين پهچائي سگهن، مون پنهنجي آس پاس جي ماحول ۾ نظر ڊوڙايو ۽ ڳوڙي اڀياس توڙي مشاهدي سان تحقيق ڪئي ۽ ان کان پو۽ ان نتيجي تي پهتس تہ اسان جي ارگرد اڪثر والدين پنهنجن هوشيار، ڀڙ توڙي گهڻيون صلاحيتون رکندڙ ٻار کي ڪڏهن بہ، ڪنهن بہ قيمت تي مدرسي ۾ داخل ڪونہ ٿا ڪراين ۽ نہ ئي ڪرائڻ چاهيندا، پر ان جي برعڪس جنهن ٻار تي سندن اهو يقين بيهي ويندو آهي تہ هِي موڳو آهي، نڪمو آهي، بلڪل ڪنهن بہ ڪم ڪرڻ توڙي سکڻ جي صلاحيتن کان محروم آهي ۽ ان جو وجود گهر ۾ بہ وزني محسوس ٿيندو اٿن تہ ان ويچاري ننڍي معصوم ٻار کي مدرسي ۾ ان خيال سان داخل ڪرائي ايندا آهن تہ قران بہ پڙهي پوندو، گهر کان ٻاهر رهي ڪري سڌري بہ پوندو ۽ اسان کان بہ سندس جان چٽيل هوندي، ۽ قيامت جي ڏينهن اسان جي شفاعت جو باعث بہ بڻجي پوندو اهڙي نموني وري ڪجھ ٻيا سبب بہ هئا مثال جئين اگر ڪنهن ٻار جي نن

جيجل جي عظمت

Image
هر روز دنيا ۾ انيڪ رشتا ٺهن ٿا ۽ ڊهن ٿا جهڙوڪ دوست، محبوب، مٽ مائٽ، وغيره وغيره، جي غور سان ڏسجي تہ هر رشتي ۾ ڪنهن نہ ڪنهن قدر ڪجھ مفاد، لالچ ۽ لوڀ شامل هوندي آهي، بنا مفاد توڙي مقصد جي تہ ڪير ڪنهن کي کوکلو سلام بہ ڪونہ ٿو ورائي، اسان پاڻ رشتن جي هڪ اهڙي ڏور ۾ ڦاٿل آهيون جنهن مان پاڻ ڇڏائڻ مشڪل ئي نہ پر ناممڪن آهي، اسان کي اهو واضع نموني سان سمجهڻ گهرجي تہ اسان جي ان ڏور کي اسان جو هر اهو مٽ مائٽ، دوست توڙي محبوب پاڻ ڏي ڇڪي ٿو جنهن جا اسان ۾ ڪنهن قدر مفاد باقي آهن بس ڪو تہ آهي جيڪو بنا مفاد توڙي لالچ جي هميشه اسان جو ڀلو چاهي ٿي، هر پل هر گهڙي پنهنجو ساه اسان تي نڇاور ڪري ٿي، خدا کان پو۽ اسان جو سڀ کان وڌيڪ خير خواه اسان جي امڙ جنهن کي اسان آئي چئو، امڙ چئو، مدر چئو، موم چئو، يا ڪجھ بہ چئو وري بہ تہ عڪس ان جو ئي ٿو ٺهي جنهن کي دل جيجل چئي مخاطب ٿيندو آهي، لفظ کوکلا ٿي ويندا، لکڻ وارا لکي لکي ڪري ٿڪجي پوندا پر پو۽ بہ سندن هڪ رات جي ڪيل اوجاڳي جي قيمت ادا ڪونہ ڪري سگهندا، قدرت سندس شان، عظمت توڙي محبت کان واقف هئي تڏهن تہ سندس قدمن جي هيٺيان جنت رکي اهو ثابت ڪري ڇڏيائين تہ امڙ کي

فڪر جي ٽياس تي ٽنگيل منهنجو روح

Image
اسين سنڌي ازل کان وٺي ڪري امن پسند، پيار ڪندڙ، مهمان نواز ۽ سٻاجهڙا رهيا آهيون ۽ رهندا پيا اچون، اوُڻايون ۽ خرابيون دنيا جي هر شئي، هر قوم ۽ هر جاءِ ۾ ڪنهن قدر هونديون آهن اسان سنڌين منجھ بہ ڪنھ قدر ڪي ڪارا رڍ موجود آهن جن جي ڪري پوري قوم کي سندن نقصان برداشت ڪرڻو پوي ٿو، اسان کي اسان جي سٻاجهڙائپ ۽ مهمان نوازي جيڪا نقصان بخشي آهي ان جو گواھ پاڻ خود تاريخ آهي، اسان جي قومي شناخت کي جنهن نموني ڇيهو رسايو ويو اهڙي ويڌن تاريخ ۾ ڪنهن بہ قوم سان نہ ڪئي وئي علم، سياست ۽ فلسفي جي ماهرن جي گهڻائي هوندي بہ سنڌ جي سورن سان ڪا سڻائي نہ ٿي سگهي، ورهيہ اڳ جڏهن سنڌ ۾ ڏاند گاڏا ۽ گهوڙا سواري لا۽ ڪتب ايندا هئا تڏهن سنڌ جي گهر گهر، گهٽي گهٽي توڙي وٿاڻ امن جا ڳڙ هوندا هئا، ايڪو، محبت ۽ ڀائچاري جا اڻ ڳڻيا مثال هر هنڌ ملندا هئا، وقت سان گڏ حالات، واقعات ۽ سماج جا اصول بدلجڻ لڳا يا کڻي ائين چئجي تہ اسان جي رهڻي ڪرڻي جي اصولن ۾ جدت اچڻ لڳي، ريڊيو ،ٽي وي، سرچ لائيٽ، ڪلڪيوليٽر فوٽو، وڊيو سڀ جامع انداز ۾ مشرتڪ ٿي ڪري هڪ ئي پنج انچن جي اوزار ۾ سمائجي ويون ۽ ان پنج انچن جي موبائل هر ڪنهن جي هٿن ۾ جاءِ ٺاه

