Posts

Showing posts from August, 2019

اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ ڪڏهن پوري ٿيندي

Image
سنڌ ۾ هن وقت انيڪ معاملا اهڙا آهن جيڪي ڌيان طلب آهن. انهن ۾ جيڪي معاملا سرفهرست آهن انهن ۾ صحت، تعليم ۽ زراعت ڌيان طلب آهن. هنن ٽنهي شعبن ۾ جدت سان گڏ نواڻ به گهربل آهي. ڇو ته هنن شعبن سان عام ماڻهو جو روز مره جي حساب سان واسطو پئي ٿو. صحت جي سهولتن جي اڻاٺ سبب وبائي بيماريون پيدا ٿيڻ شروع ٿين ٿيون. زراعت جي شعبي ۾ اڳڀرائي نه هجڻ سبب هارين کي پنهنجي اُپت جو حصو پتي مڪمل طور تي نه ٿو ملي ۽ ان سان گڏوگڏ وري تعليم جي شعبي ۾ غيرسنجيدگي ۽ روايت پسندي سبب نئي ٽهي ۾ مقابلي جو جهان پيدا نه ٿو ٿئي ۽ نه ئي قابل توڙي باصلاحيت ماڻهو اڳتي اچن ٿا. جنهن جو سمورو نقصان اجتماعي طور پوري قوم جي حصي ۾ اچي ٿو. سُڌريل ملڪن ۾ هنن ٽنهي بنيادي شعبن جي سڌاري لاءِ حڪومتي سطع تي اعلي قدم کنيا وڃن ٿا ۽ هڪ سنڌ آهي جتي حڪمران طبقو صرف پنهنجي پيٽ پورائي خاطر ادارن کي تباھ ڪندا رهن ٿا. تعليم کاتي جي هاڻوڪي صورتحال تي جڏهن ويچار ڪجي ٿو ته هر هڪ  باشعور فرد کي دلي صدمو رسي ٿو. حڪومتي لاغرصي سبب هن وقت سنڌ اندر هزارين اهڙا اسڪول آهن جن ۾ بنيادي سهولتن جي اڻاٺ آهي. ڪٿي ته اسڪول مورڳو مال جا واڙا لڳا پيا آهن. جي