سقراط فلسفي جو باني ڪئين ؟؟؟

Image
بحثيت طالب علم آءُ اِها ڳالھ انتهائي غور و فڪر ۽ سوچ سمجھ سان ڇيڙڻ ٿو چاهيان تہ دنيا جنهن مفڪر کي فلسفي جو باني سڏي ٿي، دنيا جو عظيم فلاسافر جو خطاب ڏي ٿي، اُهو دنيا جو عظيم فلاسافر ناهي، روم جو رهاڪو سقراط، جنهن کي اڄ جي تاريخ فلاسافي جو ابو چوي ٿي، حالانڪ هو منهنجي نظر ۾ فلسفي جي باني چورائڻ جو حق نہ ٿو رکي، جئين تہ هن دنيا ۾ هر روز نت نوان تجربا ٿين ٿا، نوا نظريا اچن ٿا، نوا خيال متعارف ڪرايا وڃن ٿا، اهڙي ريت پراڻا يا فرسوده تصورات دم ٽوڙڻ لڳن ٿا، اهڙي ريت هاڻ سقراط وارو فلسفو بہ دم ٽوڙڻ لڳو آهي منهنجي اڄوڪي عنوان جو تسلسل بہ ڪجھ ان ريت آهي، اچو تہ پهريان سقراط جي سوانح عمري جو جائزو وٺو ۽ اَهو جاچيو تہ سقراط جي ڪهڙين خدمتن جي عيوض کيس فلاسافي جو باني تصور ڪيو وڃي ٿو ﺳﻘﺮﺍﻁ ﺳﻨﮓ ﺗﺮﺍﺵ ﺳﻮﻓﺮﻭنڪﺲ ۽ ﺩﺍﺋﻲﺀَ ﻓﻴﺘﻴﺮﻳﺘﻲ ﺟﻮ پٽ ﻫﻮ، ﻫﻮ ﺍﭲ ﮐﺎﻥ ﭼﻮﻳﻬﻪ ﺳﻮ ﺳﺎﻝ ﺍڳ ﺟﻲ ﺍﻳﭥﻴﻨﺰ، ﻳﻮﻧﺎﻥ ﺟﻮ ﺭﻫﻮﺍﺳﻲ ﻫﻮ ﺳﻘﺮﺍﻁ ﺳﭵﻲ ﺣﻴﺎﺗﻲ ﺍﻧﻬﻦ ﺳﻮﺍﻟﻦ ﺟﻲ ﮐﻮﺝ ۾ ﮔﺬﺍﺭﻱ ﺗﻪ ڪﺎﺋﻨﺎﺕ ﮀﺎ ﺁﻫﻲ؟ ﺩﻧﻴﺎ ﮀﻮ ﭘﻴﺪﺍ ﭤﻲ؟ ﺍﻧﺴﺎﻥ ﺟﻲ ﻭﺟﻮﺩ ﺟﻮ ڪﺎﺭﮠ ﮀﺎ ﺁﻫﻲ؟ نيڪﻲ ﮀﺎ ﺁﻫﻲ؟ ﺳﭻ ﮀﺎ ﺁﻫﻲ؟ ﻭﻏﻴﺮﻩ وغيره، سقراط سڄي ﻋﻤﺮ ﺭڳو ڳالهيون ڪﻨﺪﻭ ﺭﻫﻴﻮ ۽ هڪ ﻟﻔﻆ ﺑﻪ

اي اهــــل علــــم

Image
ڇا تو ڪڏهن هن ڌرتي جي ڏکن، ڏوجڙن ۽ دردن جي درمان لا۽ کن پل ڪو فڪر ڪيو آهي، ڇا تو ڪڏهن هن ديس جي ڏتڙيل ۽ مسڪين مائرن جي دل جوئي ڪئي جن جا ڪوڌر پٽ پنهنجي ديس لا۽ جان جو نظرانو ڏئي ويا آهن، ڇا تو ڪڏهن هن ڌرتي جي مسڪين ماروئڙن جي انهجن ۽ تڪليفن کي ويجهي کان ڏٺو آهي، ڇا تو ڪڏهن ڪنهن غريب کي ڳڀي ٽڪر لا۽ بي ضمير ۽ لالچين اڳيان هٿ ٽنگندي ڏٺو آهي، ڇا تو ڪڏهن هن ڌرتي جي تخليقي ۽ باصلاحيت شاگردن کي سفارش ۽ پنهنجا نوازي جي ٽياس تي ٽنگيل ڏٺو آهي، ڇا تو ڪڏهن ڪنهن اڇي اجري ۽ پاڪ دامن نياڻي کي ڪارو ڪاري جي سوڙهي ڳٽ جو شڪار ٿيندي ناهي ڏٺو، ڇا تو ڪڏهن ڪنهن مسڪين جي گلن جهڙن ٻارن کي سرڪاري اسپتالن جي دروازن تي دربدر ٿيندي ناهي ڏٺو، ڇا تو ڪڏهن ڪنهن ميت کي بنا ڪفن جي دفن ٿيندي ناهي ڏٺو، ڇا تو ڪڏهن غور ڪيو آهي تہ هي جيڪا پاڻ جي هاڻوڪي حالت آهي اها ڪهڙين سببن جي ڪري آهي، ڇا اسين دنيا جي شاهوڪار قومن جهڙيون صلاحيتون ۽ وسيلا نہ ٿا رکون، ڇا اسان وٽ پنهنجا سڀ قدرتي وسيلا موجود نہ آهن، ڇا اسين هڪ پر امن زندگي گهارڻ جا حقدار ناهيون، ڇا اسين ازل کان مهمان نواز قوم ناهيون رهيا، ڇا اسين سڀ ڪجھ هوندي بہ مفلسي ۽ غري

ڪــامــريـــڊ

Image
اسان وٽ اڪثر پڙهيل لکيل ۽ باشعور فرد بہ عمومن لفظ ڪامريڊ جي غلط تشريح ڪندا آهن ۽ ڪامريڊن کي نفرت واري نگاه سان ڏسندا آهن، حالانڪ لفظ ڪامريڊ جي لغنوي معني آهي ” يار، ساٿي يا همراه“، يعني جنهن سان گهرائپ هجي ان کي ڪامريڊ سڏي سگهجي ٿو، جيڪو ڪنهن عمل يا حڪمت ۾ ساٿ ڏي ان کي بہ ڪامريڊ سڏي سگهجي ٿو يا وري جيڪو ڪنهن راھ، سفر يا منزل طرف هڪ ڪرو ٿي گڏ هلي يا گڏ هلندو رهي ان کي بہ ڪامريڊ سڏي سگهجي ٿو، يعني جي سوچجي ٿو تہ ڪامريڊ جي لغنوي معني هر طرف کان هڪ مثبت ۽ ميٺ محبت واري پيغام ڏي ٿو پو۽ بہ هن معاشري جا فرد اسان ڏانهن طنز ۽ ڌڪارت وارو رويو ڇو ٿا رکن، اصل ۾ ماڻهون ڪامريڊن کي سڃاڻي نہ سگهيان آهن، ڪامريڊن کي تہ پنهنجي ڌرتي جي هر هڪ عنصر سان بي انتها محبت هوندي آهي، اُهي پنهنجي ڌرتي جي هر هڪ گل، پن، ڊينگر، ڊانگر، وڻ، ٽڻ توڙي ڍور ڍڳن سميت هر شئي سان بي انتها پيار ڪندا آهن، انهن کي پنهنجي قوم جو اوُنو هر دم رهندو آهي، جهڙي ريت هر عاشق کي پنهنجي محبوب جي هر نسبت سان محبت ٿي ويندي آهي بلڪل اهڙي ئي ريت هر هڪ ڪامريڊ کي پنهنجي محبوب ڌرتي سنڌ ڌرتي جي هر هڪ وٿاڻ، وستي توڙي نگري سان بي انتها محبت هوندي

اســـــان جـــــو مــــقدر

Image
اسان ان عظيم ڌرتي جا رهاڪو آهيون جيڪا ڌرتي پنج ھزار سال پراڻي مُهذب تهذيب جي مالڪ آهي، ها اُها ڌرتي جنهن ڌرتي لا۽ چيو ويندو آهي تہ جڏهن دنيا جي ٻين خطن جا ماڻهون پنهنجي جسم کي ڍڪڻ لا۽ وڻ جي ڇوڏن ۽ پنن جو استعمال ڪندا هيا تڏهن اسان جي هن مها عظيم ڌرتي جا فرد مخمل جي نرم لباس ۽ ريشمي لباس پائڻ لاءِ ڪَتَبَ آڻيندا هئا، يعني سراسري طور دنيا جي ٻين خطن جي ڀيٽ ۾ اسان جي ڌرتي شاهڪار ۽ شاهوڪار هوندي هئي مـــاشـــــــاءِالله هي تہ ٿيون ماضي جون جهلڪيون، هاڻ پاڻ اچون ٿا پنهنجي هلندڙ وقت وٽ، يعني هاڻوڪي ڪار گذاري طرف، ڳالھ هلي پئي مقدر جي، ماضي جي جهلڪين مطابق اهو تاثر چٽو ۽ واضع نموني ملي ٿو تہ هتان جي فردن جو مقدر اعلي، فرسٽ ڪلاس توڙي زبردست رهيو آهي، تڏهن ئي تہ مهذب تهذيب جا مالڪ رهيا آهن، اِها ڳالھ بلڪل درست حقيقت آهي تہ اسان جو مقدر اعلي آهي مون کي محسوس ٿيندو آهي، جڏهن مان ڪنهن ڪم ڪار عيوض ڪنهن آفيس ويندو آهيان تہ اُتان جا دلال، راشي ۽ حرام خور ڪلارڪ، ڪلاڪن جا ڪلاڪ کوڙ سارن مسڪينن ۽ اٻوجهن کي هروڀرو بيهاري بيزار ۽ خوار ڪندا آهن، جائز ڪم جي لا۽ ناجائز رشوت جي طلب ڪندا آهن خبر اٿئو ڇو

تعليم جي سڌاري لا۽ ڪجھ تجويزون

Image
جڏهن بہ ڪنهن معاشري ۾ قائم ٿيل اصول يا ضابطہ جن تحت اُهو معاشرو پنهنجي بقا کي يقيني بڻائيندو آهي، اُهي فرسوده بڻجي وڃن يا بڻجندي نظر اچن تہ پو۽ اُتان جي هر پڙهيل لکيل توڙي باشعور فرد تي اهو لازمن زمينداري عائد ٿئي ٿي تہ ان معاشري ۾ واقع ٿيل انهن فرسوده ۽ غير معياري اصولن جي نشاندهي ڪري ۽ سندن ناڪاره بنجڻ جا سبب ڳولي ۽ ان سان گڏوگڏ سندن ناڪاره بنجڻ ڪري ان معاشري کي جيڪي نقصان لائق ٿيڻ وارا هجن انهن کان بہ کين آگاهي فراهم ڪري، علم جو مقصد روشني حاصل ڪرڻ آهي روشني جي هود سوند ۾ اگر ڪو فرد اونداهين جي گهيري ۾ خاموش سڪونيت حاصل ڪري ويٺو هجي تہ ان کي سندس ناداني جي انتها نہ چئجي تہ ڀلا ڇا چئجي، اهڙي علم حاصل ڪرڻ جو مقصد ئي ڪهڙو جيڪو علم انسان کي پنهنجي بنيادي حقن جي خبر رکڻ کان محروم رکي يا انهن جي حاصلات لا۽ ڪو مناسب راه فراهم نہ ڪري سگهي، سالن جا سال هڪ ئي پارٽي جا سرگرم ڪارڪن رهي ڪري بہ اگر ڪنهن ماڻهو جا ڪي هلڪا ڦلڪا مسئلا بہ حل نه ٿو ڪرائي سگهي تہ کيس اهو چٽي نموني سمجهڻ گهرجي تہ سندس اهميت هاڻ ڪا بہ نہ رهي آهي، ان سان گڏوگڏ ان فرد کي پنهنجي اردگرد جي ماحول جو چڱي طرح جائزو وٺڻ گهرجي

تعليم جو ڏينهن

Image
ڏينهن ملهائڻ واري روايت ڪا نئي ڪانهي جو ان تي حيران ٿجي يا وري خوش ٿجي، اسان وٽ عمومن اُهي ڏينهن ملهايا ويندا آهن جيڪي اسان کي روايتي طور مغرب طرفان خيراتي طور ملهائڻ لاءِ ملندا آهن، اَٺَ جنوري کي تعليم جو ڏينهن ملهائڻ کان پهريان اچو تہ پاڻ وٽ اڳ ۾ ئي ملهائجندڙ ڪجھ ڏينهن جو مشاهدو ڪريون جن جو سنئون سڌو واسطو تعليم جي ڏينهن جي ملهائجڻ سان آهي پوري سال ۾ تہ الاءِ ڪيترا ڏينهن الاءِ ڪيترن ئي عنوانن سان ملهايا ٿا وڃن، پر پاڻ مختصرن ڪجھ مخصوص ۽ اهم ڏينهن تي ڳالهائينداسين اٺ مارچ عورتن جو عالمي ڏينهن ٻاره آگسٽ نوجوانن جو عالمي ڏينهن ٽہ ڊسمبر معذورن جو عالمي ڏينهن عورتن جو عالمي ڏينهن ننڍي هوندي کان ئي اسڪولن ۾ هڪ حديث پڙهڻ وٽان ملندي هئي تہ” علم حاصل ڪرڻ هر مرد توڙي عورت تي فرض آهي.“ حديث جي لفظن تي غور ڪندي اِهو معلوم ٿئي ٿو تہ علم حاصل ڪرڻ جي ڪا بہ مخصوص عمر مقرر ٿيل نہ آهي، اگر جي وقت طئہ ٿيل هجي ها تہ پوءِ حديث ۾ لفظ مرد جي جاءِ تي ڇوڪرو ۽ لفظ عورت جي جاءِ تي ڇوڪري استعمال ٿي ها، جنهن مان عمر جو تعين سولائي سان ڪري سگهجي ها، ڇو تہ ڇوڪر يا ڇوڪري جي عمر عمومن پنجويھ سال تائين لي

اچو تہ عظم ڪريون

Image
نئي سال جي سج کي اُڀرندي پورا هڪ درجن جيترا ڏينهن مڪمل ٿي چڪا آهن، جنوري جي پهرين تاريخ ٿيڻ شرط ئي واٽس ايپ، فيس بڪ، ٽوئيٽر ۽ انباڪس ۾ نئي سال جون واڌايون اڻ کٽ تعداد ۾ ميسر ٿيون، اسان لاءِ نہ ڪوئي نئو سال آيو آهي ۽ نہ ئي وري ڪو پراڻو سال هتان واپس وريو آهي، ڦيرو صرف هڪ انگ ۾ آيو آهي جتي پهريان انگ ست هيو هاڻ اُتي انگ اٺ کي لکيو، سمجهيو ۽ پڙهيو ويندو نئي سال جي اچڻ ۽ وري پراڻي سال جي وڃڻ کي تقريبن سڀني فردن چڱن چوکن لفظن ۾ ڀيٽا پيش ڪئي آهي، جتي لهندڙ سج کان موڪلايو ويو اُتي وري نئي سج کي ڀليڪار جا ڀاڪر بہ آڇيا ويا، هن رسم کي اسان جي قوم پوري ايمانداري ۽ سچائي سان نڀايو آهي جنهن تي ڪنهن بہ قسم جي شڪ شبي ڪرڻ جو ڪو جوائز ئي پيدا نہ ٿو ٿئي اسان جي معاشري جي اڪثريت جو شعور ان حد تي پهچي چڪو آهي جو اگر عيد هجي، ميلاد هجي، محرم هجي، نئو سال اچڻ وارو هجي، پراڻو سال وڃڻ وارو هجي، مطلب تہ ڪو بہ ايونٽ يا مذهبي ڏڻ هجي ان حوالي سان گهر جي ڪنڊ ۾ ويٺي، هلندڙ گاڏي ۾ ويٺي، ماني کائيندي، چانھ پئيندي پاڻ کي دانشور تصور ڪندي ڪجھ لفظ لکي ڪري فيس بڪ تي پوسٽ ڪري ڇڏبا، پنهنجو ڪم آ پوسٽ ڪرڻ، پڙهڻ توڙي ٽ

اسين هيڪلا هن جهان ۾

Image
اکرن سان عشق ڪرڻ توڙي مسلسل ڪجھ نہ ڪجھ لکڻ جو مزو بہ هڪ نمايا حيثيت جو حامل آهي، اسان جون ڦڪيون، ڪچيون، توڙي ڪجھ ڪجھ مٺيون ڳالهيون ڪنهن ڪنهن کي موهي ٿيون وٺن، ڳالھ اتي دنگ نہ ٿي ڪري، جن کي اسان جون تحريرون پسند اينديون آهن انهن مان اڪثر دوست اسان وانگر لفظن جو ڄار وڇائڻ چاهيندا آهن، هو يڪدم ليکڪ ٿيڻ چاهيندا آهن، ڪجھ مون سان سڌي طرح رابطي ۾ آيا تہ وري ڪن پيغامن وسيلي پنهنجي ليکڪ ٿيڻ جي خواهش ڏيکاري ۽ گڏوگڏ رهبري ڪرڻ جي درخواست بہ رکي، مون ڪڏهن بہ ڪنهن کي نا اميد نہ ڪيو، وس آهر ۽ هر ممڪن ڪوشش ڪندي انهن دوستن جي رهبري ڪئي جن کي ڪجھ لکڻ يا تخليق ڪرڻ جو شوق، جذبو توڙي ولولو اندر ۾ هيو شروع شروع ۾ اڪثر دوستن ڪجھ نہ ڪجھ لکيو پي، ان سان گڏوگڏ حال احوالي ٿيندا رهيا پر هڪ ڳالھ جيڪا منهنجي لاءِ تعجب جو ڪارڻ بڻي سا هُئي سندن سگهو ئي اسڪرين تا غائب ٿيڻ، گمنام ٿيڻ، خاموشي جا تاڪ هڻي ڇڏڻ، تخليق جي رستن تي ڊينگهر هڻي ڇڏڻ، يعني سندن شوق، جذبو ۽ ولولو تمام ٿوري عرصي يا وري هڪ ٻن لکڻين کان پوءِ ٿڌي ٿي ڪري برف جو ڳوڙو بڻجي پئي، ڳوڙهو بہ اهڙو جنهن کي نہ ٽوڙي سگهجي نہ مروڙي سگهجي ان لاءِ هت دوست سان

معذوري ڪو مهڻو تہ ناهي

Image
جڏهن ڪڏهن ڪو معذور فرد ڪو غير معمولي عمل کي پنهنجي صلاحيتن سان ثابت ڪري ڏيکاريندو/ڏيکاريندي آهي تہ اڪثر و بيش اخبارون ان خبر جي مٿي پٽي ۾ عمومن اهو جملو لکي ڇڏينديون آهن تہ ” معذوري ڪو مهڻو تہ ناهي“، اِهو جملو اڪثر اسان کي ٻين فردن وٽان بہ ٻڌڻ لاءِ ملندو آهي ڪيڏو نہ آسان آهي ان جملي کي هڪ منٽ ۾ ورجائڻ پر اگر جي ان جملي تي غور ءِ فڪر ڪجي ٿو تہ معلوم ٿئي ٿو تہ اسان جي معاشري ۾ معذوري هڪ اعلي پائي جو مهڻو آهي اِها هڪ اڻٽر حقيقت آهي جنهن کان ڪڏهن بہ ڪنهن بہ بنيادن تي انڪار نہ ٿو ڪري سگهجي اسان وٽ معذور طبقو پوءِ کڻي ان ۾ عورت هجي يا وري مرد توڙي ٻار يا ٻڍا، سڀ جا سڀ انتهائي درجي جي احساس ڪم تري جا شڪار آهن، سندن احساس ڪم تري جو سبب کين هن معاشري ۾ گهربل مان جو نہ ملڻ، زندگي گذارڻ لاءِ ڪي ڪارڳل حڪمت عملين جو نہ هجڻ، حڪومت توڙي اعلي اختيارن طرفان کين مسلسل نظر انداز ڪرڻ جهڙا سبب سرفهرست آهن اسان جو جوڙيل هي جُڳاڙي معاشرو جهڙي ريت هڪ صحتمند ذهن رکندڙ فردن کي مختلف پيڙائُن توڙي تڪليفن مان گذاري ٿي بلڪل اهڙي ئي ريت اسان جو جوڙيل هي جُڳاڙي معاشرو معذور فردن کي بہ انتهائي اذيت ناڪ تڪليفن

ذاتين جي بنياد تي اتحادون جوڙڻ واران ڏانهن کليل خط

Image
افسوس صد افسوس انهن گروهن تي جيڪي هر ڏينهن نوان اتحاد قائم ڪن ٿا، مختلف اخبارن توڙي سوشل ميڊيا تي سنگت جن جا ٺهيل اتحاد نروار ٿي ڪري ڏسڻ وٽان ملن ٿا، جنهن تنهن کي ڏسو پنهنجي ذات جي نالي سان اتحاد جوڙيو ويٺو آهي، ادا سائين جڏهن اسين سڀ متحده طور هڪ قوم آهيون تہ پوءِ اسان کي ذاتين جي حوالي سان اتحادن جي قائم ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، اوهين ان ڳالھ کي سمجهو ڇو نہ ٿا، اسين مشترڪ طور هڪ قوم آهيون جنهن کي دنيا سنڌي قوم جي نالي سان سڃاڻي ٿي، تہ پوءِ اسان کي اتحادن جي جوڙڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، قومن جي اندر ذاتين جي بنياد تي اتحادن جو جوڙڻ سٺو سنوڻ هر گز ڪونہ آهي، اتحادون تہ اُتي قائم ٿينديون آهن جتي ڪنهن وجود کي خطرو لاحق هجي ۽ پوءِ اُهي پنهنجي نسل جي بقاءُ خاطر اتحاد جوڙيندا آهن ڀلا ڪڏهن ائين ٻڌو اٿئو تہ جهرڪين ٻين پکين جي خوف کان پنهنجي الڳ اتحاد جوڙي هجي، جهڙوڪ آل سنڌ جهرڪي اتحاد، يا ڀلا هرڻن شيهن جي خوف خاطر پنهنجي بچاءُ ۾ الڳ آل سنڌ هرڻ اتحاد قائم ڪئي هجي، يا ڳيرن بازن جي شڪار جي خوف سبب پنهنجي الڳ آل سنڌ ڳيرا اتحاد قائم ڪئي هجي، انهن پکين جي وجود کي تہ هردم خوف ۽ خطرو هوندو آهي اُهي ڪڏهن

تبديلي جي مخالفت ڪرڻ غير فطري عمل آهي

Image
جڏهن خدا تعالي هن ڪائنات کي جوڙيو تہ ان مهل خدا تعالي سندس ڪار وهنوار کي ازخد مستقل طور جاري رکڻ لاءِ ڪجھ اصول ۽ ضابطا بہ مقرر ڪيا، انهن اصولن جي پغتگي ان ڳالھ مان ئي لڳائي سگهجي ٿي تہ جڏهن بہ ڪو فرد فطرت کان هٽي ڪري ڪنهن غير فطري ڪم ڪري ٿو تہ اهو يڪدم نقصان کائي ٿو اهڙي طرح فطرت جي قانونن ۽ اصولن ۾ هڪ اعلي توڙي ادنا ۽ ڪارڳر اصول قدرت طرفان اهو بہ رکيو ويو آهي تہ هر شئي وقت جي حساب سان تبديل ٿيندي رهندي يا وري تبديلي جي خواهش پنهنجي اندر ۾ ضرور پاليندي، مطلب تہ وڻ ٽڻ، پکي پکڻ، جانور توڙي انسان وقت سان گڏجي پاڻ کي تبديلي طرف ڌڪيندا رهندا آهن هاڻ جڏهن اسان ڪنهن سان تبديلي جي ڳالھ ڪريون ۽ اُهو فرد يڪدم تبديلي جي مخالفت شروع ڪري تہ پوءِ يقين ڄاڻو اهو فرد ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، ڇو تہ ان جي پنهنجي فطرت ۾ تبديلي جو جذبو قدرتي طور سمائل آهي پوءِ اهو ڪهڙن بنيادن تي تبديلي ٿي ٿو اهو ان تي دارو مدار ڪري ٿو، يا وري اگر جي ڪو فرد تبديلي جي مخالفت ڪري ٿو يا وري تبديلي جي نظريي سان اختلاف رکي ٿو تہ کيس ياد ڏيارو تہ مٺا سائين اوهين پنهنجي ڪالھ ۽ پنهنجي اڄ کي هڪ ٻي سان ڀيٽي ڏسو اوهان کي تبديلي جي

انسانيت ڪهڙي بلا جو نالو آهي

Image
حضرت انسان جڏهن پنهنجي دل ۾ رحم، محبت ۽ احساس جهڙا نفيس جذبا پاليندو آهي تہ ان مهل کيس انسانيت جو پارکو توڙي انسانيت پسند جهڙا لقب ڏنا وڃن ٿا، سندس واکاڻ ڪئي وڃي ٿي، هر فرد کيس عزت واري نگاه سان ڏسڻ لڳندو آهي، هر ڪو ساڻس ملڻ لاءِ آتو ٿيندو آهي، آءُ هتي ڪنهن مخصوص شخص جي ڳالھ نہ پيو ڪريان، آءُ تہ هتي صرف انسانيت جا گڻ رکندڙ فرد جي ڳالھ پيو ڪريان ۽ انسانيت پسند ڪير بہ ٿي سگهي ٿو انسانيت جي عنوان تي سوچيندي ئي اهو گهمان اڪثر فردن جي ذهن تي اڀري ايندو آهي تہ انساني ڀلائي، فلاح توڙي بهبود لاءِ پاڻ پتوڙڻ کي انسانيت چئبو آهي، مڃون ٿا ڪنهن قدر انساني ڀلائي جي صنفن کي اڀارڻ جو نالو انسانيت آهي پر ان کان علاوه اسين ڪنهن بہ قيمت تي لفظ انسانيت کي محدود ڪرڻ جو حق نہ ٿا رکو انسانيت جي دائري ۾ تہ هر اهو مثبت پهلو شامل آهي جنهن پهلو ذريعي هن ڪائنات ۾ موجود هر جائدار جي ڀلائي جو سوچيو وڃي، هر پکي پکڻ، وڻ ٽڻ توڙي جيت جڙي جو خيال رکيو وڃي، هر ان جاندار جو ايترو خيال رکيو وڃي جيترو انسان ذات جي ڀلائي خاطر سندس خيال رکيو ويندو آهي اسان وٽ تہ انساني حقوق ئي ڪنهن حد تائين دٻيل ۽ گم شده نظر اچن ٿا پ

عطــائــي ماســتـــر

Image
اوهان لفظ ” عطائي ڊاڪٽر “ تہ ضرور ٻڌو هوندو ڇو تہ هر هڪ شهر ۾ ڪجھ نہ ڪجھ تعداد ۾ عطائي ڊاڪٽر دستياب هوندا آهن يا وري نمودار ٿيندا آهن عطائي معني بنا ڊگري وارو، يا کڻي ائين چئجي تہ هٿ ٺوڪيو، جڳاڙي، سنئون سڌو ائين تہ ٻہ ڏينهن ڪو ڪم سکي ڪري، بنا ڪنهن قانوني گُهرجن، بنا ڪنهن سرٽيفيڪٽ جي اهو سکيل ڪم ڪرڻ جي شروعات ڪري تہ پاڻ ان کي عطائي لفظ جي خطاب سان نوازينداسين پاڻ هتي ڳالھ ڪنداسين هڪ نئي گروھ جي جيڪي عطائي ڊاڪٽرن کان پوءَ اُڀري ڪري عطائي ماستر جو خطاب حاصل ڪري چڪا آهن ادا عطائي ماستر اُنهن کي چئبو آهي جيڪي بنا ڪنهن پروفيشنل ڊگري جي ڪجھ ڏوڪڙن عيوض ڪنهن خانگي اداري ۾ پڙهائن، ڀلي پاڻ انهن کي ڪجھ اچي يا نہ اچي پر انهن جي ڪلهن تي قوم کي سڌارڻ جو ذمو جو عائد ٿيل هوندو آهي انهن عطائي ماسترن لفظ استاد جي جيتري قدر هن معاشري ۾ تذليل ڪرائي آهي ايترو شايد ڪنهن ٻي گروھ لفظ استاد جي تذليل ناهي ڪرائي، عطائي استاد ويچارا اڪثر پاڻ مئٽرڪ يا انٽر پاس هوندا آهن، پر پڙهائيندا وري سيڪنڊري ۽ هائر سيڪنڊري جي ڪلاسن کي آهن حالانڪ سيڪنڊري ۽ هائر سيڪنڊري جي شاگردن کي پڙهائڻ لاءَ هڪ مڪمل تربيت يافتہ ۽

باشـعور ۽ لاشـعور فــردن ۾ فــرق

Image
اسان جي معاشري ۾ عمومن طور تي علم، عقل توڙي ڏاهپ جي جاءَ تي لفظ باشعور ۽ لاشعور کي استعمال ڪيو ويندو آهي، پڙهيل لکيل فردن ڏانهن باشعور لفظ ۽ اڻ پڙهيل حضرات ڏانهن لفظ لاشعور کي منسوب ڪيو ويندو آهي، جنهن مان اهو تاثر چٽو پيدا ٿيندو آهي تہ اڻ پڙهيل فرد ڪڏهن بہ ڪنهن بہ صورت ۾ باشعور نہ ٿو ٿي سگهي ۽ وري پڙهيل لکيل فرد هر حالتن توڙي صورتن ۾ باشعور ئي آهي ۽ رهندو حالانڪ، ائين قطعي ڪو نہ آهي، لفظ شعور کي اگر جي سولن ۽ سادن لفظن ۾ بيان ڪجي تہ پوءَ ائين کڻي چئي سگهجي ٿو تہ” هر هڪ بري ڀلي عمل جي تميز توڙي سڃاڻ ڪرڻ ۽ پنهنجي جائز حقن جي ڄاڻ توڙي پرک رکڻ کي شعور چئي سگهجي ٿو“، ان کان علاوه شعور جون ٻيون بہ ڪافي ساريون وصفون آهن شعوري فرد بڻجڻ لاءَ تعليم هڪ بهترين توڙي بنيادي ڏاڪو آهي ڇو تہ تعليم سان فرد کي مخلتف جڳهن، ملڪن، شهرن توڙي قومن جي رهڻي ڪهڻي توڙي حالتن جي سُڌ پوي ٿي جنهن جي آڌار تي اهو فرد ان قوم، شهر يا ملڪ بابت ڪا بہ راءَ جوڙي سگهي ٿو وري ان جي برعڪس ڪنهن فرد جي لاشعور هجڻ لاءَ اهي حدون مقرر ڪرڻ بہ ڪنهن حساب سان بهتر نہ آهن، شعور عمومن طور تي ماڻهو جي پنهنجي زندگي جي جاگوڙ واري

واڄـــٽ ڪــن وڻجــار

Image
مزاحمت ڪجي يا وري نئي حڪمت عملي جوڙجي، مسئلن تي ڳالهائجي يا ان جي برعڪس سندن حل تلاش ڪيا وڃن، توهان ڇا ٿا سمجهو، هن اڄڪلھ واري صورت حال تي ٽيڪا ٽپڻي ڪجي يا وري تجويزون ۽ صلاحون پيش ڪجن، جن تي عمل پيرا ٿي ڪري من ڪا ڀلائي نصيب ٿي هن درد وندي ديس جي ماروئڙن کي اسان وٽ هر ماڻهو اديب، هر ماڻهو ليکڪ، هر ماڻهو شاعر، هر ماڻهو شعوري فرد، پر پوءَ بہ مسئلا حل ٿيڻ جي بجاءَ وڌندا ٿا وڃن، ڪڏهن سوچيو اٿئو، اصل سبب ڇا آهي، بنيادي ڪارڻ ڇا آهي، آخر ائين ڇو آهي، مسئلن جا نوا رڪاڊ هر روز ڇو قائم ٿيندا ٿا وڃن ڪير سوچي، ڪير لوچي هن قوم لاءَ، هن قوم کان تہ سوچڻ واري سگھ بہ کسي وئي آهي، سندن ذهنن کي مفلوج بڻائي ڪري کين صدين تائين غلامي واري طوق ۾ بند ڪري رکيو ويو آهي، آخر کين سوچڻ بہ ڇو ڏنو وڃي، ڪهڙا ڪم يا منصوبا سندن منشا مطابق طئي ڪيا وڃن ٿا جو کين اهميت ڏني وڃي بادشاهي برقرار رهي، ڏاڍ جبر توڙي هڪ هٽي پائده باد رهي، عوام جي لاءَ حد اِها مقرر ٿيل آهي جو کين وقت آهر استعمال ڪري اليڪشن مهل وڏا واڪا ڪرائبا، جلسا جلوس ڪرائبا، کين پولنگ اسٽيشنن ۾ هڪ ٻي سان گرما گرمي ڪرائي مڙئي ميلو متل رکبو، هنن کان وقت

ڪــــــــتـاب ڇــــــــو پـــڙهجـــــن

Image
جڏهن ڪنهن بہ محفل ۾ ڳالھ نڪري ٿي ڪتاب پڙهڻ جي تہ يڪدم اسان جو سڄي جو سڄو سارو خيال، سڄو فڪر، سڄي سوچ ان ڳالھ ڪندڙ فرد ڏانهن مرڪوز ٿي وڃي ٿي جيڪو فرد ڪتاب پڙهڻ جي ڳالھ ڪري ٿو، ڪتابن سان لڳاءَ رکڻ بلڪل ائين آهي جئين ڪنهن شئي جو عادي ٿي وڃڻ، قدرت واري انسان ۾ بنيادي طور سکڻ ۽ سيکارڻ جو ٻئي مهارتون ترتيب ڏنيون آهن، هر هڪ انسان ۾ هر وقت ڪجھ نہ ڪجھ سکڻ جو جذبو موجود هوندو آهي وري ان سکيل ڪم کي ٻي کي سيکارڻ واري صلاحيت بہ موجود هوندي آهي اوهان پوري دنيا جي اندر رهندڙ ماڻهن جو مشاهدو ڪري ڏسو، ڀلي پوءَ اُهي مرد هجن، چاهي عورت، ٻاهرين ملڪن ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي هوندي سوندي بہ اُتان جا ماڻهو ڪتابن جي مطالعي ڪرڻ جا بي حد شوقين آهن، تقريبن هر هڪ فرد جي گهر ۾ ننڍڙي لائبريري قائم ٿيل هوندي آهي، جنهن ۾ اهو فرد واندڪائي واري وقت ۾ ڪجھ پڙهي وٺندو آهي، اهڙي طرح دنيا جي جديد ٿيڻ سان سندن ڪتابن پڙهڻ واري عادت ۾ گهٽتائي اچڻ بدران، واڌ ٿي آهي، جيتوڻيڪ ٽيڪنالاجي تمام ٿوري عرصي ۾ دنيا کي پنهنجي گرفت ۾ آڻي چڪو آهي پر ان جي باوجود ڪتابن سان سينو سهائي نہ سگهيو آهي ان ڳالھ ۾ ڪو شڪ نہ آهي تہ ڏاهپ ۾ واڌارو هميش

سياست ۽ شعور جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو

Image
سوشل ميڊيا جي ظهور ٿيڻ کان پوءَ اسان جي معاشري جو هر هڪ فرد هن مهل قلم ڌڻي لڳو پيو آهي، سوشل ميڊيا جو اگر جائزو وٺجي ٿو تہ اهو معلوم ٿي ٿو تہ هر فرد ڪجھ نہ ڪجھ لکڻ جو ڏاءُ رکي ٿو ۽ سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ عمومن فرد ڪجھ نہ ڪجھ لکندا رهندا آهن يا وري سوشل ميڊيا وسيلي ٻين جون تحريرون پڙهندا رهندا آهن هاڻ جڏهن سوشل ميڊيا وسيلي لکڻ توڙي پڙهڻ جو رهجان اڳ کان وڌيڪ نمايا ٿي ويو آهي پر ان جي باوجود بہ اسان جي معاشري جا اڪثر فرد سنڌ ڌرتي جي ڀلي خاطر پنهنجو ڪردار ادا ڇو نہ ٿا ڪن، هر روز سيڪڊن ۾ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ کان باخبر ٿيندي بہ تحرڪ ڇو نہ ٿا وٺن، اڃا تائين سندس اِها ڪن لاٽار ڪهڙي لاپرواهي واري ظمري ۾ شمار ڪجي، ڇا اڃا شعور جي ڪمي آهي؟، ڇا اڃا تائين اسان جو سماج بالغ پڻي کان پٺتي پيل آهي؟، ڇا اسان ايترا لاغرص ۽ لاپرواھ بڻجي چڪا آهيون جو پنهنجي ڌرتي ڌڻين جي اهجن، دردن ۽ تڪليفن تي اسان کي ڪو ايذاءَ نہ ٿو اچي آخر سبب ڇا آهي، ڪٿي ائين تہ ناهي جو اسان اڄ تائين سوشل ميڊيا کي مثبت نموني استعمال ڪرڻ جو گُر ئي ناهي سکيو، ڪٿي ائين تہ ناهي جو اسان کي سوشل ميڊيا جو صحي استعمال سيکاريو ئي ناهي ويو، ڪٿي